ڊراپ باڪس ڪلائوڊ اسٽوريج تي پنهنجو کاتو بڻايو ۽ پبلڪ فولڊر فعال ڪندي مواد شيئر ڪريو

'ويب سائيٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    گوگل ڊرائيو جي مشهوري باوجود ڊراپ باڪس جي ڪجهه بهتر فيچرس ڪري (جهڙوڪ ڊائريڪٽ لنڪ ڏيڻ جي سهولت ڪري) سندس اهميت گهٽي ناهي... پر جيسين دوستن کي ان جي استعمال جي درست طريقي ڪار جي خبر نه هوندي اهي بهتر فائدو حاصل نه ڪري سگهندا..
    هتي توهان کي ڊراپ باڪس تي رجسٽريشن حاصل ڪرڻ، پبلڪ فولڊر کي (جيڪو باءِ ڊيفالٽ غير فعال هوندو آهي) فعال بنائڻ ۽ پنهنجي اپلوڊ ڪيل مواد جو ڊائريڪٽ لنڪ حاصل ڪرڻ سيکارجي ٿو...
    رجسٽريشن حاصل ڪرڻ
    پنهنجو کاتو بنائڻ لاءِ www.dropbox.com اچو ۽ سائين اپ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو... توهان اڳيان هڪ مختصر فارم کلي ايندو... ضروري معلومات مڪمل ڪريو، لائسنس معاهدي کي چيڪ لڳايو ۽ ڪريئيٽ اڪائونٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو...


    [​IMG]

    رجسٽريشن مڪمل ٿيڻ تي پاڻ مرادو توهان کي ڊراپ باڪس سافٽويئر انسٽال ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو پر جيڪڏهن توهان چاهيو ته سافٽويئر بجاءِ سڌو سئون ڊراپ باڪس سائيٽ تي ئي رهي ڪندي مواد اپلوڊ ڪري سگهو ٿا.. ان لاءِ کليل صفحي تان ڊراپ باڪس آئڪان تي ڪلڪ ڪريو...

    [​IMG]

    هاڻي توهان کي گهرجي ته جيڪو مواد توهان کي شيئر ڪرڻو آهي ان کي اسٽور ڪرڻ لاءِ پبلڪ فولڊر فعال بڻايو جيڪو باءِ ڊيفالٽ غير فعال هوندو آهي... ان کي فعال بنائڻ لاءِ هيٺين لنڪ تي اچو


    پر هي ڇا توهان ته هڪ ضروري ڪم وساري ويٺا آهيو ... جي ها توهان کي گهربو هو ته پنهنجي ڊراپ باڪس کاتي کي پنهنجي اي ميل تي وڃي ويريفائي ڪريو... نه ڪرڻ جي صورت ۾ توهان کي کاتو ويريفائي ڪرڻ لاءِ چيو ويندو...

    [​IMG]

    کلندڙ پاپ اپ مان Send email بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنهنجي اي ميل ڏانهن ويريفڪيشن لنڪ موڪليو .. اهو ان لاءِ به ضروري آهي ته اڳتي هلي توهان کي مواد شيئر به ڪرڻو پوندو جنهن لاءِ پڻ کاتو ويريفاءِ ڪرڻ ضروري آهي.. ان لاءِ پنهنجي ڏنل اي ميل کوليو ۽ ڊراپ باڪس طرفان آيل اي ميل کولي کاتو ويريفائي ڪرڻ لاءِ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو..
    جنهن کان پوءِ مٿي ڏسيل لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان اڳيان پبلڪ فولڊر کي فعال بنائڻ لاءِ اجازت گهري ويندي ... توهان Enable Public Folder بٽڻ تي ڪلڪ ڪري کاتو فعال بڻايو...

    [​IMG]
    جنهن کان پوءِ پبلڪ فولڊر کي ڪاميابي سان فعال ڪرڻ جو پيغام توهان آڏو ظاهر ٿيندو...

    [​IMG]


    هاڻي پبلڪ فولڊر ۾ رهي ڪري توهان مٿان ٽولبار مان فائيل اپلوڊ ڪندڙ آئڪان تي ڪلڪ ڪريو...

    [​IMG]


    توهان اڳيان هڪ ننڍي پاپ اپ کلندي .. جنهن ۾ فائيل چونڊڻ لاءِ پڇيو ويندو...
    [​IMG]

    پنهنجي ڪمپيوٽر مان ڪابه فائيل چونڊيو ... جيڪا چونڊجندي ئي اپلوڊ ٿيڻ شروع ٿيندي ... ۽ ڏسندي ڏسندي توهان اڳيان Done بٽڻ ظاهر ٿيندو... جنهن تي ڪلڪ ڪندي واپس پبلڪ فولڊر تي پهچي اپلوڊ ٿيل فائيل جي موجودگي جي تصديق ڪريو...
    [​IMG]


    هاڻي پنهنجي اپلوڊ ڪيل فائيل کي چونڊيو ۽ ٽولبار مان Copy public link بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو...
    [​IMG]

    هڪ دفعو وري توهان اڳيان پاپ اپ کلندي جتان Copy to clipboard بٽڻ کي پريس ڪندي توهان لنڪ ڪاپي ڪري وٺندو جيڪو دوستن سان شيئر ڪرڻ لاءِ سنڌ سلامت فورم، فيس بوڪ يا اي ميل ۾ پيسٽ ڪندي موڪلي سگهجي ٿو...
    [​IMG]

    هن سموري عمل کي وڌيڪ بهتر سمجهڻ لاءِ هتي وڊيو به لڳائجي ٿي...

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ڪم ... هيٺين تصوير اتي ئي اپلوڊ ڪئي اٿم

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو