مست
سينيئر رڪن
سمارٽ فون ٺاهڻ واري مشهور ڪمپني سامسنگ پنهنجي گيلڪسي سيريز جو ايس فائيو (Galaxy S5) مارڪيٽ ۾ رليز ڪري ڇڏيو آهي.
سام سنگ اينٽرپرائيز انفارميشن ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ وڏو مقام رکي ٿي، پوري دنيا ۾ تيار ٿيندڙ موبائل فونن ۾ 30 سيڪڙو موبائل فون سندس طرفان تيار ڪيا وڃن ٿا. اها تعداد سندس ويجهي ۾ ويجهي مقابلو ڪندڙ ڪمپني ”ايپل“ جي مقابلي ۾ تقريبن ٻيڻي آهي.
هن سيٽ جي پويان لڳل سينسر تي آڱر رکي پنهنجي دل جي ڌڙڪڻ (Pulse Rate) ڄاڻي سگهجي ٿي. اسڪرين سائيز 5.1 انچ آهي جيڪا ايس 4 جي مقابلي ۾ ٿوڙي وڏي آهي. 16 ميگا پگزل جي ڪئميرا ايس 4 جي 12 ميگا پگزل جي مقابلي ۾ بهتر آهي، بّظاهر نوڪيا ۽ آءِ فون جي سمارٽ فون سان مقابلي لاءِ سامسنگ هن ڀيري ڪئميرا جي معيار کي بهتر بڻايو آهي.
ايس5 جي هوم بٽڻ ۾ فنگر پرنٽ اسڪينر جي لاءِ سينسر جي سهولت پڻ آهي، جنهن جي مدد سان اوهان جي فنگر پرنٽ کي سڃاڻيندي فون لاڪ يا اَن لاڪ ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي فيچر جي مدد سان اوهان جي اهم ڊاڪومينٽس کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو يا موبائل غلط هٿن ۾ وڃڻ بعد به ڊاڪومنٽس غلط هٿن ۾ نه وينديون.
اهڙي طرح جيڪڏهن اوهان سفر ۾ آهيو يا تڪڙي چارجنگ ڪرڻ مشڪل آهي ته ”ايڪسٽريم بيٽري سيونگ موڊ“ کي ايڪٽو ڪرڻ سان موبائل جي اسڪرين بليڪ اينڊ وائٽ ٿي ويندي ۽ اوهان جي موبائل جون صرف 6 اهم ترين ايپليڪشن هلنديون ۽ سيٽ جا باقي فيچر بلاڪ رهندا جيئن بيٽري بچيل رهي.“
اسپين جي شهر بارسلونا ۾ 24 فيبروري کان ”موبائل ميلو“ شروع ٿيو آهي جيڪو 27 فيبروري تائين جاري رهندو. هن ۾ مختلف ڪمپنيون پنهنجي پراڊڪٽس کي متعارف ڪرائينديون. هن ميلي جي پهرئين ڏينهن سام سنگ پنهنجي سمارٽ فون سان گڏ ٻانهن تي واچ وانگر ٻڌجندڙ ٻه 2 ڪمپيوٽر پڻ متعارف ڪرايا آهن، جيڪي صحت جي حوالي سان اهم سمجهيو پيا وڃن.اهم خاصيتون:
هن سيٽ ۾ اپڊيٽ ڪيل فيچرز سان گڏ ٻه خاص سهولتن واريون ايپليڪشنز ڏنيون ويون آهن، هڪ دل جي ڌڙڪڻ جي معلومات ڏيندڙ ايپليڪشن ۽ ٻي فنگر پرنٽ ايپليڪشن ۽ ان سان گڏ هي ڊسٽ ۽ واٽر پروف پڻ آهي.
اسڪرين سائز 5.1 انچ،
ڪئميرا 16 ميگا پگزل
بيٽري جي بچت لاءِ ”ايڪسٽريم بيٽري سيونگ موڊ“