• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي ڪمپيوٽر مان ڊپليڪيٽ تصويرن جو خاتمو ۔۔۔ انتهائي آسان۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اڪثر اسان پنهنجي قيمتي تصويرن کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڀالي رکڻ لاءِ وري وري مختلف ڊرائيوز ۾ رکندا آهيون۔۔۔ انهي ڊپ کان انهن تصويرن کي ڊيليٽ به نه ڪندا آهيو ته يادگار تصوير متان ٻي ڊرائيو ۾ نه هجي۔۔۔ پر هاڻي توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود ڊپليڪيٽ تصويرن کي آساني سان سان ڳولا ڪري ختم ڪري پنهنجي هارڊ ڊسڪ جو قيمتي اسپيس بچائي سگهو ٿا۔۔۔
هوئن ته توهان اهڙي مقصد لاءِ بٽ فائينڊرپريميٽو فائينڊر جهڙا سافٽويئر ته ٻڌا هوندا پر اڄ مان توهان لاءِ کڻي آهيو آهيان۔۔۔ AntiDupl.NET .۔۔

duplicate.jpg

جنهن کي هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو ۽ پوءِ انسٽال ڪريو۔۔۔ جنهن کان پوءِ پروگرام جي انٽرفيس تان ‘Search’ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔ توهان ڏسندو ته توهان جي اڳيان هڪجهڙين تصويرن جي لسٽ نظر ايندي۔۔۔ هاڻي توهان پنهنجي پسند جي لوڪيشن ڇڏي ڪري ٻي لوڪيشن تي موجود تصويرن کي هڪ جهٽڪي سان ڊيليٽ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔

ياد رهي ته هن سافٽويئر کي انسٽال ڪرڻ لاءِ توهان جي ڪمپيوٽر ۾ فريم ورڪ جي ليٽيسٽ ورجن جو انسٽال هجڻ ضروري آهي۔۔۔
 
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر مان ڊپليڪيٽ تصويرن جو خاتمو ۔۔۔ انتهائي آسان۔۔

سائين تمام بهترين سافٽوئير آهي اوهان جي مهرباني۔
 
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر مان ڊپليڪيٽ تصويرن جو خاتمو ۔۔۔ انتهائي آسان۔۔

بهترين شيئرنگ آهي ادا

تمام سٺي پوسٽ آهي توهان جي

سدائين گڏ
 
Back
Top