والدين جي طرفان اولاد ڏانهن

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو ڪجهه ڏينهن اڳ ادي رشيد هڪ ميل موڪلي هئي جنهن ۾ ڪجهه تصويرون هيون ۽ انهن ۾ هي پيغام هيو، انتهائي سٺو ۽ دل کي لڳو، اوهان سان ونڊ ٿو ڪريان ان اميد سان ته اسين سڀ پنهنجن والدين سان پيار ۽ احترام جي روش برقرار رکندي پنهنجي آخرت سنوارينداسون ...
    ________________________________________

    والدين جي طرفان اولاد ڏانهن موڪليل ڪجهه گذارشون؛
    اي اولاد؛
    [​IMG]

    ڪنهن ڏينهن جي اسين ڪمزور ۽ پوڙها نظر اچون ته صبر ڪجانءِ ۽ اسانکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجانءِ ...

    جيڪڏهن اسين کاڌي کائڻ دوارن پاڻکي ميرو ڪري وجهون ۽ اسين پنهنجا ڪپڙا بدلائي نه سگهون ته مهرباني ڪري ناراض نه ٿجو ۽ اهو وقت ياد ڪجو جڏهن اسين اوهانکي کاڌو کارائيندا هياسون ته نه فقط تون پنهنجا ڪپڙا خراب ڪندو هئين پر اسانکي به ميرو ڪري ڇڏيندو هئين ...
    [​IMG]
    جيڪڏهن، اسين توسان ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي جملا يا لفظ وري وري چئون ته مهرباني ڪري اسانکي ٽوڪجانءِ نه بلڪه اسانکي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. جڏهن تون ننڍڙو هئين اسين توکي هڪ هزار هڪ دفعو ساڳي ڪهاڻي ٻڌائيندا هئاسون جيستائين توکي ننڊ نه اچي وڃي ...
    [​IMG]
    ۽ جيڪڏهن اسين ڪڏهن وهنجڻ نه چاهيون ته ناراض نه ٿجانءِ ۽ نه اسانکي شرمائجانءِ، ياد ڪر جڏهن ننڍڙي لئه اسين توکي وهنجارڻ لئه وٺي ويندا هئاسون ته تون هزار بهانا ڪري ڀڄي ويندو هئين ۽ اسانکي تنهنجي پويان ڊڪڻو پوندو هو ...
    [​IMG]
    جڏهن اسين ڪنهن نئين ڳالهه يا ٽيڪنالاجي کي قبول نه ڪريون ته اسانجي مدد ڪريو ۽ ان ٽيڪنالاجي يا ڳالهه کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪجو، اسين پڻ توکي اهڙيون ڪئي ڳالهيون سيکاريندا هئاسون، جيئن کاڌو ڪئين کائجي؟ ڪپڙا ڪيئن پائجن ۽ پنهنجي گهرجن لاءِ ڪيئن ڪوشش ڪجي؟
    [​IMG]
    جڏهن ڪڏهن اسين پنهنجي ياداشت وڃائي ويهون ۽ موضوع تي ڳالهائيندي رڪجي وڃون ته اسانکي ڪجهه وقت ڏجانءِ ته ڳالهه ياد ڪري وٺون ۽ جي ياد نه ڪري سگهون ته چڙجانءِ نه، ڇاڪاڻ ته اهم ڳالهه اسانجي ڳالهه ناهي هوندي، اسين ته توکان ڪجهه وقت وٺندا آهيون ۽ توسان گڏ هجڻ جو مزو وٺندا آهيون ...
    [​IMG]
    جڏهن ڪڏهن اسين ڪجهه کائڻ کان انڪار ڪيون ته زور نه ڪجانءِ، اسانکي پنهنجي وت جي خبر آهي ته ڪڏهن ۽ ڪيترو کائجي ۽ ڪڏهن نه کائجي، جڏهن اسانجو ٿڪل ٽنگون جواب ڏئي وڃن ۽ لٺ کانسواءِ گهمي نه سگهون ته مهرباني ڪري پنهنجو هٿ وڌائجانءِ ۽ مدد ڪجانءِ، ياد ڪر جڏهن تون گهمي نه سگهندو هئين ۽ اسانجي آڱرين جي آسري پنهنجا ننڍڙا ۽ پهريان قدم کڻڻ سکندو هئين ...

    ۽ جي ڪنهن ڏينهن اسين اهو چئون ته اسين وڌيڪ جيئڻ نٿا چاهيون ۽ مرڻ ٿا چاهيون ته، ڪاوڙ نه ڪجانءِ جو هڪ ڏينهن توکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ... ڪوشش ڪري اسانجي تعريف ڪجانءِ ڇاڪاڻ اسانجي عمر هاڻ رهڻ جهڙي ناهي بس وقت گذارڻ واري آهي ...

