ڪيڏي نه بي حسيءَ چئبي جو ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳي جي وڏي ڌيءُ مائي سوني علاج لاءِ ايلاز ڪندي ڪندي نيٺ زندگي جي جنگ هارائي وئي، بي حس ثقافت کاتي سنڌ ۽ ٿر جي اهڙي سريلي لوڪ فنڪاره جي مرڻ تي به اک نه پٽي ۽ مائي سوني جا وارث ڪراچي کان نئون ڪوٽ تائين مڙهه کڻي اچڻ جيترو ڪرايو به نه هجڻ جي ڪري ثقافت کاتي جي اختيارين کي فون ڪندا رهيا پر ڪنهن به سندن فون اٽينڊ ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي، 1941ع ۾ “ٿر جي ڪوئل” جو لقب ماڻيندڙ مائي ڀاڳيءَ جي ڪُک مان جنم وٺندڙ مائي سوني وڏي وقت کان دل، ڦڦڙن، شوگر ۽ دم جي مرض ۾ مبتلا هئي ۽ پنهنجي ماءُ کان ورثي ۾ مليل فن کان به ڪٽيل هئي بيماري سان وڙهندي مائي سوني ڪيترائي ڀيرا ثقافت کاتي کي علاج لاءِ ايلاز ڪيا پر سنڌ فيسٽيول جي رنگا رنگي پروگرامن ۾ مصروف سنڌ ثقافت کاتي جي سنڌ جي اصلوڪي لوڪ راڳ جا وارث بلڪل به نظر نه آيا ۽ ائين ئي مائي سوني تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪيو. مائي سوني پنهنجي امڙ جو عڪس هئي سندس آواز ۾ مائي ڀاڳي جي آواز جهڙي مٺاس هئي جڏهن مائي سوني پنهنجي ماءُ جا ڳايل ڪلام الاپيندي هئي ته ائين لڳندو هو ڄڻ مائي ڀاڳي خود ڳائي رهي آهي. مائي سوني لوڪ فنڪاره هئي جنهن گهڻو تڻو پنهنجي والدهه جو ڳايل ڪلام ڳايو، سندن آباڻو ڳوٺ نئون ڪوٽ هو پر ڪجهه وقت سندن خاندان ملڪاڻي شريف لڏي اچي ويٺو جتي مائي سوني جواني جا ڏينهن گهاريا، سندن مڙس عارب منڱڻهار جي وفات کان پوءِ مائي سوني پيٽ پالنا لاءِ شادين مرادين ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، علائقي ۾ ڪنهن جي به شادي هجي مائي سوني جو ڄڻ پنهنجو پٽ پرڻجي رهيو هجي، ثقافت کاتي پاران مائي سوني جي ڪڏهن به پوئيواري نه ڪئي وئي هميشه مائي سوني سان ڪوڙا واعدا ڪري هن سان ويساهه گهاتي ڪئي وئي، ٻه سال اڳ به بيماري جي بستري تان جڏهن مائي سوني علاج لاءِ ايلاز ڪيا ته ثقافت کاتي پاران مائي سوني جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو پر ٻي ڏينهن مائي سوني کي ثقافت کاتي پاران 25 هزارن جو چيڪ موڪليو ويو جيڪو مائي سوني اهو چئي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اسان کي پيسا نه کپن پر سندس علاج ڪرايو وڃي پر اهي ايلاز اجايا ثابت ٿيا هاڻي به مائي سوني بيمارين سبب ڪڏهن نئون ڪوٽ جي اسپتالن ۽ ڪڏهن مٺي جي اسپتالن ۾ رلندي رهي پر ثقافت کاتو سامهون نه آيو، غربت جي ڪري مائي سوني جو سمورو جيون بيمارين ۽ بک سان وڙهندي گذريو هڪ ڀيرو ملڪاڻي پريس ڪلب ۾ مائي سوني ثقافت کاتي جي بي حسي جي انتها ٻڌائيندي روئي ڏنو ته امڙ جي ڪلامن جي رڪارڊنگ لاءِ ڪراچي گهرايو ويندو آهي ۽ واپسي ۾ صرف ڪرايو ڏيئي روانو ڪيو ويندو آهي. توڻي جو هاڻي اسان جو مردهه پرست ثقافت کاتو مائي سوني جي لاءِ لکين روپيه خرچ ڪري پروگرام ڪندو پر حقيقت ۾ جيئن ڪوئل جا ٻچا ڪانگ ماريندو آهي ائين ٿر جي ڪوئل جا ٻچا به ڪانگ (ثقافت کاتو) ماري ويو آهي، مائي سوني جي پونيئرن ۾ ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ رستم فقير آهي جنهن کي نوڪري ڏيڻ لاءِ اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو اعلان ڪري چڪي آهي پر جيئن مائي سوني جي علاج ڪرائڻ جو اعلان وفا نه ٿيو ائين نوڪري ڏيڻ جو واعدو به وفا نه ٿي سگهيو. اڄ مائي ڀاڳي جيان مائي سوني به اسان ۾ ناهي رهي پر سندن امر ڪلام اسان ۾ سدائين زندهه رهندا.
نئوڪوٽ جي هنن لوڪ فنڪارن سان ملڪاڻي وارن جي پُراڻي ڄڻ سُڃاڻ آهي. مائي ڀاڳي ڪو وقت ملڪاڻي ۾ رهي. مائي سوني لاءِ ته ملڪاڻي جو هر ڪاڄ جهڙو ڪر پنهنجو ڪاڄ هوندو هو. هر وهانءُ جو سڏ ڏيڻ لاءِ سڄي ڳوٺ جون گهٽيون لتاڙڻ، هر گهر سڏ پُهچائڻ کان پوءِ ڳيچ ڳائي شادي ۾ رنگ ڀرڻ ڄڻ ته فرض هوندو هئس. اسان سڀني کي نالن سان سُڃاڻڻ ۽ ڀائنڻ مون کي حيرت ۾ وجهندو هو. منهنجي ڏاڏي مرحوم ۽ مائي ڀاڳي جي دوستي زورن تي هوندي هئي. ٻئي گڏ حج پڙهڻ لاءِ سنڀريون پر مائي ڀاڳي سان زندگي وفا نه ڪئي. گذريل ڪُجهه سالن کان مائي سوني کي بيماري نهوڙي ڇڏيو ۽ اڄ هو هي دنيا ڇڏي چُڪي. الله کيس رحمت ۾ رکي.
ڏکائتي خبر آهي .... فنڪارن جي اهڙي مايوس ڪن موت ۽ بي حسي واري موت تي سچ ته پريشان ٿيندو آهيان. مان ڪافي عرصي کان سنڌ فنڪار ٽرسٽ سان واڳيل آهيان پر اهو ڏسي افسوس ٿيندو اٿم ته فنڪار ئي پاڻ سان سچا ناهن