جي تو اڃا نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي .... شيخ اياز

محمد بخش لغاري

سينيئر رڪن
جي تو اڃا نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي،
تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي!

آيو ويو سڪندر، سيوهڻ اڃا اتي آ،
هو کيرٿر کڙو آ، ويندا رهيا وناسي.

لالڻ! نوان لڪن ۾، نڪتا نياڻ آهن،
ايندا جتي لُڪن ۾، پانڌيئڙا پياسي.

هي شام جو مياڻي، هي سون رن پاڻي،
تڙ تي ٻه چار ڏيئا، نڙ تي ٻه چار لاسي!

منهنجي اڪير ڇا هي؟ هي چٽ چيت من ۾،
مندر، اداس ڏيئو، اڌ رات، ديوداسي.

جي وک کي وڌائين، اڄ ماڳ ڏور ناهي،
ڏونگر ڏري پيو آ، ساهس ته ڌار ساسي!

 
Back
Top