بحري جهاز وسيلي حج ڪرڻ وارا ڏينهن واپس اچي ويا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ راشد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2014۔

  1. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    [​IMG]

    بحري جهاز وسيلي حج ڪرڻ وارا ڏينهن واپس اچي ويا

    بحري جهاز وسيلي اوهان صرف 6 ڏينهن ۾ سعودي عرب پهچي سگهو ٿا، ان مقصد لا پاڪستان جي وزارت پورٽس اينڊ شپنگ تيز ترين بحري جهاز حاصل ڪري رهي رهي آهي. اهڙا سمورا پاڪستاني شهرين لا جيڪي سفر حج تي لکين رپيا خرچ ڪرڻ سگهه نه آهي، انهن لا خوشي جي خبر آهي ته هاڻي صرف 25 کان 30 هزار رپين تائين خرچ تي حج جي سعادت حاصل ڪري سگهندا، پر انهن حاجين کي هوائي سفر ڪرڻ بجا بحري جهاز ذريعي سفر ڪرڻو پوندو.

    وفاقي وزير پورٽس اينڊس شپنگ ڪامران مائيڪل جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ميان محمد نوازشريف پاران منظوري کانپو ايندڙ سال يعني 2015ع جي حج سيزن ۾ ان منصوبي جي شروعات ٿي ويندي.

    ”ايڪسپريس“ ۽ ”ٽربيون“ وفاقي وزير جي حوالي سان رپورٽ ڏني آهي ته ان منصوبي سان سڀ کان وڌيڪ فائدو غريبن ۽ گهٽ آمدني واري طبقي کي ٿيندو، ڇو ته هن وقت حج تي ساڍن ٽن کان چار لک رپين تائين خرچ اچي پر بحري جهاز وسيلي صرف 25 کان 30 هزار رپين خرچ ايندو، جڏهن ته ان ۾ کائڻ پيئڻ جو خرچ به شامل آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 فيبروري 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    ادا بهترين خبر آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو به ڀلو .... ان سبب غريب ماڻهو پهچي سگهندا ... پر يار ماڻهو هوائي جهاز ذريعي ٽن ڪلاڪ ۾ پهچي وڃي ٿو
     
  4. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اهو ٽن ڪلاڪن وارو هوائي سفر لئه به ته 3 لک غريب غربو ڪٿان آڻي، 6 ڏينهن جي سفر واري تڪليف برداشت ڪرڻي پوندي غريبن کي...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو