هڪ ماڻهو ويچارو هڪ ٻانهن کان معذور هو، ان ڪري کيس احساسِ محرومي هوندو هو ته ٻيا سڀ سنوان سڌا ، مون کي رب سائين معذور پئدا ڪيو، ان ڪري سڄو ڏينهن غمگين هوندو هو، ڪڏهن به خوش ڪونه لڳندو هو. هڪ ڏينهن جو هي همراهه ٻئي همراهه کي ڏسي ته ان کي ٻئي ٻانهون ڪونه هيون، تڏهن به پري کان نچندو ڪُڏندو پيو اچي، ڪڏهن ساڄي پاسي، ڪڏهن کاٻي پاسي.. اصل بيهي ئي ڪونه پيو.. هن کي حيراني ٿي ته مون کي هڪ ٻانهن ڪونهي مان ايڏو پريشان، هن ويچاري کي ته ٻئي ٻانهون ڪونه آهن وري به نچندو ڪڏندو ٿو اچي... نيٺ هن پاسو وٺي کيس چيو : ”اي يار تون ته واهه جو ٿو نچين، پر ڏي خبر نچين ڇو ٿو..؟“ ان تي اڳئين همراهه چيس : ”اي ڀائو! نچي وري ڪير ٿو؟ مون کي ته خارش ٿي آهي، هاڻي کنهايان ڪيئن... ٽپا ڏيان نه ته ٻيو ڇا ڪيان؟“