پوليگراف،ڪوڙ پڪڙڻ واري مشين

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
اڄ ڪلھ وڏو توڙي ننڍو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن.ڪوڙ کي سڀني گناهن ۽ ڏوهن جي پاڙ قرار ڏنو ويو آهي.هن کان اسان کي پاسو ڪرڻ گهرجي. ۽ ڪوڙ بابت قرآن شريف ۾ پڻ فرمايو ويو آهي.
Polygraph-simpson.jpg
پوليگراف مشين کي انگريزي ۾ لائي ڊڪيٽر lie detector به چوندا آهن.
پوليگراف مشين 1921ع ۾ ڪيليفورنيا جي يونيورسٽي جي هڪ شاگرد جان لاس ايجاد ڪيو.هن جي ايجاد ٿيل مشين 1940 کان پوليس پاران ڏوهارن کان پڇا ڳاڇا لا استعمال ٿيندي پئي اچي.پڇا ڳاڇا جو اهو طريقو آهي ته جوابدار کي هڪ خاص ڪرسي تي ويهاربو آهي پو جسم مان ناليون.تارون وعيره ڳنڍيون وينديون آهن.ائين جيئن ڊاڪٽر ڪنهن مريض جي اي سي جي يا بلڊ پريشر چيڪ ڪندو آهي.
پو ان جوابدار جي آڏي پوڇا ڪئي ويندي ۽ ان دوارن پوليگراف مشين ان شخص جي ساه جي رفتار،بلڊ پريشر ،پگهر جي حالت ۽ مقدار سميٽ ان جي جسم جي مختلف ايندڙ طبعي ۽ طبعي تبديلن کي نوٽ ڪري ،انهن سڀني ڳالهين جو تجزيو ڪري هڪ مانيٽر تي ڏيکاريندو آهي ته ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي يا سچ.......
 
Back
Top