اوهان مان گهڻن (يا شايد سڀني) کي اهو تجسس ته ننڍي هوندي ئي ٿيو هوندو ته آخر مُلڪن جي ڪرنسي جي اهميت ۾ ايترو فرق ڇو آهي؟ ڇو ته ڪِن مُلڪن جا پئسا اهميت نه ٿا وڃائن رهندو ڏينهون ڏينهن وڌائيندا رهن ٿا جڏهن ته ڪن مُلڪن جي ڪرنسي وڃي ٿي ويتر ڪِرندي؟ يا وري اهو سوال ته ڪو مُلڪ نوان نوٽ ڇاپي پورت ڇو نه ٿو ڪري؟ مُلڪ ۾ پئسو ناهي ته ڌڙا ڌڙ نوٽ ڇاپجن بس پئسو ئي پئسو ٿي ويندو. اهڙن سوالن ذهن ۾ جنم ورتو هوندو ۽ ڪن کي جواب مليا هوندا ته ڪن جا سوال منهنجي سوال وانگي ئي رهجي ويا هوندا. تُرڪي جي ڪرنسي جا دلچسپ احوال لکڻ کان پهرين ڪُجھه انهن سوالن جي جوابن تي لکجي ته بهتر. (توڙي جو انهي جو جواب بهتر طور اقتصاديات جا ماهر ڏيئي سگهن ٿا ۽ آئون غلط به ٿي سگهان ٿو پر مطالعي جي روشني ۾ جيڪو ڏٺم ۽ سمجهيم اهو اوهان سان به ونڊيان ٿو). دنيا ۾ اوائلي دؤر کان ڪرنسي جو تصور رهيو آهي. ڇو ته اڳوڻن قِصن ڪهاڻين ۾ به اشرفين يا سِڪن جو ذڪر ٻُڌندا ٿا اچون. جديد دؤر ۾ به اها مشق جاري رهي. سڀني مُلڪن ڇا ٿي ڪيو جو سون جي گروي عيوض ماڻهن کي ڪاغذي نوٽ ٿي ڏنا. ايئن انهن نوٽن جي اهميت اُها ئي هئي جيڪا سون يا چاندي جي ٿي پئي سگهي. جنهن مُلڪ ۾ گهڻو ذخيرو انهيءَ وٽ گهڻا پئسا ۽ پئسي جي اهميت پڻ. پر 1971ع ۾ آمريڪا ايترو اڳتي نڪري چُڪو جو هُن اهو سسٽم ختم ڪندي اعلان ڪيو ته اسان جو ڪاغذي نوٽ ئي سونا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به ڊالر جو بول بالا آهي. ڀلي کڻي خليج مُلڪن جي ڪرنسي ٻيڻ تي پُهتي آهي ته آمريڪا جو ڊالر اڄ به الڳ حيثيت رکي ٿو. وري اچون ٿا مُلڪي ڪرنسين جي فرق تي. پاڻ سون جو ئي مثال وٺون ته به سمجهي سگهجي ٿو. ڇو ته ماڻهو سون کائيندو ته ڪونه. کيس زندگي جي لوازمات لاءِ جيڪي شيون کپن انهيءَ لاءِ هو سون عيوض به اهي وٺندو. ايئن هر مُلڪ ٻي مُلڪ کان ضروري شيون وٺي ٿو. جيڪڏهن پاڻ وٽ به ڪا اهڙي شئي اٿس جو اُها ساڳي مُلڪ کي بدلي ۾ وِڪڻي ڏي ته سندس سون محفوظ رهندو. رڳو سون ڏيئي پيو کائيندو ته ويندو قرضي ٿيندو ۽ ذخيرا به گهٽ ٿيندس. جديد دؤر ۾ اهو ايئن ته آهي جيئن جيئن ايڪسپورٽ گهٽ ٿيندي يا امپورٽ وڌندي ته وٽس ذخيرا گهٽ ٿيندا ۽ هو قرض وٺڻ تي مجبور ٿيندو. قرض موٽائڻ تائين سندس نوٽن جي قيمت ويتر گهٽ ٿي چُڪي هوندي ۽ وياج کان علاوه به چٽي ڀريندو. توڙي جو اهو هڪ ڪاٿو ناهي ٻيا به ڪيئي سبب آهن جيڪي ڪرنسي جي گهٽ وڌائي جو ڪارڻ آهن پر ٿُلهي ليکي هڪ مُلڪ جي ٻي مُلڪ کان خريد و فروخت ئي اصل مُحرڪ آهي ڪرنسي جي اهميت وڌائڻ يا گهٽائڻ جو. گهڻا مُلڪ ته چالاڪيون به ڪن ٿا. مثال طور سعودي کان ڪچو تيل وٺي آمريڪا کيس ئي کپائي ٿي ڏنو جيسين سندن اُٺ چاريندڙ بدوئن جي اولاد پڙهي لکي انهيءَ قابل بڻجي جو سندن مُلڪ ۾ ريفائنري هلي. يا وري ايئن به ٿيندو آهي ته ڪي مُلڪ ڪُجهه شين جا متبادل ڏين ٿا ۽ اڳوڻي شئي جي قدر گهٽجي ٿي. ايئن ٻين مُلڪن جي مجبور ٿئي ٿي ته انهيءَ مُلڪ جو شيون استعمال ڪري (مثال طور چائنه جا موبائل). انهيءَ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو مُلڪ ۾ موجود وسيلن مان فائدو وٺندي ٻين مُلڪن جي مطلب جون شيون ٺاهجن ۽ روانگي واپار وڌي ته ڌارئين مُلڪ جو ناڻو هٿيڪو ڪري پنهنجي پئسي جي جو مُلهه وڌائجي. پر اسان جهڙن مُلڪن ۾ جتي اهو نه پيو ٿئي ته هڪ سوال ضرور ٿيندو آهي ته اهڙي صورتِحال ۾ نوٽ نه ڇاپڻ جي وجه ڇا آهي؟؟؟؟؟ جيئن چار ماڻهن لاءِ چار سؤ ماڻهن جي ماني ٺاهجي ته ڇا ٿيندو؟ ظاهر آهي زيان ئي ٿيندو ۽ انهيءَ جي ڪا اهميت نه رهندي. ايئن ئي مثال طور ڪنهن مُلڪ جي گورنمنٽ اربين رُپين جا نوٽ ٺاهي هر ماڻهو کي پئسن جو ڀريل لفافو ڏيئي ڇڏجي ته ظاهر آهي هر ماڻهو چوندو ته آئون بنگلو ٺهرايان. آئون ڪار وٺان. آئون ڪاروبار ڪريان. ٻين لفظن ۾ سڀ سيٺ هوندا ته ڪم ڪير ڪندو؟ ڪروڙين ماڻهو هڪ ئي وقت چوندا ته اسان جا گهر ٺاهيا وڃن. اسان کي فئڪٽري مان اڄ جو اڄ ڪار ملي. اهڙي طلب جي پورائي لاءي انهيءَ مُلڪ جا ته ڇا پر سڄي دنيا مان مزدور گهُرائجن ته به پوري نه پوندا. نتيجي ۾ انهن پئسن جي قدر نه رهندي. 1000 وارو مزدور لک روپئي تي به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو ۽ هزار روپئي جي اهميت هڪ ٽڪي جيتري به نه رهندي. مثال طور اسان وٽ سي اين جي سستي ٿي ته انهيءَ جي کپت وڌي. هر گري گنجي گاڏي وٺي ان ۾ بم (سي اين جي سئلنڊر) فٽ ڪرائي سي اين جي جي ٻاهران روز ڪنهن امداد جي طلبگارن جيان لائن ۾ بيهڻ شروع ڪيو ۽ نيٺ اها فلاپ ٿي وئي. اهو ئي سبب آهي جو سُڌريل مُلڪ نوٽ ڇاپڻ بجاءِ پنهنجي شين جي قدر ايتري وڌائن ٿا جو ٻيا مُلڪ مجبور ٿي اُهي شيون وٺن ۽ ائين سندن پئسي جي قدر وڌي. ٻاهرين مُلڪ جو ناڻو وٽن اچي. هاڻي اچون ٿا تُرڪي جي ڪرنسي تي. جڏهن هن خطي مان پنڌرهين صدي ۾ رومين کي عُثماني تُرڪن ڀڄائي ڪڍيو ته هو پنهنجو ناڻو گهڻو تڻو کنيو ويا. سلطنت عُثمانيه جي والي ڪرنسي طور تُرڪي جي نشاني وارا سونا سِڪا ٺهرايا جيڪي سلطنتِ عُثمانيه جي ختم ٿيڻ تائين به هلندا رهيا. 1946ع ۾ ٽرڪش ليرا نالي ڪرنسي جو وجود آيو جيڪا انهيءَ وقت آمريڪا جي ڊالر جي مقابلي ۾ 2.8 هئي. جنهن کي 1960ع تائين برقرار رکيو ويو. پر جيئن ته سلطنتِ عُثمانيه واري دؤر ۾ هن مُلڪ جو بول بالا هو. ڏکڻ ۾ ڳچ مُلڪ اوڀر ۾ ايران تائين، ڏکڻ ۾ موجوده يورپ جو ڳپل حِصو هنن وٽ هو. پر انهيءَ کان پوءِ رڳو موجوده تُرڪي وڃي رهيو ۽ 1960ع کان پوءِ سعودي عرب توڙي ٻين خليج مُلڪن ۾ وٺي جو تيل جا ذخيرا نڪتا ته تُرڪي وارا صفا پوئتي پئجي ويا. ڇو ته تُرڪي ۾ نه تيل جو هڪ ڪيوبڪ فُٽ نه وري تيل جو ڪو لٽر لڀي. ٿوري گهڻي زراعت ۽ پاڻي کان سواءِ ٻيو مڙئي خير. 1960ع ۾ ٽرڪش ليرا ڊالر جي مقابلي ۾ 9 ليرا تي پُهتو. اهو زوال زور وٺندو ويو ۽ هر پنج ڏهه سالن کان پوءِ ليرا ويو ڪِرندو ۽ ڊالر جي مُقابلي ۾ ڳالهه سَون هزارن نه پر لکن تائين وڃي پُهتي. ايستائين جو نوي جي ڏهاڪي ۾ دنيا جي بدترين ڪرنسي تُرڪي جي قرار ڏِني وئي. کين گئس ۽ تيل لاءِ رُڳو ٻاهرين مُلڪن کان امپورٽ تي ڀاڙڻو ٿي پيو تنهنڪري هنن جي ڪرنسي جي ويليو وئي ڪرندي. پر هن صدي جي شروع ۾ دؤر بدليو. جڏهن موجوده طيب اردگان واري حڪومت جو پهريون وارو آيو ته گورنمنٽ ڪُجهه انقلابي قدم کنيا. مُلڪ جي شين خاص ڪري آرڪيٽيڪچر، ڪاٺ جي مصنوعات ۽ بجلي جي پيداوار وڌائڻ تي زور ڏنو. اڄ به تُرڪي جي ڪاٺ مان ٺهيل مصنوعات جي سڄي دُنيا ۾ طلب آهي. وٽن جيڪي وسيلا مُيسر هئا انهن سان لاڳاپيل تعليمي شعبن ۾ تحقيق سا نواڻ آڻڻ لاءي وڌيڪ پئسو خرچ ڪيو ويو. ڪُجهه ڏُکيا فيصلا ڪيا ويا جيڪي حڪومت مڃيا. جنهن ۾ خاص طور تي پئٽرول ۽ ڊيزل تي سؤ سيڪڙو ٽئڪس لاڳو ڪيو ويو ته جيئن مُلڪي ناڻي ۾ پئسو اچي. عوام اعتبار ڪيو ۽ اهو سڀ قبول ڪيو. امپورٽيڊ شين جي استعمال کان بچڻ يا ماڻهن جي دل شڪني ڪرڻ لاءِ انهن تي ڳرا ٽئڪس لڳايا ويا ته جيئن ماڻهو پنهنجي مُلڪ جون شيون استعمال ڪن ۽ انهن جي پئدوارا وڌي. اهو ئي سبب آهي جو رڳو فروٽ جو مثال وٺجي ته هتي ڪيلو نه ٿو ٿئي ته اهو ڪلو جي حساب سان وڪجي ٿو. پنهنجي مُلڪ جي حساب سان هتي هڪ ڪيلو چاليهه کان پنجاهه رُپيا ڪلو آهي. پر ڏاڙهون جيڪو هتي خوب ٿئي انهيءَ جو اگهه پٽاٽن ۽ ٽماٽن کان به سستو آهي. ساڳي طرح اکروٽ آمريڪا مان اچي سو مهانگو پر فندق (Hazel Nut) نالي هنن جو پنهنجو خُشڪ ميوو سستو آهي جيڪو ايڪسپورٽ به ڪن ٿا. ايئن گُذريل گورنمنٽ جي انقلابي قدمن سان مُلڪن تان قرض لهڻ لڳا. 2003ع ۾ جڏهن حُڪومت قرض لاهي ڇڏيا ته فيصلو ڪيو ويو ته ٽرڪش ليرا جي قدر کي وڌائڻ لاءِ ظاهر طور ته ڪم ڪرڻ ئي کپي. ڇو ته ان وقت به ٽرڪش ليرا ايترو ڪِريل هو جو سلطنتِ عُثمانيه وارو سندن هڪ ليري جو سونو سِڪو تُرڪي ۾ ئي ڪروڙن ليرن ۾ ٿي کپيو. هي واحد مُلڪ هو جتي ڪرنسي ملين ۾ هئي. ڇو ته هڪ ڊالر سندن پنجن لکن ليرا جي برابر هو ۽ هتي آلو وٺڻ لاءِ به هڪ ملين گهُربل هو. گورنمنٽ 2005ع ۾ هڪ انتهائي دليراڻو فيصلو ڪيو جيڪو انهيءَ وقت ته بلڪل قابلِ عمل نه پئي لڳو. انهن ڇا ڪيو جو ڪرنسي مان ڇهه زيرو ختم ڪري ڇڏيا. مطلب ته جنهن جي پگهار ڏهه ڪروڙ 100000000 هئي ان جي 10 ليرا ٿي وئي. ساڳي طرح جيڪا شئي ڏهه لک 1000000 جي هئي سان هڪ ليرا جي ٿي وئي. جيئن پاڻ پاڻ وٽ اهو ڪجي ته اڄ جي حساب سان جڏهن ڊالر سؤ رُپئي کان چڙهي ويو آهي ته ٻه زيرو ڪڍي ڊالر جي برابر ڪجي ۽ هر شئي مان ٻه ٻُڙيون ڪڍي ڇڏجن ته پئٽرول 100 مان روپئي جو ٿي وڃي ۽ پگهار لک مان هزار ٿي وڃي. پر جيئن ته اهو سڀ ڪرڻ کان پوءِ وري انهيءَ کي جاري رکڻ به هڪ وڏو چئلنج آهي جيڪو تُرڪ گورنمنٽ پنهنجي دم تي ڪري ڏيکاريو ۽ 2005ع ۾ آندل نئين ٽرڪش ليرا کي ڊالر جي برابر ڪيو ۽ اڄ ڏهاڪو سالن کان پوءِ به اهو صرف ٻه ليرا تي پُهتو آهي. تنهن لاءِ حقيقت اها آهي ته هنن جي سِڪو ڪِريو گهٽ آهي ڊالر ۽ يورو پنهنجي قدر وڌائي رهيا آهن. اهو سڀ ڪرڻ لاءِ اڄ به امپورٽيڊ شين تي ٽئڪس ۽ روانگي واپار تي زور ساڳي طرح برقرار آهي. ڪرنسي جي مٽا سٽا تي اضافي چارجز ۽ ٻاهر مُلڪ پئسا موڪلڻ تي وڏي فيس به سندن ڪرنسي جي سگهاري هُجڻ جو ثبوت آهي. 2005ع کان وٺي 2008ع تائين اهو ليرا (YTL (Yeni Turkish Lira سڏبو هو. Yeni لفظ هتي اسان واري ”يعني“ لفظ طور به استعمال ٿئي ٿو ۽ لفظ ”نئين“ لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. پر جيئن ته 2008ع ۾ به هي سڪو پنهنجي حيثيت تي برقرار رهيو تنهنڪري لفظ يعني Yeni کي ڪڍيو ويو ۽ هڪ دفعو وري Turkish Lira جي نالي سان سُڃاتو ڃڻ لڳو. نشاني طور لنگر (Anchor) جي نشاني جو اڌ کنيو ويو. ائنڪر لاءِ تُرڪي ۾ به لفظ (تلفظ جي ٿوري فرق سان) ائنڪر ئي استعما ٿيندو آهي. تُرڪي جي گادي جو هنڌ انقره جو نالو به ان مان ئي کنيو ويو. ائنڪر جي نشان مان مُراد آهي ته اسان جي ڪرنسي هاڻي مظبوط ۽ مُستحڪم آهي ۽ مٿس جيڪا تِرڇي برابر جي نشاني آهي سا اهو ٿي ظاهر ڪري ته اها ترقي طرف گامزن آهي.
واه نهايت ئي آسان نموني سان ڪرنسيء جي اهميت کي تفصيل سان سان سمجهايو اٿو ............... مون سميت ڪافي ساريون ڳالهيون جيڪي اڳم خبر نه هئي ان بابت ڄاڻ ملي بهترين ڄاڻ
1971ع ۾ آمريڪا ايترو اڳتي نڪري چُڪو جو هُن اهو سسٽم ختم ڪندي اعلان ڪيو ته اسان جو ڪاغذي نوٽ ئي سونا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به ڊالر جو بول بالا آهي. ڀلي کڻي خليج مُلڪن جي ڪرنسي ٻيڻ تي پُهتي آهي ته آمريڪا جو ڊالر اڄ به الڳ حيثيت رکي ٿو. توهان هت يا ته پاڻ ڪليئر ناهي يا وري مون کي سمجهه ۾ نه آيو، ٻي ڳالهه ته دنيا جي ڪرنسين تي چيڪ ۽ بيلنس جو تصور آهي پر اهو شرط آمريڪا بادشاه تي لاڳو نٿو ٿئي ڊالر جي سڀ کان اهم ڳالهه ته هو هڪ ئي وقت ڪرنسي به آهي ته جنس به. آئون دنيائي ڪرنسين جي حوالي سان اڃان به ڪافي منجهه جو شڪار آهيان ان حوالي سان منهنجي ڪافي ليفٽ جي دوستن سان به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي ٿي ان ۾ توهان جي هن مضمون جي مواد جي به واڌ ٿي خوش هجو مهرباني.
اُن لاءِ توهان هي اردو جو لکيل هي ليک پڙهو جيڪو هڪ بلاگ تي طارق لقمان لکيو آهي. آمريڪا ۾ عوام جيڪڏهن عوام نوٽ کني گورنمنٽ کي ڏي ته هو انهن نوٽن جي قدر کين ٻُڌائيندا ۽ کين ان بدلي ڪُجهه به ڏيندا. پر اسان جي نوٽ تي جيڪو لکيل آهي ته ”اسٽيٽ بئنڪ آفي پاڪستان حامل حاذه ڪو مطالبه پر ادا ڪريگا“ اهو صرف لکڻ جي حد تائين آهي. اڄ سڄي عوام اهو پئسو کڻي وڃي اسٽيٽ بئنڪ وٽ بيهي ته اسٽيٽ بئنڪ وٽ اهو پئسو خريد ڪرڻ لاءِ سون يا ڪا ٻي جنس پوري ناهي. وري به اهو هڪ فيڪٽر ناهي. آمريڪا جي ڪرنسي توڙي ٻي طاقت جا ٻيا به ڪيئي پهلو آهين جيڪي سندن شاطر دماغي جو نتيجو آهن.