دوستو مون کي توهان جي مدد گهرجي مون کي اسان جي شهر ۾ انٽرنيٽ ڪنيڪشن لڳرائڻي آهي. انهي جو ڪهڙو طريقيڪار آهي.؟
ادا جيئن ته شهر آهي سو اُتي ٽيليفون ايڪسچينج ضرور موجود هوندي. توهان کي انهن ساڻ رابطو ڪرڻ گهرجي . ٻي صورت ۾ توهان کي سيٽلائيٽ نيٽ ورڪ جي ضرورت پوندي جيڪا توهان کي ويجهي ڪنهن شهر مان وا فا جي سهولت ساڻ پنهنجي شهر تائين پهچائڻي پوندي ....
ادا پهرين توهان اهو ٻڌايو ته توهان ڪهڙي شهر جا آهيو؟ ڇا اتي ٽيليفون ايڪسچينج آهي؟ ڇا اها انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي سهولت ڏئي ٿي، جيڪڏهن نه ته پوءِ ٻي صورت ۾ PTCL EVO کي خريد ڪيو..
ادا هن وقت پي ٽي سي ايل وارن جي پاليسي هلي رهي آهي ته جتي به هنن کي 100 کان 50 جي وچ ۾ ڪنيڪشن جو آسرو ملندو آهي اتي هو مِني ايڪسچينج يا او اين يو (Optical Fiber Unit) لڳائين پيا. جيڪڏهن توهان پنهنجي شهر ۾ ايترن ڪنيڪشن جو آسرو ڪري سگهو ٿا ته پوءِ انهن سڀني کي گڏ ڪريو ۽ اهي درخواستون پي ٽي سي ايل جي اختيارين تائين پهچايو. هڪ مهيني جي اندر اوهان وٽ انٽرنيٽ گهر تائين اچي پهچندي...
ادا مون گوگل ارٿ تي ڏٺو آهي ته توهان جو شهر ٺٽي شهر کان 15.9 ڪلوميٽر پري آهي. سو توهان جيڪر ادا مست جي ڳالھ مان مطمعين نه ٿيو ته هي حل آهي. توهان کي ٻه عدد راڪيٽ ايم 2 يا ٽي پي لنڪ جي 5210 ڊوائيس وٺڻي پوندي ... هڪ عدد اومني اينٽينا 15 ڊي بي آئي جي وٺڻي پوندي ... پو اهي منهنجي ڏنل تصوير واري طريقي سان ٺٽي کان گُجي تائين انٽرنيٽ پهچائڻ ۾ توهان جي بهترين مدد ڪندي. تصوير غور ساڻ ڏسو. ها راڪيٽ ايم 2 توهان کي 50 ڪلوميٽر تائين اها سهولت ڏيندي جڏهن ته 5210 فقط 15 ڪلوميٽر تائين مار ڪندي آهي جيڪر توهان نيٽ ورڪنگ جا ماهر مقام ناهيو تڏهن به هي سڀ لڳائڻ آسان آهي پر ڪامپيوٽر ۾ انهن جي انسٽال ڪرڻ لا توهان کي ڪنهن دوست کي گُجي شهر ماني جي هڪ دعوت ڏئي ڪم ڪرائڻو پوندو... اميد ڪيان ٿو ته جواب سٺو لڳو هوندو نت ڪوشش ڪيو الله مدد ڪندو.
پوءِسائين صرف ٻه مينهنا انتظار ڪريو 3جي ۾ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ نه آئي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ڪم اسٽارٽ ٿي ويندو ٽيلي ڪميونيڪشن واران پنهنجا سسٽم اپڊيٽ ڪري ڇڏيا آهن ۽ صرف هڪ اشاري جي ضرورت آهي پوري ملڪ ۾ 3جي سروس بنا رڪاوٽ جي هلندي شرعات ۾ ٿوري مهنگي هوندي پر 5 ڪمپنين ۾ مقابلي جي ڪري سستي ٿي سگهي ٿي....