    هڪ ڏينهن توکي احساس ضرور ٿيندو ته جيتوڻيڪ اسانجي نادانين جي ... اسين هميشه تو لئه ڀلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ اها ڪوشش ڪئي ته تنهنجا رستا سولا ۽ آرامده ٿين ...
    [​IMG]
    اسانجي ويجهو هجڻ تي توکي ڪو ڏک يا ڪاوڙ يا شرم ڪرڻ نه گهرجي، بلڪه توکي ته اسانکي سمجهڻ گهرجي ۽ اسانجي مدد ڪرڻ گهرجي جيئن ننڍڙي لئه اسين تنهنجي مدد ڪندا هئاسون ۽ توکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسون ...
    [​IMG]
    پنهنجي خلوص ۽ پيار سان اسانکي گهمڻ ۾ مدد ڪر، باقي رهيل زندگي گذارڻ ۾ اسانجي رهنمائي ڪر ... اسين انجي قيمت صرف پنهنجي خلوص ۽ بي بها پيار جو هميشه اسانجي دل ۾ تنهنجي لئه موجود آهي ۽ ٿورائتي مشڪ ذريعي ڏينداسون ...
    [​IMG]

    اسانکي تون تمام پيارو آهين ...

    رب العالمين توکي ڪوسي واءَ کان بچائي ... آمين​
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: والدين جي طرفان اولاد ڏانهن

    سائين۔۔۔ تصويرن کي لفظن جي ترجماني ڏئي توهان هڪ اهڙي موضوع کي بيان ڪيو آهي جيڪو اڄ جي نسل جي ذهنن مان نڪرندو پيو وڃي۔۔ والدين جي عزت ۽ احترم ڪرڻ جو رواج هاڻ شايد ختم ٿيندو پيو وڃي۔۔۔۔ اهڙي دور ۾ توهان جهڙن دوستن جي اهڙي بهترين تحريرن سان ڪيترن ئي دلين کي هدايت ملي سگهي ٿي۔۔ ماشاءَ الله جزاڪ الله
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: والدين جي طرفان اولاد ڏانهن

    ادا نثار ابڙا، يار والدين هڪ اهڙي بڙ جي گهاٽي ۽ ٿڌي ڇانوَ جنهن جي سائي ۾ رهندي جيڪڏهن صديون گُذري وڃن ته صفا ٿورو آهي، تنهنجي هن پوسٽ جو هڪ هڪ اکر هڪ هڪ لفظ پڙهندي، اکين مان ڳوڙهن جون بوندون بي اختيار وسي پيون، پنهنجي امڙ ۽ ابي کي ساريندي، سندن شفقت ڀرين مٿي تي ڦيريل ٿڌن هٿن جي لمس، سنڌن آڱريون جهلي وک وک پنهنجي پهرين کنيل وک وارو زمانو اکين اڳيان تري آهيو ۽ امان ۽ بابا جو هميشهه لاءِ مونکان دُور ٿيڻ وارو منظر پڻ اکين اڳيان ڦري آيو۔ ادا والدين ته والدين هوندا آهن ڪاش منهنجا امي ابو مونکان دُور نه ٿين ها ڪاش مان اڃان به سندن خدمت ڪريان ، سندن پير ڌوئي پيان ها۔ ڪاش ڪاش ڪاش۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: والدين جي طرفان اولاد ڏانهن

    ماشاالله مرشد

    تمام بهترين نموني سان تصويرون اٽيچ ڪري سمجهايو ويو آهي جزاڪ الله

    الله تعالي اسان کي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏئي ته جيئن اسان آخرت ۾ پنهنجي لا۽ راه هموار ڪري سگهون

    ماشاالله مرشد سائين
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: والدين جي طرفان اولاد ڏانهن

    ماشاء الله سائين ۔۔۔
    توهان جي لفاظي جا ته اسان قائل آهيون۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو اهي تصويرون توهان ڏانهن موڪليم۔۔۔ تصويرن تي لفظ لکي توهان پاڻ ملهائي ويو۔۔۔
    والدين جي عظمت کي جيتري به ڀيٽا ڏجي گهٽ آهي۔۔۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: والدين جي طرفان اولاد ڏانهن

    دوست ناز، خوشنصيب آهن اهي ماڻهون جن جا والدين ڪهڙي به حالت ۾ آهن پر جيئرا آهن ۔۔۔ کين خدمت ڪري جنت ڪمائڻ جو موقعو مليل آهي ۔۔۔ اڄ آءُ به اوهان جيئان پنهنجي جهولي خالي ڏسانٿو ۔۔۔
    جن دوستن جا والدين هن جهان ۾ نآهن، رب العالمين انهن دوستن جي والدين کي جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
    shal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو