هوءَ ، مان ، جذبا ۽ خدڪشِي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪهاڻي
    هوءَ ، مان ، جذبا ۽ خدڪشِي
    مجيب اوٺو

    ڪجھ به نه بدليو ھئو،
    بدلي ھئي ته فقط ھوءَ . . .
    شاديءَ کان پوءِ ھوءَ بلڪل خاموش ٿي وئي ھئي، ڄڻ ڄائي ڄم کان گونگي ھجي. ھُن جي ادائن ، ھُن جي جذبن ، ھُن جي خواھشن ، بي موت مُسڪراھٽن تھ تڏھن ئي خدڪشيون ڪري ڇڏيون ھيون ، جڏھن ھُن مون سان شادي ڪئي ھئي....
    مگر ڪالھه ھُن.....!!!!!!
    امان ۽ بابا کي ڪيترا دفعا ٻدايو ھئم ته آءُ شادي جي قابل نه آھيان، آءُ نامرد آھيان ، مگر امان ۽ بابا جو سدائين جواب ھوندو ھو ته ، ھي تنھنجو بھانو آھي ته جيئن تون ساران سان شادي نه ڪرين ۽ بعد ۾ ڪنھن ٻئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرين ، پر اِھو طئه شده آهي ته تنهنجي شادي ساران سان ئي ٿيندي .
    مون سان شادي ڪرائي ساران جي زندگي برباد نه ڪريو ، آءُ نامرد آهيان ، آءُ ڪنهن به عورت جي فطري ضرورت پوري نه ڪري سگهندس.
    ساران سان شادي ڪرڻ کان مون ڪئين دفعا انڪار ڪيو هو ، پر امان ۽ بابا مڃيو ئي نه ته ڪو آءُ واقعي نامرد آهيان...!!!!!
    نه ڄاڻان ڇو؟؟؟
    امان ۽ بابا منهنجي ڳالهه تي اعتبار ڇو نه ڪيو . هڪ دفعو آءُ ساران وٽ به ويو هئس ته ، مون سان شادي نه ڪر ، آءُ نامرد آهيان ، ساران کي ته منهنجي ڳالهه مذاق لڳي هئي (مون سان عشق جو هئس ) ۽ چوڻ لڳي هئي ترس ٿورو وقت شادي کان پوءِ خبر پَوندئِي ، آءُ سڀني مذاقن جون ڪسرون ڪڍندي سَنئين ۽ پوءِ هوءَ ڳالهائيندي ئي ٽهڪن ۾ پئجي وئي هُئي ته ساڻس گڏ ڪائنات به ٽهڪڻ لڳي هئي . آءُ خاموش ٿي ايڏي وڏي خوشي پٺِيان ايندڙ درد، پِيڙا ڏسي ڏَڪي ويو هئس...!!!!
    اسين اُٿي بيٺا هئاسين..
    ساران پنهنجو هٿ منهنجي چهري تي گهُمائڻ لڳي ته آءُ پوئتي هٽِي ، ڊوڙي ڪمري مان نڪري ويو هئس ، پويان هوائن سندس لفظ مون تائين پڄايا هئا ته ‘‘شادي ءَ کان پوءَ آءُ به ايئن ئي سڪائيندي سَنئين’’ جواب ۾ سرد آهه ڀريندي دل چوڻ لڳي هئي او چري ! ڇوڪري تون مون سان شادي ڪري همسفريءَ سائن فطري ضرورتن کان محروم رهندينءَ ، جيڪو پيغام شايد هوائون واپس نه کڻي ويون. .. . . .
    جيڪو خدا کي منظور هو ، اُهو ئي ٿيو هو اُن جي اڳيان انڪار ڪرڻ وارو آءُ ڪير هئس...!!!
    هوءَ ڪنوار . . . . .
    ڪمري ۾ منهنجو انتظار ڪري رهي هئي.
    آءُ ڪمري ۾ ويس، هُن کي شايد خاطر ي هئي ته آءُ سندس گهونگٽ کڻندس، ساڻس روح رهاڻ ڪندس، پر مون اهڙو ڪجهه به نه ڪيو هو ۽ سندءِ ڀر ۾ ويهي رهيو هئس. منهنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا هئا.. . .
    خاموش ڳوڙها. . ..
    ڪافي دير ٿي چڪي هئي .
    نيٺ هُنَ بي چين ٿي پنهنجو گهونگٽ پاڻ ئي کنيو ۽ مون ڏانهن ڏٺائين ته سندس خواب چچريون چچيرون ٿي ويا ، ۽ يڪدم مون وٽ هلي آئي ۽ پنهنجائپ ۾ پڇيو هئائين مٺا ڇو پيو روئين . . . .؟؟؟؟
    مان خاموش رهيو هئس ،
    ڳالهاءِ. . .. . .!!!! آخر ڇا آهي؟؟؟
    نه ڳالهائيندي ڪنڌ سندس جهوليءَ ۾ رکي ڇڏيو هئم،
    تون واقعي نامرد آهين .؟؟
    هڪ دفعو وري پڇيو هئائين ، شايد اڃا تائين منهنجي ڳالهه ڪوڙ لڳي رهي هيس...
