هن فورم تي ڪافي وقت کان مواد پڙهندو پئي آيس ۽ ڄاڻ ملندي رهي. رُڪن ٿيڻ جو فرض به پورو ڪيم پر سستي سبب هن فورم تي پنهنجي پاران ڪُجهه لکيو نه ٿيو. دوست عبدالحفيظ لغاري جي زور ڀرڻ تي اڄ پهريون ڀيرو اوهان سان سلامي ٿيو آهيان. ڪوشش ڪندس ته پنهنجي پاران ڪُجهه هتي لکندو رهان. خوش هُجو!
محترم علي حسن ڀاء ڀلي ڪري آيا محترم عبدالحفيظ اسان جو پيارو دوست آهي هت سڄي سنگت پنهنجي آهي اميد ته توهان کي هت پنهنجائپ محسوس ٿيندي. اسان توهان کي ڀلي ڪار چئون ٿا.
محترم علي حسن چانڍيو صاحب کي سنڌ سلامت اچڻ تي دل سان ڀليڪار ڪجي ٿو اميد ته پنهنجي نڪور لکڻين سان هن فورم جي سونهن ۾ اظافو ڪندو ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري جي سنڌ سلامت لاء هر ڪوشش لاجواب
محترم ڀا علي حسن چانڊيو صاحب کي دل جي گهراين سان ڀليڪار . عبدالحفيظ لغاري صاحب جي ڇا ڳالھ ڪجي ، پاڻ هميشه سنڌ سلامت لاءِ جاکوڙيندا رهندا آهن
محترم علي حسن چانڊيو صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ڪجي ٿي. سائين علي حسن چانڊيو انفرميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هجڻ ڪري سدائين علمي ۽ ادبي ڪم سان لڳاء رکندو آيو آهي. مختلف وقتن تي اسان جي رهنمائي به ڪندو رهيو آهي. ساڻس ملاقاتون به ٿينديون رهنديون آهن ۽ سنڌ سلامت جي حوالي سان به رايا ڏيندو رهندو آهي. اميد ته اوهان پنهنجي پاران ادبي، علمي، سياسي، سماجي ۽ معاشرتي حوالي سان سهڻا ليک اسان سان شيئر ڪندا رهندا. سدا خوش هجو ... سنڌ سلامت ساٿ سلامت حفيظ ڪنڀر، علي حسن چانڊيو ۽ سليمان وساڻ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