تنهنجي ماءُ توکي پنهنجي پيٽ ۾ پورا نؤ مهينا کنيو. انهيءَ دؤران هو مسلسل اُلٽين سان بيماري واري ڪيفيت ۾ رهي، جيئن پوءِ تيئن کيس سُڄندڙ پيرن، ڇڪجندڙ چم ۽ انهيءَ جي پيڙا کي منهن ڏيڻو پيو. جڏهن به کيس ڪنهن ڏاڪڻ تي چڙهڻو ٿي پيو ته کيس ساهه ويندو محسوس ٿيو.، کيس ننڍي کان ننڍو ڪم (جهڙوڪر جهُڪي جوتا سِڌا ڪري پير ۾ پائڻ) به هڪ وڏو ڪم پئي لڳو. کيس راتين جون راتيون بار بار ڄاڳڻو ٿي پيو جڏهن تون سندس پيٽ ۾ ڦٿڪين پئي ۽ کيس لتون پئي هنيئي. ۽ پوءِ هڪ رات آئي جڏهن تنهنجي ڪري کيس شديد تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو ۽ تنهنجو وجود ٻاهر آيو، تنهن کان پوءِ هو تنهنجي نرس ٿي، تنهنجي بورچي ٿي، تنهنجي سار سنڀال ڪندڙ ٿي، تنهنجي بهترين پرستار ۽ تنهنجي بهترين دوست. هن تنهنجي لاءِ جدوجهد ڪئي، تو لاءِ جهيڙيندي رهي، پاڻ توکي ارپي ڇڏيو ۽ تنهنجي ڪاميابي لاءِ دعا ڪئي. پر بدلي ۾ توکان ڪُجهه نه گهريو، اسان مان گهڻا سمجهندا آهن ته ماءٌ ته بس هوندي ئي آهي. هر ڪنهن کي هوندي آهي. پر قدر انهن کي آهي جن کان انهن جي ماءُ هلي وئي. پر انهيءَ کان پهرين جو هو توکان پري وڃي ۽ هٿ مليندو رهجي وڃين هُن جي قدر ڪر ۽ هُن جي خدمت ڪر. فيس بُڪ تي گروپ نائيجيرين انفارميشن جي ٿورن سان!