ھن جيون جي جوئا ۾......شيخ اياز جو نظم

'شيخ اياز' فورم ۾ محمد بخش لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2014۔

  1. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    283
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو
    چونڊي چونڊي،
    ڪٺا ڪيم ڪنڊا جھوليءَ ۾،
    ٽاريءَ ٽاريءَ تان جئن پيارا،
    پٽي سگھين تون سھڻا گل،
    چڀي نھ توکي ڪوئي ڪنڊو،
    تنھنجي لاءِ مٺل،
    چونڊي چونڊي،
    ڪٺا ڪيم ڪنڊا جھوليءَ ۾!
    ڄاڻي واڻي،
    ھن جيون جي جوئا ۾ مان،
    ھارائيندو آيو آھيان،
    جئن تون جيتين،
    ٽڙي پون ھر بار خوشيءَ ۾،
    تنھنجا ڳاڙھا ڳل!
    تنھنجي لاءِ مٺل،
    ڄاڻي واڻي، ھارائيندو آيو آھيان!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو