ڇوڪريون به عجيب بدلو وٺنديون آهن، هڪ سال مان ڪاليج جي اليڪشن ۾ حصو ورتو، منهنجي مقابلي ۾ بيهندڙ هڪ ڇوڪري هئي، مان دوستن سان ملي ان سان مذاق ڪرڻ لاءِ سندس پرس ۾ نقلي ڪرڙي رکي، جڏهن هو تقرير ڪرڻ لاءِ ڊائيس تي آئي ۽ تقريري پرچو ڪڍڻ لاءِ پنهنجي پرس کي کولي ان ۾ هٿ وڌو ته سندس اکيون پورا ساڍا چار سيڪنڊن لاءِ هڪ جڳهه تي بيهي ويون ۽ پوءِ پنهنجي پوري ذميواريءَ سان غش کائي ڪري پئي. ان جو بدلو ان ظالم ڪجهه هن طرح ورتو جو اليڪشن ۾ جتي جتي به منهنجا پرچا لڳل هئا، انهن سڀني پرچن تان هن ”نامزد اميدوار“ جي ز تان نقطو مٽائي لفظ کي ”نامرد اميدوار“ ڪري ڇڏيو.. مان اڄ تائين سندس سياسي بصيرت تي حيران آهيان (يونس بٽ جي اردو ڪتاب ”شيطانيان“ تان ورتل)