واجب الاحترام طلباءِ ڪرام عمائدين علائقه معززين شهر السلام و عليڪم ورحمة الله وبرڪاتہ اڄ جي هن پر فتن دور ۾ ٽيليويزن تي هلندڙ ۽ اخبارن ۾ چپجندڙ ڪاريون سرخيون، لٽجندڙ عزتن جا قصه هر نئين خدڪشيءَ جي خبر، هر نئين موت جي خبر، هر ڦاٽندڙ چلهو اسانکي هي پيغام ڏئي رهيو آهي ته اسانجو اخلاقي زوال جاري آهي. ڪوڙ، رشوت، سود، سفارش، ختم ٿيندڙ برداشت، هٿن مان نڪرندڙ صبر جا پيمانا برابر هي محسوس ڪرائي رهيا آهي ته اسان اخلاق جي زوال جي آخري دمن تي آهيون ڊينجر زون ابور ڪري چڪا آهيون. اڄ اسان اخلاقي پستيءَ ۾ اتي بيٺا آهيون جتان ظلمتن جا پهاڙ به هڪ لڪير نظر اچي رهيا آهن. ميڊيا اسان کي اهڙي راه تي هلائي ڇڏيو آهي جو سڄي قوم جي مٿي تان حيا جي چادر ترڪي چڪي آهي. نام نهاد چينلن پوري معاشري کي مغرب زده ڪري ڇڏيو آهي. ڪوڙ جو سرطان مصلحت بڻجي ڪري اسان جا اخلاق اڳري ويو. روشنخيالي اهي ديرا اڏيا جو مشرڪيت ميراٿن ريس جي گس ۾ ڪٿي گم ٿي وئي اخلاق سوز فلمن جي منهنجي ملڪ ۾ سرعام نمائش نوجوانن کي اهڙو تخيل بخشيو آهي جو اهي عام زندگيءَ ۾ به انهيءَ چال ڊال جا هيرو ڏسجن ٿا. اهي حقائق روز روشن وانگر هر باشعور سمجهدار ۽ دردمند دل رکڻ واري تي عيان آهن ته ملڪي معيشيت اڄ ڪاٿي بيٺي آهي. هڪ طرف عقيد جون عياشيون آهن ۽ ٻئي طرف عوام جون خود ڪشون آهن. مائون پنهنجو حمل ۽ پيءُ پنهنجي هٿن سان پنهنجي نسل ضايع ڪري رهيا آهن هڪ پيءُ بک ۽ بيروزگاري جي هٿان چريو ٿي ڪري پنهنجي هٿن سان پنهنجا ئي ٻار دريائي راوي ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيا پر انهن جي لاءِ دريا سنڌ ۽ درياءِ راوي ۾ ڇا فرق هوندو. اسان آزاد نه آهيون اسان هن ملڪ ۾ اسانجي ڪمزور معيشيت جي وجهه کان عملي طور تي اسان آمريڪا جا غلام آهيون. ڇا اسانجي هن سرزمين تي ڊرون طيارن جا حملا نه ٿا ٿين صلاحيت رکڻ جي باوجود به اسان جي جرئت نه آهي اسان جي بک اسان جي غربت اسانجي ڪمزور معيشيت انهن طيارن کي ڪيرڻ کان روڪي رکيو آهي. هتي ماڻهو بکيا، بيروزگار ۽ بي امان آهن نالو ته رکيو ويو اسلامي جمهوريه پاڪستان، دين اسلام ۽ قومي اسيمبليءَ جي ٻاهران لکجي ته ويو ڪمله طيبه پر نيازمندي ۽ ميراثيپڻ ڪرن ٿا مغربي جمهوريت جو الله جو قسم اسان جو ملڪ خطري ۾ آهي ملڪ ته ڇا پر ايمان به خطري ۾ آهي. هن ملڪ تي مون جهڙا سوين قربان ۽ ايمان تي هن ملڪ جهڙا هزارين ملڪ قربان. مان اوهانکي دعوت ٿو ڏيان ته اچو علماء جي صحبت اختيار ڪريو ۽ پنهجين زندگين کي اسلام جي شمع سان روشن ڪريو پنهنجي ڪردار ۽ گفتار کي اسلامي بڻايو، سيرت ۽ صورت کي اسلامي سانچي ۾ ڀريو. الله جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو پاڻ ۾ ٽولا ٽولا نه ٿيو. توهان ڀلي مان ڀلي امت ڪري موڪليا ويا آهيو جو حڪم ڪيو ٿا ڀلائيءَ جو ۽ روڪيو ٿا برائيءَ کي پوءِ الله کان ڊڄو ۽ تقوي اختيار ڪريو ۽ سچن جو ساٿ ڏيو ۽ دڄو ان ڏينهن کان جو نه ٽآريندو ڪوئي به ڪنهن تان ڪجهه به۽ نه قبول ڪئي ويندي ڪنهن جي سفارش ۽ نه ورتو ويندو ڪنهن کان ڪوبه عيوض ۽ نه مدد ڪيا ويندو. پوءِ بچو ان باهه کان جنهن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر آهن ۽ اها تيار ڪئي وئي آهي ڪافرن لاءِ ۽ خوشخبري آهي مؤمنن لاءِ جنهن چڱا ڪم ڪيا ته انهن لاءِ جنت ۾ باغ آهن وهن ٿيون جنهن جي هيٺان نهريون. ۽ جڏهن ڏنو ويندو انهن کي کائڻ لاءِ ميوو جنت مان ته چوندا هي ته اهو ئي آهي جيڪو ڏنو ويو اسانکي (دنيا ۾) اڳ. ۽ انهن لاءِ آهن جنت ۾ پاڪ زالون ۽ اهي اتي هميشه رهندا. الله تبارڪ وتعالي اسانکي ۽ توهانکي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي توفيق عنايت فرمائي ۽ صراط مستقيم تي هلائي. پنهنجي ڏمر ۽ گمراهيءَ کان بچائي آمين ثم آمين يا رب العالمين.