گم ٿي ويل گلابن جي ڪهاڻي اعجاز منگي آمريڪا جي پرڏيهي کاتي پاران انساني حقن جي پڌري ٿيل رپورٽ اسپين جي شهيد شاعر لورڪا جي جڳ مشهور ناٽڪ ”يرما“ جي پس منظر ۾ محسوس ڪرڻ گهرجي. اهو ناٽڪ جنهن ۾ پهاڙ تي جڙيل هڪ پير جي مزار تي هڪ مُٺي ماءُ ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي ۽ هن جي دل جو درد بيان ٿي رهيو آهي، انهن فقيرن جي صدا ۾ جيڪي ڳائي رهيا آهن ته: ”اي مالڪ! منهنجي دل جي ٽاريءَ مٿان هڪ گل ٽڙي پوءِ ڀلي ان ۾ سوين ڪنڊا ڇو نه هجن“ آمريڪا جي گورن محققن کي اهو پتو به هجڻ گهرجي ته سنڌ ۽ بلوچستان جون امڙين انهن پٽن کي پيرن جي درگاهن تان دعائون پني پيدا ڪيو هو، جن کي بغير ورديءَ وارن بنا نمبر پليٽ وارين گاڏين ۾ کنڀي کنيو ۽ جڏهن انهن اهي واپس ڪيا ويا، تڏهن انهن جو منظر پتيون پتيون ٿيل ۽ چيڀاٽيل گلابن جهڙو هو. هو هن ڌرتيءَ جا گلاب هئا. جيڪي امڙين جي ٻانهن جي ٽارين تي ٽڙيا ۽ حالتن جي هوائن ۾ نه معلوم ڪٿي هليا ويا. انهن جي جدائيءَ جي خوشبو اڃان تائين سنڌ جي سيني کي ساڙي رهي آهي. اها رپورٽ گذريل سال جي آهي. جنهن ۾ صاحب خان گهوٽي جو ڪو حوالو ناهي. پر ايندڙ سال جي رپورٽ ۾ هن جو نالو به ايندو ۽ نه معلوم هن سان گڏ ٻيا ڪهڙا ڪهڙا نالا هوندا، جن جي آڏو ”شهيد“ لفظ لکيل هوندو. پر اهي سڀ نوجوان جن کي سياسي اختلافن جي بنيادن تي کنڀي کنيو ويو، سي جيڪڏهن تشدد جا پتلا هجن ها ۽ ماڻهو مارڻ واريون مشينون بڻجي هلن ها ته هوند انهن کي پرچائڻ جي لاءِ رياستي مشينري ميڊيا تي منٿون ڪندي نظر اچي ها. پر هو قاتل ۽ خوني نه هئا. هو انساني روپ ۾ دهشت جا درندا نه هئا. هو سنجيده سياست جا قائل هئا. هو دليلن سان گفتگو ڪندا هئا. انهن لاءِ سياست انڌي طاقت نه پر نظرياتي نيڻن جي نهار هئي. انهن جي لاءِ سياست تاريخ جي پڪار هئي. هو جن جا ذهن باهه جي شعلي جهڙا ها پر انهن جون دليون شبنم جي ان قطري جهڙيون هيون، جيڪو هلڪي هوا تي به لرزي پوندو آهي. پر پرڏيهي محققن کي ڪير سمجهائي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سياسي ڪارڪن ائين پيدا نه ٿيندو آهي، جيئن دهشگردن جي ٺڪاڻن تان اهي خودڪش بمبار جن جو مٿو ميساريل هوندو آهي ۽ هو مڪمل طور تي برين واش ٿيل هوندا آهن. اسان وٽ سياسي ڪارڪن دل ۽ دماغ جو مرڪب هوندو آهي. هن کي سياست جي واٽ تي ڪو عقيدو نه پر اهو عشق وٺي ايندو آهي، جنهن جي صدا ڪنهن گيت ۾ گونجندي آهي. انهن وٽ عقل چالاڪيءَ جو اوزار نه پر سمجهه جو سعيو هوندو آهي. هو جيڪي ادب جي آڱر جهلي مجازي محبت جي معرفت مان اجتماعي الفت جي راهه تي هلندا آهن ۽ انهن کي پنهنجن ديس جي دردن ڀري فريم ۾ آخر تائين اها مورت موهندي رهندي آهي، جنهن جي اکڙين ۾ اسرار هوندو آهي. اهي نوجوان جيڪي ڪتابن کي چاهه سان پڙهندا آهن. جيڪي رات دير تائين قوم جي نجات واري واٽ جي باري ۾ اهڙيون ڪچهريون ڪندا آهن، جن ۾ مهڪ هوندي آهي، لطيف جي لفظن جي! اهي ڇوڪرا جن جي اظهار ۾ اياز جي سٽن جو سڳنڌ هوندو آهي ۽ جن جي بيان ۾ فيض جي فراق جي خوشبو هوندي آهي. اهي جڏهن علڻ فقير جي آواز ۾ اها وائي ٻڌندا آهن ته: ”ڌو نه منهنجي چولڙي هئه هئه ڌوٻي گهاٽ تي هن جي جنهن جو واس آ آئون انهيءَ جي گولڙي ڌو نه منهنجي چولڙي هئه هئه ڌوٻيءَ گهاٽ تي“ تڏهن انهن جي ماڻڪين مان موتي ڪري انهن جون پنبڻيون پسائي ڇڏيندا آهن. اهي سياسي ڪارڪن جيڪي ڪردار کي وڏي اهميت ڏيندا آهن ۽ جن جي دلين جو دائرو پوري دنيا جي درد کي پاڻ ۾ سمائي سگهندو آهي، انهن سان ڪهڙا ڪلور ٿين ٿا؟ ان سوال جي جواب جي هڪ جهلڪ آهي، ان آمريڪي انساني حقن جي رپورٽ ۾، جيڪا گذريل سال جي حوالي سان پڌري ٿي آهي ۽ ان رپورٽ کي سمجهه سان پڙهي پروڙي سگهجي ٿو ته صرف سياسي اختلاف جي بنياد تي انساني حقن جا پرزا ڪئين ٿا اڏاريا وڃن! ان رپورٽ جي روشنيءَ ۾ رياست جو رويو ظاهر ٿي رهيو آهي ته اها پنهنجي پيڙا ۾ اضافا ڪئين ٿي آڻي؟ جيڪڏهن قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي نظر ۾ ڪو به فرد ڏوهاري آهي ته ان سان قانون ۽ انصاف مطابق سلوڪ اختيار ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ پاڪستان جي سپريم ڪورٽ گم ڪيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ هن وقت تائين ايترا حڪم ڏئي چڪي آهي، جو انهن سمورن احڪامن ۽ رمارڪس کي ڪٺو ڪجي ته ”ڪمزور قانون ۽ ڏاڍي رياست“ جي نالي سان هڪ ڪتاب مرتب ٿي پوي. پر اها ئي رياست جڏهن آئين کي نه مڃڻ وارن ۽ عدالتن ۾ گهڙي گولين جو مينهن وسائڻ وارن ۽ نوجوان ڇوڪرن کي خودڪش بمبار بڻائي ملڪ جي مقتل ٺاهڻ وارن کي ”راه راست“ تي آڻڻ لاءِ جيڪي جتن ڪري ٿي، ان مان پوري معاشري کي ڪهڙو پيغام ملي ٿو؟ ڇا ان مان اهو نياپو نه ٿو اچي ته جيڪڏهن هو تمام وڏا ۽ خطرناڪ قاتل بڻجي ويا ته پوءِ انهن سان وڏيون رعايتون ڪيون وينديون. اهي صحافي جيڪي اڄ ڪلهه طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ واري حڪومتي ٽيم جا معزز ميمبر آهن، انهن بلوچستان ۽ سنڌ مان سياسي ڪارڪنن کي کنڀي ۽ انهن کي ننڍڙي پکيئڙي وانگر کنڀ کنڀ ڪري ڪنهن روڊ يا ڪنهن ٻنيءَ يا ڪنهن واٽر ڪپ جي ڀرسان اڇلائڻ وارن تي ته ڪو لفظ نه ٿا لکن پر هو رياست جو حليو بگاڙي ڇڏيندڙ طالبان کي منٿون ٿا ڪن ته ”اسان جي مدد ڪريو“ ۽ انهن جا اهي لفظ ميڊيا ۾ وڏي شان مان سان شايع ڪيا وڃن ٿا پر جڏهن ڪوئيٽا کان ڪراچي ۽ ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين گم ٿي ويل بلوچن جي بازيابيءَ لاءِ نياڻين سميت سفيد وارن وارو سياسي ڪارڪن هزارين ميل پيادل هلي ٿو ته ان جا مطالبا ٻڌڻ بدران هن کي ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف وٽ بمن ۽ بندوقن جي ٻوليءَ ۾ مطالبا ڪندڙ ٽولن سان پري جو تعلق رکڻ وارن لاءِ ته وقت آهي پر انهن بلوچن جي لاءِ هن وٽ ٻه گهڙيون ناهن، جن جي پيرن ۾ سفر جو ٿڪ تاريخ جو سڀ کان ڀاري بار بڻيل آهي پر هو پوءِ به امن جي واٽ نه ٿا ڇڏين ۽ هلندا ٿا هلن ۽ چوندا ٿا رهن ته انهن سان قانون ۽ انصاف ڀريو سلوڪ اختيار ڪيو وڃي ۽ انهن جي گهرن مان گم ڪيل گلابن کي واپس ورايو وڃي. ڇو ته انهن کان سواءِ سنڌ ۽ بلوچستان جا اڱڻ ڏاڍا اداس آهن. جڏهن پاڪستان جي خوشحال صوبن جي امير گهرن ۾ ننڍن ٻارن کي ”سليپنگ بيوٽي“ ۽ ”لٽل مرميڊ“ جون بيڊٽائيم اسٽوريز ٻڌايون وڃن ٿيون، تڏهن هن ملڪ جي مظلوم صوبن جون ڏاڏيون پنهنجن پوٽن جي وارن ۾ پورهيت هٿن واريون آڱريون ڦيرندي انهن ٻڌائن ٿيون ”گم ٿيل گلابن جي ڪهاڻي“ اها ڪهاڻي جنهن ۾ نه ڪو راجا آهي نه راڻي آهي! جنهن ۾ نه ڪا مهربان پري آهي ۽ نه ڪو ساٿ ڏيڻ وارو سهڻو سهارو!! جنهن ۾ صرف دهشت جا ديو آهن. جنهن صرف پرتشدد ۽ پيڙا ڏيڻ وارا اهي فرد آهن، جن کي معلوم ئي ناهي ته درد ڇا هوندو آهي؟ انهن مائرن جي اداس آواز ۾ گم ٿي ويل گلابن جو ڪهاڻيون اهي قانوني ۽ انصافي محقق به ٻڌن، جيڪي سخت لهجي ۾ ڳالهه ڪرڻ واري انداز کي به انساني حقن جي لتاڙ قرار ڏيندا آهن. انهن کي معلوم هجڻ گهرجي ته اسان جي ديس جي ديس جا نوجوان جيڪڏهن عالمي انقلابن جي ڪردارن مان انسپائر ٿي ڪو خواب ڏسن ٿا ته انهن سان گفتگو ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن کي ڪجهه سمجهائڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن کان به ڪجهه سڻڻ جي سگهه پيدا ٿيڻ گهرجي هن حڪومت کي جيڪي ٻڌائي سگهن ٿا ته هو عالمي ادب جا شاگرد آهن. انهن کي احساسن جون ٻوليون اچن ٿيون. انهن کي معلوم آهي ته جڏهن هڪ پکيءَ جو ٻچڙو وڻ جي ٽاريءَ تي جڙيل آکيري مان ڪرندو آهي ته پورو جهنگ اداس ٿي ويندو آهي. هو اوهان کي ٻڌائي سگهن ٿا ته جڏهن هڪ انسان صرف پنهنجي ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي بنياد تي نفرت جو نشانو بڻايو ويندو آهي ته ڏکڻ آفريڪا ۾ هڪ بينجن مولائيس جيل جي ديوارن تي اداس اکين جهڙا نظم ڪئين لکندو آهي؟ هو اوهان سان صرف جذبن ۽ احساسن جي بابن وارا داستان نه اوريندا پر هو اوهان کي اهو به سمجهائيندا ته جڏهن قومي جبر وڌي ويندو آهي تڏهن طبقاتي تضادن جو تشدد به ثانوي حيثيت اختيار ڪري وٺندو آهي. اهي ڇوڪرا، جن ۾ هن ديس جي چيڪي مٽيءَ جو سڳنڌ آهي. جن ۾ پهاڙي ولين جي مهڪ آهي. جن جي ٽهڪن ۾ به هڪ سانڍيل سڏڪو هوندو آهي. جن جي ارڏي سيني ۾ هڪ ماٺيڻي محبت جو مسڪن هوندو آهي. جيڪي دلين جا رشتا سڃاڻيندا آهن ۽ جيڪي اڻ ڄاتل ڳوٺن ۾ گهاريل راتين جي صبحن ۾ اهي گيت ڳائيندا آهن ته: ”مون پرهه جي هير کي ساجهر ڏنا تولاءِ سلام“ انهن کي هر پل ڪنهن پيار جي سار ايندي آهي ۽ انهن جي هر گهڙي ڪنهن گهاو وانگر گذرندي آهي پر پوءِ به هو روپوش رستن تي مسڪرائيندا ويندا آهن. انهن نوجوانن جو صرف ايترو تعارف ڪافي ناهي ته هو سياسي ڪارڪن آهن. سياسي ڪارڪن ته انهن کي شعور بڻايو پر انهن جي سمجهه جو سڳو سدائين جڙيل هوندو آهي، ان پيار جي سار سان جيڪا رابيل جي خوشبو وانگر انهن جي روح ۾ رهندي آهي. انهن گلابن جي ڪهاڻي کي ڪالم ۾ بيان ڪرڻ ڪٺن آهي. اهي درد جون صدائون ته نڙ بيتن جي وڄائي ٻڌائڻ جهڙيون آهن. پر هتي ڪير ٿو سمجي اياز جي انهن سٽن کي ته: ”هي شام جو مياڻي هي سون رنگ پاڻي تڙ تي ٻه چار ڏيئا نڙ تي ٻه چار لاسي!!“ ۽ انهن سٽن جي سنگ اهو احساس به هجڻ ضروري آهي ته: ”منهنجي اڪير ڇاهي؟ هي چٽ چيت من ۾ مندر، اداس ڏيئو اڌ رات دي و داسي“ پر اهي پريت جي ريت واريون پريم ڪهاڻيون ڪيئن سمجهي سگهندا اهي ماڻهو، جن جي لاءِ ساڳي سر جون سٽون آهن ته: ”جي تو اڃان نه ڄاتو آ ڪير ديس واسي تنهنجو جنم اجايو تنهنجي مٽي اڻاسي“