شاگرد، معاشرو ۽ مستقبل

'مختلف موضوع' فورم ۾ ملڪ خليل احمد ڊرگ طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2014۔

  1. ملڪ خليل احمد ڊرگ

    ملڪ خليل احمد ڊرگ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 مارچ 2014
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    18
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Professional Electrical Engineer
    شاگرد، معاشرو ۽ مستقبل

    شاگرد جو ننڍپڻ ڇا آهي؟

    شاگرد جو ننڍپڻ ئي ان جي جواني جو عڪس هوندو آهي. اڄ جو ٻار مستقبل جواڳواڻ آهي.

    ۽ جيڪڏهن ان ٻار کي ننڍپڻ ۾ ئي معاشري ۾ ٿيندڙ فضول رانديون ۽رسمون جنهن ۾ لغڙ، ويڊيو گيم، چديون، ڏيٽي ڏڪر، ڪيبل، هوٽل۽ فضول دوستي تحفي ۾ ملن ته هو ٻار پوري زندگي ۾ هن معاشري لاءِ ڪو به سٺو ڪم نه ڪري سگهندو.

    مثال نمبر1: اسين فصل مان وڌيڪ اوسط حاصل ڪرڻ لاءِ وقت تي دوا ، کهاد ۽ پاڻي ڇو استعمال ڪندا آهيون؟

    جيڪڏهن دواستعمال نه ڪبي ته فصل کي جيت تباه ڪري ويندا.

    جيڪڏهن کهاد استعمال نه ڪبي ته فصل طاقتور ڪو نه ٿيندو.

    ۽ جيڪڏهن پاڻي استعمال نه ڪندا سين ته فصل سڙي ويندو.


    مثال2.جيڪڏهن اوهان جو ٻارڪنهن به اسڪول ۾ پڙهي ٿو۽ ڇا ان کي به فصل وانگر وڌيڪ اپت حاصل ڪرڻ لاءِ دوا، کهاد ۽ پاڻي به ملي اٿو يا نه ؟

    پاڻي ته شاگردن کي وقت تي ملي ٿو (يعني درسي ڪتاب ۽ ڪاپيون مڪمل ڪرايون وڃن ٿيون) پر دوا ۽ کهاد جو ڪٿي به نالو ۽ نشان نه ٿو ملي يعني ان جي مستقبل لاءِ نه ٿو سوچيو وڃي ته شاگرد کي ايندڙ وقت ۾ڪهڙو پيشو اختيار ڪرڻ گهرجي. جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان بي روزگاري سان گڏ بي راه روي آهي.


    دوا ۽ کهاد يعني سٺي مستقبل لاءِ ڪير سوچيدو(والدين ، استاد يا معاشرو) ؟

    پاڪستان ۾ رهندڙ 95 فيصد والدين کي خود ڪيريئر پلاننگ جي خبر نه آهي.

    پاڪستان ۾ استادن جي جديد دور جي گهرجن مطابق ٽريننگ نه ٿي ڪرائي وڃي.

    معاشرويا ماحول هن وقت ڪيبل ۽ ميڊيا جي ڪنٽرول ۾ اچي مفلوج ٿي چڪو آهي


    سٺي ۽ جديد تعليم ڇا آهي ؟

    سٺي ۽ جديد تعليم يعني شاگرد کي عالمي معياري تعليم سان گڏ انهن جي روشن مستقبل لاءِ مڪمل پلاننگ ڪئي وڃي ته اڄ جي هي نسل مستقبل ۾ ڪيئن بي روزگاري کان بچي ڪري هڪ سٺو ۽ ڪامياب ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان، صنعتڪار، شاهوڪار، چارٽيڊ اڪائوٽنٽ، پائلٽ، سول ۽ آرمي آفيسر بڻجي سگهي يا گهٽ ۾ گهٽ پنهجو روزگار پاڻ حاصل ڪري سگي.


    هڪ خاص ڳالهه اسان جو ملڪ پاڪستان ترقي يافته ملڪن سان گڏ صرف ۽ صرف ڪيبل ۽ ميڊيا ۾ گڏ هلي رهيو آهي. پر تعليم جي ميدان ۾ اڃان 75 سال پوئتي آهي.

    جنهن جا ٻه مکيه سبب آهن.

    1. اسان جي ملڪ ۾ ڪيريئر پلاننگ نه ٿي ڪئي وڃي.

    2. سائنسي مضمونن کي سيکارڻ لاءِ ڪاري بورڊ جو استعمال ڪيو وڃي ٿو.


    محترم والدين ياد رکو:

    اوهان جو هڪ صحيح فيصلو اوهان جي ٻار کي بي روزگاري کان بچائي ڪري

    1. اينگرو ڪيميڪل ڏهرڪي 2. فوجي فرٽيلائزر ميرپور 3. ماڙي گئس ڏهرڪي 4. اينگرو اينرجي پلانٽ گهوٽڪي 5. قادرپور گئس فيلڊ 6. ليبرٽي پاور پلانٽ ميرپور 7. غلام محمد خان مهر شگر مل 8. رحمت گئس فيلڊ سردار ڳڙه 9. گهوٽڪي شگر ملز

    ۾ مزدور مان هڪ سٺو ۽ ڪامياب ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان، صنعتڪار، شاهوڪار، چارٽيڊ اڪائوٽنٽ، پائلٽ، سول ۽ آرمي آفيسر بڻائي سگي ٿو.

    بهترين دولت اوهانجي ٻار جي عالمي معياري تعليم سان گڏ بهترين تربيت ۽ ڪردارسازي آهي. هن وقت سنڌ ڇا پر پاڪستان جي 98فيصد ادارن ۾ شاگرد 12 سال پڙهي ٿو. ان عرصي ۾ هو شاگرد اڃا تائين پهنجي روشن مستقبل لاءِ مڪمل پلاننگ نه ڪري سگهندو آهي.

    ان جي روشن مستقبل جي تباهي جو ذميوار ڪير آهي ؟.

    اسڪول ـ ڪاپي ڪلچر ـ استاد ـ والدين يا ماحول

    تاڙي هميشه ٻن هٿن سان وڄندي آهي.

    انڪري اچو ته گڏجي هن معاشري جي نوجوانن جي سٺي مستقبل لاءِ ترقي جو قدم کڻون .

    اڄ جو صحيح فيصلو اوهان جي خاندان جون حالتون معاشي طور بهتر ڪري سگهي ٿو.

    سست شاگرد، پست خاندان * * * ڪامياب شاگرد، خوشحال خاندان.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا تمام سٹهو ٹاپک آهی.
    اوهان سنده سلامت جی شاگردن جی کیریئر پلاننگ م ودهیک رهنمائی کندا رهو ته بهتر.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم سائين اوهان جي تمام سٺي شيئرنگ آهي ... اميد ته اوهان پنهنجي قيمتي لکڻين ذريعي اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو