جي تو اڃا نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي، تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي! آيو ويو سڪندر، سيوهڻ اڃا اتي آ، هو کيرٿر کڙو آ، ويندا رهيا وناسي. لالڻ! نوان لڪن ۾، نڪتا نياڻ آهن، ايندا جتي لُڪن ۾، پانڌيئڙا پياسي. هي شام جو مياڻي، هي سون رن پاڻي، تڙ تي ٻه چار ڏيئا، نڙ تي ٻه چار لاسي! منهنجي اڪير ڇا هي؟ هي چٽ چيت من ۾، مندر، اداس ڏيئو، اڌ رات، ديوداسي. جي وک کي وڌائين، اڄ ماڳ ڏور ناهي، ڏونگر ڏري پيو آ، ساهس ته ڌار ساسي!