هن دؤر جي دلين ۾ محبت پوکيو ڪيڏي سٺي چوڻي آهي “زندگي ته تمام ٿورڙي آهي پِيار ڪرڻ لاءِ، پر......! مون کي خبر ناهي ته ماڻهون نفرت لاءِ ٽائيم ڪيئن ڪڍن ٿا” .. هن مصروف ماحول ۾ جتي ڪير ڪنهن جي مجبورين ، لاچارين، پريشانين، تڪليفن کان اڻ واقف هجي اتي ڪنهن سان ڪا ڀلائي جي اميد،توقع ٻٻر کان ٻير گهرڻ برابر هوندي آهي انسان اشرف المخلوقات جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو پر هن سماج ۾ اڄ صرف انسان جي مٿان اِهو لقب ئي رهيو آهي هن ڪنڊن ڀريل سنسار ۾ انسان صرف جاندارن جيان هڪ مخلوقات آهي باقي اشرف جو لفظ انسان تي سونهي ئي نٿو ڇو ته هلندڙ وقت ۾ انسان ايترو ته مغرور ۾ مصروف ٿي ويو جو ڪنهن به انسان جي درد، ڏک،غم تڪليف جو علم هوندي به سندس کان پاڻ کي لا تعلق ۽ لا علم ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، محبت هڪ اهڙو جذبو آهي جيڪو هر جاندار جي وجود ۾ سمايل آهي ۽ محبت کان علاوه هي وايو منڊل هلڻ ممڪن ئي ناهي، پر پوءِ به هتي نفرتن جي وبا پکڙجي رهي آهي، افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اِها وبا جيڪا انسان جي وجود ۾ناسور جيان پکڙجي رهي آهي انهيء کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوشش، جدوجهد نه ٿي رهي آهي زندگي انسان کي هڪ دفعي لاءِ ئي عطا ڪئي ويئي آهي پوءِ ڇو ان جو ناجائز فائدو ورتو پيو وڃي..؟ انسان پاڻ کي ۽ پنهجي مفاد کي بالاتر سمجهي ٿو دراصل اها ئي ان جي غلط سوچ ۽ نفرتن جي جَڙ آهي ۽ اها ئي سوچ دورين ۽ لاتعلقي جي زهر کي ڦهلائي رهي آهي يقينن نفرت ئي محبت جي مٺاس کي وڻ ويڙهي جيان نست و نابوت ڪندي آهي، پاڻ کي بهترين انسان بڻايو ان لاءِ بهترين سوچ،عقل و شعور جي ضرورت آهي هر انسان کي محبت ۽ احترام جي نظر سان ڏسڻ محبت جي پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿو اگر محبت من ۾ سمائجي وڃي ته هي ماحول سهڻو نظر ايندو آهي هر شيءِ ۾ چمڪ ڍمڪ جو منظر سمائجي ويندو آهي انسان پاڻ کي بلڪل مطمعن ۽ مڪمل سمجهندو آهي ٻئي جي غم ، تڪليف، ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ سان چاهت، راحت ۽ فرحت محسوس ٿيندي آهي انسان جو نالو نه وڪڻو انسان اشرف آهي انهيء اشرافت جو نالو نه وڪڻو محبت جو ماحول پيدا ڪيو انهيء سان دشمني به دوستي ۾ تبديل ٿيڻ لڳندي آهي ڪينو ۽ ڪسرت انسان جي من اندر مانڌاڻ پيدا ڪندي آهي ان حالت ۾ انسان کي هڪ اها جلن و تبش پيدا ٿيندي آهي جيڪا ان کي اڏهي جيان اندر ئي اندر ساڙي ڳاري ختم ڪري ڇڏيندي آهي نتيجي ۾ اهو پنهنجي موت پاڻ مري ويندو آهي ان جي اندر ۾ انسانيت نه پر حيوانيت جا آثار نظر ايندا آهن اهي نفرتن جا ٽوهه ٽوڙي محبت جي روشني کي ڦهلايو اهو ئي انسانيت جو معراج آهي زندگي پنهنجي لاءِ ڀلي گذاريو پر ان ۾ ٻين جو شريڪ هجڻ اوهان جي ڪاميابي ۽ ڪامراني جو سبب بڻجي سگهي ٿو ٻين جي جذبن جو احترام ڪرڻ اوهان جو انساني فرض آهي هڪٻئي سان خلوص و محبت هجڻ زندگي سان گڏ بندگي پڻ آهي پيار، محبت اخلاص هر انسان جو ٻئي انسان لاءِ هجڻ لازمي آهي ان سان انسان فرشتن جي مثل بنجي ويندو آهي، پنهنجي گفتگو شگفته بيان ڪيو نظر ۾ نينهن جو نشو هجڻ، لبن تي مسڪراهٽن جا گل پکيرڻ سان دنيا اوهان لاءِ جنت جو نظارو محسوس ٿيندي پنهجن مفادن خاطر ٻئي جي اميدن جو پائمال ڪرڻ حقيقت ۾ ناانصافي سان گڏ انسانيت جي تذليل به آهي ڪنهن جا لڙڪ زمين تي ڪِرڻ کان اڳ اوهان پنهنجي دامن ۾ جذب ڪرڻ سان اوهان جي دل جا گبار ڍوپجي ويندا ۽ اوهان جي دل کي راحت محسوس ٿيندي نتيجي ۾ پيار، محبت، اخلاص، ايڪي، اتحاد جا نوان ناتا جنم وٺندا، جيئن ماکيءَ جي قدرتي مٺاس انسان جي اندر سوين بيمارين جي شفا آهي بلڪل هوبهو مرڪي ملڻ به انسان جي اندر ۾ بهار جا رنگ کڻي ايندي آهي انسان جي اندر ۾ محبت ۽ چاهت جي خوشبو اڀرندي آهي واسطن کي چاهتن سان مضبوط ڪيو پيار جي اظهار سان دل جا بار هلڪا ٿي پوندا آهن هڪٻئي سان پيار جو اظهار ڪيو هي دنيا، هي دولت، هي زندگي، سڀ ڪجهه آرضي آهن ان کي نفرتن جي باهه سان ختم نه ڪيو پر محبت جي آلاپن سان بسر ڪيو جيئن اوهان دنيا جي باغ مان رخصت ٿيوته اوهان وري به زندهه هجو بس جسماني طرح سان ڪنهن کا دور هجو ته روح ۾ هميشه زندهه هجو روح ۾ زندهه هجڻ سان قيامت تائين انسان جي دلين ۾ سمايل هوندؤ ٻين لفظن ۾ سٺي طبيعت، اخلاص ،سليڪي وارا انسان هميشه زندهه رهندا آهن سٺي سوچ انهن جي سڃاڻ بڻجي ويندي آهي پاڻ کي هن معاشري ۾ مثالي انسان بڻايو جيئن اوهان جي غير موجودگي ۾ اوهان جي تذڪري سان اوهان جي غير موجودگي جو احساس ٿين لڳي اهو سڀ ڪجهه ممڪن آهي نڪي ڪو ڏکيو ڪم آهي بس ان لاءِ پيدا ڪرڻي آهي ته صرف محبت...! محبت جي نالي وٺڻ سان ٻه چپ پاڻ ۾ ملن ٿا ۽ ٻن چپن جو ملڻ پيار جي عڪاسي ڪري ٿو، زندگي کي عارضي سمجهي دلين ۾ گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيو ۽ دل هڪ اهڙو گهر آهي جنهن جي اندر وڃڻ جا دروازا ته کوڙ سارا آهن پر ان مان ٻاهر نڪرڻ جو ڪوبه دروازو نه آهي دلين ۾ جڳهه پيدا ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي ان لاءِ صرف سٺي سليقي، سٺي اندار، مسڪراهٽ ۽ خلوص جي ضرورت هوندي آهي، چاهت کي عادت بڻايو نفرت کان نفرت ڪريو ائين ئي محبت جو ماحول پيدا ٿيندو آهي پنهنجي انا کي نظرانداز ڪريو برداشت جو مادو پيدا ڪريو برداشت جو مادو پيدا ڪرڻ لاءِ صبر کان ڪم وٺو صبر و تحمل اوهان جي شخصيت کي نرم و نازڪ ڪندو ۽ اوهان هڪ لاجواب انسان جي مثل ٻئي جي سامهون بي مثال انسان ثابت ٿيندو، اوهان جي محبت،شفقت،رويي جا مثال اگر ٻين تائين پهچن ته اوهان انمول ٿي پوندؤ ۽ ائين هر شخص اوهان سان ملڻ لاءِ بي تاب و بيچين هوندو.هي زندگي جيڪا رب العالمين عطا ڪئي آهي، صرف هڪ دفعي لاءِ عطا ڪئي ويئي آهي ان کي بهترين طريقي سان گذارڻ لاءِ اتحاد،ايڪو،محبت،پيار،اخلاص،بهترين رويو ضروري آهي. پنهنجو پاڻ کي ماکيءَ جي مک جيان بڻايو جيڪا انسان لاءِ سوين بيمارين جو علاج بنجي ٿي يا وري ان وڻ جيان جيڪو سج جي تپش کي روڪي ان جي هيٺان ويهڻ واري کي ٿڏي ڇانو بخشي ٿو. براءِ ڪَرم هن نفرت ڀريل ماحول کي محبت ۾ تبديل ڪري انسان جي نالي کي حيوانيت جي لقب کان بچايو جيڪو اسان ۽ اوهان جو اخلاقي ۽ سماجي فرض به بنجي ٿو،انسان اشرف المخلوقات آهي انهيءَ کي مدِنظر رکي ماحول کي محبت سان مهڪايو. بس...! هن دؤر جي دلين ۾ محبت پوکيو. اچو ته وچن ورجايون ته پيار،محبت،ايڪي اتحاد کي ڍال بڻائي سڄي دنيا ۾ امن جو سج روشن ڪري، ماحول کي محبت سان مهڪايون. راشد حسين ميمڻ سيوهڻ شريف
اچو ته وچن ورجايون ته پيار،محبت،ايڪي اتحاد کي ڍال بڻائي سڄي دنيا ۾ امن جو سج روشن ڪري، ماحول کي محبت سان مهڪايون. محبت واريون لکڻيون وڻنديون اٿم جو اڄڪلهه نفرتن واري ماحول ۾ پيا پلجون .... اوهان جي اتساهه جهڙي لکڻي آهي. جس هجي اوهان کي. سدا خوش هجو