    سندءِ جهوليءَ مان ڪنڌ کڻي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو هئم..
    ۽ پوءِ هُن منهنجا ڳوڙها اُگهي ڇڏيا هئا...
    ڪجهه به نه بدليو هئو،
    دنيا پنهنجي وهنوار سان هلندي رهي،
    بدلي هئي ته فقط هوءَ...!!!!
    هوءَ جيڪا ڪڏهن ماٺ ئي نه ڪندي هئي ڪن کائي ويندي هئي گهر وارن جا، سا شادي کان پوءِ بلڪل خاموش ٿي وئي هئي ۽ ان خاموشيءَ جي پيڙا مان ڀوڳي رهيو هئس، هوءَ شايد ان کان به وڌيڪــ ڀوڳي رهي هئي مون نامرد دان شادي ڪري.....
    پنهنجي نامرد مڙس جي عزت رکندي هن ڪڏهن ڪنهن به غير مرد ڏي نگاهه کڻي نه ڏٺو هو . هڪ دفعو امان مون کي چيو هئو ته تون اسان سان ڪُوڙ ڳالهائيندو هئين..!
    ڪهڙو ڪوڙ . . ؟؟
    ساران مون کي ٻڌايو آهي ته تون نامرد نه آهين ، مون ساران کي چيو ته ‘‘هاڻ هن گهر ۾ هڪ ننڍڙو ٻار اچڻ گهرجي، جنهن کي آءُ ڇاتيءَ جهولايان، پينگهي لوڏيان. . . .امان ٻڌايو،
    ۽ پوءِ ساران ڇا چيو ، مون امان کان پڇيو هو . .؟؟
    هُن چيو ته اُها الله جي مرضي آهي ته، اُهو ڪڏهن ٿو اوهان جي اِها آس پوري ڪري..!!!
    اُن وقت ساران جو گهڻو احساس ٿيو هئم ، هوءَ مون سان ايڏي محبت ٿي ڪري ، منهنجي نامردانگي واري اعترافَ ڪُوڙو ثابت ڪيو اٿائين. سچ پچ اُن وقت هوءَ مون کي ديوي لڳي هئي ، پاڪ پوِتر ، هُن کي سجدو ڪرڻ چاهيو هُئم ... پَر ڇا هُن کي منهنجي سجدي ڪرڻ سان منهنجي نامردانگي ختم ٿي وڃي هان!! ۽ مان هن جي فطري ضرورتن تي پورو لهي سگهان هان، ، ، ، نه نه هرگز نه ،
    شاديءَ جي ٻن سالن کان پوءِ رات جڏهن کيس چيم ته، آءُ توکي وڌيڪ ان حالت ۾ نه ٿو ڏسي سگهان ،آءَ توکي طلاق ڏيندس ، تون ڪنهن ٻئي مرد سان شادي ڪري ڇڏجان...! ڦٿڪي پئي هئي شايد اِهي درديلا جملا ٻڌي ، جواب ۾ چيو هئائين ، ماڻهو حق بخشرائي عورتن کي عمر ڀر ويهاري ڇڏيندا آهن اُهي عورتون به ته فطري ضرورت کان محروم رهنديون آهن، وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي هُئي شايد لفظن ساٿ نه ڏنو هئس ، خاموش ٿي وئي هئي ، ، ،ڪجهه ترسي چيو هئائين ، مون کي ٻئي شادي جي ضرورت نه آهي، ، سڄي رات کيس سمجهائيندو رهيو هئس. . . . .
    چيو هئومانس؛ آءُ توکي طلاق ڏيندس ۽ تنهنجي پسنديده ڪنهن به مرد سان شادي ڪرائيندس ، هيءُ منهنجو آخري فيصلو آهي،، آذانون اچي چڪيون هيون . . . .پِرهه ڦُٽي چڪي هئي ، اهڙيون ڪئين راتيون اسان عذاب ڀوڳيندي جاڳي ڪٽيون هيون... منهنجي طلاق ڏيڻ کان اڳي ڪالهه هن خُدڪَشي ڪري ڇڏي هُئي...
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    ڪهاڻي سٺي به آهي ڏک جي به آهي.

    پر اڃ جي دُور ۾ ته پوري جنس به تبديل ٿي رهي آهي..
     
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    بهترين....
    زندگي جي هڪ اهڙي رخ ڏانهن نشاندهي ........ جنهن جا ڪردار شايد هن معاشري ۾ اسان جي آس پاس به موجود هجن...!!!
    پر....
    ڪاش...هر عورت ساران وانگر هجي ها.....!!
    سندس قرباني جو ڪو به نعم البدل ڪونهي...!!
    ۽ ڪاش ....
    هر مرد کي عورت جي قربانين جو قدر به ٿئي...!!
    ڪئين گناهه رڪجي وڃن ها....!!
    ڪئين خودڪشيون گهٽجي وڃن ها....!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو