(اياز) جَڏهن انسانُ تَنها هوندو آهي، ته ڃا واقعي تَنها هوندو آهي! تَنهائيءَ جو احساسُ ته هُجومَ ۾ ٿيندو آهي، تَنهائيءَ ۾ ته انسانُ پاڻَ سان گڏ هوندو آهي.
هر انسان جي ڪيفيت پنهنجي هوندي آهي ڪٿي جلوت ۾ خلوت هوندي آهي ته ڪٿي وري خلوت ۾ جلوت هوندي آهي بهرحال انسان تنها نه هجڻ گهرجي جنهن به حال ۾ هُجي مصروف هجي پوءِ يار سان مصروف هجي يا يار جي يادن ۾ مصروف هجي. واندڪائي عورتاڻي صفت آهي پءِ ظاڪر ۾ اهو ڪو مرد ئي ڇو نه هجي پر يار جي ڳالڍاپي ۾ ڳنڊيل هجي هر وقت ان سان مصروف هجي پوءِ ظاهر م ڪا عورت ئي ڇو نه هجي اصل ۾ مرد آهي. اها ڪيفيت صرف يارِ حقيقي جي عشق سان ئي ٿي سگهي ٿي مادي ڪنهن به شي سان اها محبت نه ٿي ٿي سگهي.