علامه آءِ آءِ قاضي جي واپسي شهريار زيب ديوارن کي لوڏي ڇڏيندڙ تيز ميوزڪ جي آواز علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي سڪون ۾ خَلل وڌو، ته علامه صاحب پنهنجي آخري آرامگاهه مان اٿي ٻاهر ڏٺو. سندس مزار جي سامهون هڪ شاگرد جي اها ڪار وڃي رهي هئي، جنهن مان سڪون برباد ڪندڙ انهيءَ فاسٽ ميوزڪ جو آواز اچي رهيو هو. تيز ميوزڪ ۽ تيز رفتاري واري اها ڪار هڪڙي ئي منٽ ۾ پري هلي وئي ته، علامه صاحب ٿڌو ساهه کڻي رستي طرف ڏٺو، رستي تي موجود ساون وڻن ۽ پرتي نظر ايندڙ خوبصورت عمارتن طرف ڏسندي علامه صاحب جي دل کي ڏاڍو سڪون جو احساس ٿيو، هو بي اختيار مزار جي ڏاڪڻ لهي رستي تي هليو آيو ۽ رستي تان گذرندڙ هڪ نوجوان کان پڪ ڪرڻ خاطر پڇيائين ته، ”پٽ ڇا اهي سڀ عمارتون سنڌ يونيورسٽيءَ جون آهن؟“”ها“ نوجوان تڪڙو تڪڙو هلندي مختصر جواب ڏنو. علامه صاحب نوجوان سان گڏ هلندي کانئس پڇيو، ڇا توهان سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد آهيو؟ ”ها“ نوجوان شاگرد وري به مختصر جواب ڏنو. ”اڄ مان سنڌ يونيورسٽي وزٽ ڪرڻ ٿو چاهيان، علامه صاحب شاگرد کي چيو، جيڪڏهن توهان کي اعتراض نه هجي ته مان يونيورسٽيءَ جي عمارتن تائين توهان سان گڏ هلان؟“ ”ڀلي هلو“ شاگرد علامه صاحب طرف ڏسڻ کانسواءِ مختصر جواب ڏنو. علامه صاحب خاموشيءَ سان، گهٽ ڳالهائيندڙ ۽ تيز هلندڙ شاگرد سان گڏ هلندو جڏهن سينٽرل لائبريريءَ جي اڳيان پهتو ته شاگرد بيهي علامه صاحب کي ٻڌايو، ”هن طرف آرٽس فيڪلٽي آهي ۽ هيڏانهن ٻئي طرف سائنس فيڪلٽي آهي....“ شاگرد مختلف طرفن ڏانهن اشارا ڪري علامه صاحب کي يونيورسٽيءَ بابت ڄاڻ ڏني ۽ آخر ۾ ويجهي بلڊنگ طرف اشارو ڪري چيو، ”هِي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريريءَ جي بلڊنگ آهي“. هاڻ مان وڃان؟ منهنجي ڪلاس جو ٽائيم ٿي ويو آهي. علامه صاحب مرڪي نوجوان شاگرد سان هٿ ملايو، ها پٽ! جلد وڃ، وڃي ڪلاس اٽينڊ ڪر. نوجوان شاگرد هليو ويو، ته علامه صاحب آرٽس فيڪلٽيءَ طرف ڏسندي سوچيو، لائبريري پوءِ، ڪلاس روم پهرين ڏسڻ گهرجن“ علامه صاحب سينٽرل لائبريريءَ کان آرٽس فيڪلٽي طرف ويندي، يونيورسٽيءَ جي خوبصورت عمارتن ڏانهن ڏسندي بيحد خوشي محسوس ڪئي، کيس احساس ٿيو ته، سنڌ يونيورسٽيءَ جي نالي ۾ سنڌ لاءِ سندس علم جو پوکيل ٻوٽو هاڻي وڌي وڻ ٿي چڪو آهي، پر... آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ جي سامهون پهچي علامه صاحب جي اها خوشي، حيرت ۽ پريشانيءَ ۾ بدلجي وئي، جتي ڪينٽين ٻاهران ڪرسين تي ويٺل ڪيترائي شاگرد وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي ڳالهه ڳالهه تي تاڙو ملائي رهيا هئا ۽ سامهون لان ۾ ڪيتريون ئي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا مختلف جاين تي ڪچهريون ڪرڻ ۾ مصروف هئا، ڪجهه سوچي علامه صاحب لان ۾ ويٺل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هڪ ٽولي طرف وڌي ويو ۽ سندن سامهون ويهندي پڇيائين: ”توهان سڀ سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد آهيو؟“ سڀني نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين حيرت مان علامه صاحب طرف ڏٺو. هڪ ڇوڪريءَ رُکائيءَ سان چيو: ”جِي ها، توهان کي ڪو اعتراض آهي؟“...”مون کي اعتراض فقط توهان جي ڪلاس روم کان ٻاهر هجڻ تي آهي. علامه صاحب وراڻيو ۽ هِي توهان سڀني جي هٿن ۾ ڪهڙو اوزار آهي، جنهن سان سڀئي ويٺا ٽڪ ٽڪ ڪريو!؟.“ ”ڪهڙي دنيا مان آيو آهين جُهونا“ وڏين اکين واري هڪ نوجوان مُرڪي وراڻيو. توکي ته موبائل فون جي به خبر ناهي! ”موبائل فون!“ علامه صاحب حيرت مان چيو. ” ها موبائل فون!“ نوجوان پنهنجي هٿ ۾ جهليل موبائل فون کي لوڏيندي چيو. هن ننڍڙي موبائل سان فون به ڪري سگهجي ٿي، ٽيڪسٽ ميسيج به ڪري سگهجي ٿو، ڇوڪرين جا فوٽو به ڪڍي سگهجن ٿا ۽ عشق به آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو! سڀني نوجوان شاگردن ۽ شاگرياڻين زور سان گڏيل ٽهڪ ڏنو. علامه صاحب ڏُکَ مان وراڻيو: ”توهان کي اهي مستيون ۽ شرارتون نه، پر تعليم ڪم ايندي، اُٿو پنهنجي پنهنجي ڪلاسن ۾ وڃو!“ ڪوبه شاگرد ڪلاس ۾ وڃڻ لاءِ نه اٿيو. سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين علامه صاحب کي نظرانداز ڪري ٻيهر پنهنجي ڪچهريءَ ۾ مستيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. علامه صاحب افسوس مان هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ اتان اٿي آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ طرف هليو ويو. آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ علامه صاحب هڪ ڪلاس روم جي ٻاهران وڃي بيهي رهيو، ڪلاس روم ۾ هڪ پروفيسر ليڪچر ڏئي رهيو هو پر ڪلاس روم ۾ فقط ٽيهه شاگرد موجود هئا، ليڪچر ڏيندي پروفيسر جي نظر دوازي طرف وئي، ته پروفيسر ليڪچر روڪي دروازي ٻاهران بيٺل علامه صاحب طرف هليو آيو ۽ علامه صاحب کي سڃاڻڻ کان سواءِ پڇيائين: ڪنهن سان ملڻو آهي توهان کي؟ علامه صاحب پڙهائيندڙ پروفيسر سان هٿ ملائي اڳتي وڌي ويو، وڃي هڪ ٻئي ڪلاس روم ۾ سندس نظر پئي ته، ڪلاس روم ۾ ته گهڻا شاگرد موجود هئا، پر استاد نه هو. آرٽس فيڪلٽيءَ کان پوءِ علامه آءِ آءِ قاضي سائنس فيڪلٽي توڙي ٻين مختلف ڊپارٽمينٽس ۾ به ويو، پر جتي ڪٿي کيس ساڳي صورتحال نظر آئي، جنهن کان پوءِ علامه صاحب سينٽرل لائبريريءَ طرف هليو ويو، سينٽرل لائبريريءَ ۾ ڪي شاگرد پڙهي رهيا هئا، ته ڪي وري آهستي آهستي پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا، علامه صاحب هڪ بڪ شيلف جي ڀرسان وڃي هڪ ڪتاب ڏسڻ لاءِ کنيو، ته ڪتابن ۾ موجود مٽي سندس هٿ کي لڳي پئي، هن ڪتاب کي صاف ڪري واپس بڪ شيلف ۾ رکيو. علامه صاحب وائيس چانسلر جي ڪمري طرف وڌيو، ته دروازي تي موجود پٽيوالي کيس روڪي ورتو ۽ کيس وائيس چانسلر جي پي اي ڏانهن وٺي ويو، پي اي علامه صاحب کي وائيس چانسلر سان ملائڻ کان انڪار ڪندي چيو، وائيس چانسلر صاحب غير ضروري ۽ غير واسطيدار ماڻهن سان ناهي ملندو!، علامه صاحب پنهنجي ڪاوڙ تي ضبط ڪندي چيو ته، مان غير ضروري ۽ غير واسطيدار ماڻهو نه آهيان! پي اي بيزاريءَ مان وراڻيو ”ڪير آهيو توهان؟ مان ته توهان کي نٿو سڃاڻان!“ علامه صاحب ٿڌو ساهه کڻي چيو ” مان... مان آءِ آءِ قاضي آهيان!“ پي اي غير يقينيءَ ۽ حيرت مان علامه صاحب جي چهري طرف ڏٺو. علامه صاحب ٿورو سخت لهجي سان پي اي کي چيو ته، ”وڃ وڃي وائيس چانسلر کي ٻڌاءِ ته هن يونيورسٽيءَ جو باني آءِ آءِ قاضي آيو آهي!“ پي اي علامه صاحب جي نظرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ بي اختيار تڪڙو تڪڙو وائيس چانسلر جي ڪمري ۾ هليو ويو، هڪڙي ئي منٽ اندر پي اي واپس آيو ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ طرف ڏسندي چيائين: ”وائيس چانسلر صاحب مصروف آهي، هن وٽ توهان سان ملڻ لاءِ ٽائيم ناهي!“ علامه آءِ آءِ قاضي وائيس چانسلر جي آفيس کان ٻاهر نڪري، هڪ دفعو ٻيهر سنڌو درياهه طرف هليو ويو.
تمام بهترين ڪهاڻي. سنڌ يونيورسٽِي جا شاگرد جيڪي پڙهڻ وڃن ٿا شايد اُهي به علامه صاحب کي سڃاڻي نه سگهيا آهن. هتي (ورسٽِي) ۾ جيڪو آيو ، ياته عاشق ٿيو، يا ته غنڊو. باقي پڙهڻ وارو ته ڪو ڪو هُجي ٿو .
انتهائي بهترين تحرير آهي . ڪامريڊن جون مهربانيون آهن جو هڪ عظيم الشان درسگاهه هر لحاظ کان ابتر حالت ۾ آهي . تعليم ادارن کي تباهه ڪندڙ قوميت جا دعويدار پنهنجي قوم کي ڪهڙو ڦل ڏيندا اهو ڪنهن کان مخفي ناهي .
بس ادا لکڻ لا ڪجهه به نه بچيو آ. ڇا لکان ؟ زبردست ڪهاڻي ادا. بلڪل موجوده وقت جي صحيح عڪاسي ڪيل آهي 100 في صد هن وقت يونيورسٽي جي اها ئي حالت آهي.