ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
گهڻي ڏينهن کان پوءِ ڪو موضوع کنيو آهي يقينن ڪئي غلطيون به شايد رهجي وڃن ته معاف ڪندا.
ڪنهن قوم تي عذاب جو تصور جيڪو اسان جي ذهنن ۾ آهي اهو اهو ئي آهي ته انهن مٿان ڪا پٿرن جي بارش ٿئي. هنن جو جسم ڪنهن باھ ۾ وڪوڙيل هجي زلزلو اچي ان جاءِ تي هيٺين زمين کي مٿان ڪري ۽ مٿين زمين کي هيٺ ڪري وغيره وغيره.
جيڪو اڄ اسان جي سماج جو حال آهي ان جي مطلق ڇا چئجي ان لاءِ مختلف رايا آهن . ماڻهن ۾ ڪئي اهڙا ماڻهون به آهن جيڪي ججنت وجهنم جو مثال هن دنيا جي اندر موجود تصور ڪن ٿا، ڪن جي نظر ۾ اهي ماڻهون آهن جن جي نظر ۾ اهو تصور بعد از موت آهي اتي ڪو وڏو آڙاھ هوندو جنهن ۾ ماءُ پي کان ستر ڀيرا وڌيڪ محبت ڪندڙ رحيم رب ان ۾ انهن کي وجهندو. ڪن جو خيال آهي ته جيڪي هتي جنت ۾ رهن ٿا انهن لاءِ آخرت ۾ به جنت آهي انهن وٽ نظريو انسان جي ذات م سڪون بيچيني کان پرهيزگاري جو تصور آهي. خير ڪير صحيح آهي ڪير غلط آهي اهو فيصلو ته سڀڪو پنهنجي نقطءِ نظر جي مفتين کان پُڇي.
يعني جنهن جاءِ تي اڄ اسان جو سماج بيٺو آهي جتي نه عزت محفوظ آهي نه غيرت محفوظ آهي نه جان نه مال. جتي نه ويساھ آهي نه احساس آهي نه خوف نه ايثار نه نه پيار نه محبت نه ڪرم نه سخا ان معاشري جي ماڻهن کي اڃان انتظار آهي ته اڃان وڏو عذاب آهي جيڪو انهن تي ايندو.
جتي دين جي نالي تي ماڻهن جا ڳلا ڪاٽيا وڃن جتي مذهبي اختلاف جي بنياد تي ٽارگٽ ڪلنگ ٿي ره هجي جتي بک ۽ بدحالي جي بنياد تي والدين پنهنجي اولاد کي قتل ڪندا هجن ، جتي پسند و انا پسند شادين جي بنياد تي اولاد ماءُ پيءُ کي ماءُ پي اوالد کي قتل ڪن جتي غيرت جو معيار بي عدالتي جي بنياد تي ٿيندو هجي، جتي قتل وارثن جي اڳيان آزاد هجي، جتي صلحُ جي بنياد تي قاتل کي معاف ڪيو وڃي ان انسانيت سان جيڪو ظلم ڪيو آهي ان تي ڪا سزا ناهي . جتي انسايت سوز قاتلن سان ڳالهيون ٿينديون هجن جتي دولت عزت جو معيار هجي، ڇا لکي ڇا لکجي انهن سڀني شين کي عذاب نه سمجهيو ويندو هجي ان قوم کي ڪهڙي باھ ۾ وڌو ويندو ۽ ان باھ ۾ هن کي ڪهڙو عذاب محسوس ٿيندو والله عالم.
پر اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ان گهر جي مطلق جنهن جي گهر جو هڪ ڀاتي ظلم جي موت مئو هجي. ان تي ڇا گذرندي آهي جنهن گهر ۾ ويڪسين نه پهچڻ جي ڪري پعذور ٿيندڙ ٻار کي پاليندڙ والدين جي ڪيئن گذرندي آهي دهشتگردي ۾ مارجندڙ ماڻهن جي گهرن جي مٿان ڇا ٿي گذري پئي. جيڪي ٻار يتيم ٿي ويا جيڪي اولاد کان محروم ٿي ويا جيڪي عورتون وبيوه ٿي ويون جن جي زندگي جون لٺيون وقت کان پهريان ڀڄي پيون خدا جو قسم انهن ماڻهن تي جيڪا گذري رهي آهي دنيا جي ڪنهن به لغت ۾ طاقت ناهي ته هو انهن جي احساسن جي تشريح ڪري سگهي.
دنيا حادثن مان ترقي ڪندي آهي اسان ڇا پرايو آهي؟
اوهان غور ڪريو ته دنيا ۾ موت ڪيترن قسمن جا ٿيندا طبعي موت طبعي عمري موت طبعي حادثاتي موت ، اخلاقي موت جذاباتي موت ظالم جي زريعي سان ظالم جو موت ظالم جي هٿان مظلوم جو موت مظلوم ناحق قتل وغير آهن انهن تي طويل بحث آهي جيڪا هتي نه ٿي ٿي سگهي.
پر ان تي جي غور ڪريون ته موت کان انسان سان محبت رکندڙ بيدار سماجن ڪيتري طرقي ڪئي آهي. جڏهن انسان بيمار ٿيو ته سائنس دواؤن ايجاد ڪيون. جڏهن علائقائي يا ملڪي بيمارين جنم ويرتو ته ويڪسين جنم ۾ آئي اسان جي علائقن ڳوٺ ڳوٺ تائين پهچندڙ اهي ويڪسينز ان جو نتيجو آهن جتزلزله ايندا آهن اتي انهن زلزن جي بچاءُ وارا سسٽم وجود ۾ آيا. ڊائگنوسٽڪ مشينري وغيره ان اسان جي هڪ بيماري جي خلاف ٿيندڙ ڪاوشون آهن.
اهي قومون عزت سان جيئن پيون جن وٽ احساس آهي جن قومن وٽ پنهنجي هڪ مجرم لاءِ به ايثار آهي بيشڪ دينا انهن قومن کي نفرت جي نگاه سان ڏسي ٿي ر حڪمراني به يقينن انهن جو مقدر آهي جن پنهنجي سماج کي مظبوط ڪيو آهي. اڄ مغرب مشرق تي فوقيت رکي ٿو ته هي ڪو غلط ٿورئي آهي هو دنيا تي حڪمران آهن ان لاءِ جو ان لاءِ پنهنجي رات ڏينهن محنت ڪئي آهي. انهن قومن ۾ اوهان ڏسندو ته امن آهي آزادي آهي هر هڪ ماڻهون جو حق محفوظ آهي وغيره وغيه
انهن ملڪن جي قومن ۾ اها جُرئت رهي آهي ۽ اڄ به آهي ته هو پنهنجي حڪمران طبقي جي سامهون بيهي ڪري ان کان سوال ڪري سگهن ٿا انهن اهو پنهنجو اختيار وڪو ناهي.
اڄ ڪيڏي نه شرم جهڙي ڳالھ آهي ته اسان جي شاگردن کي اهو پڙهايو وڃي ٿو ته سائنس جو بنيادي علم وجهندڙ مسلمان سائنسدان هيا. فلاڻو سائنسدان حيتياتي سائنس جو موُجد آهي ته فلاڻو ڪيميسٽري جو ته فلاڻو فزڪس جو. پر اڄ پنهنجي ان وڃايل مقام تي انفرادي ته ڪم ٿيندو پر اجتمائي ڪم نه پيو ٿئي. خير هي موضوع طويل ٿي ويندو.
ايترو سوچڻ جي ضرورت ضرور آهي ته ڄ جي دنيا ۾ جتي پل ۾ ماڻهون دنيا جي مختلف هنڌن تي ٿيندڙ حادثن کان ڪجھ ئي منٽن ۾ واقف ٿي وڃي ٿو اتي ڪيڏي نه شرم جهڙي ڳالھ آهي انهن بيضمير حڪرانن لاءِ پر بيضمير حڪمران ان لاءِ آهن جو هي قوم بيضمير ٿي چُڪي آهي چون ته اسان کي ٿر جي ان ڏڪار جي دير سان خبر پئي هي شرابي حوس سان لبريز جي هن کي ڪو شرابي چوي ته انهن کي اهو چئي ذليل ڪيو وڃي ته سائين هي انهن جو ذاتي معاملو آهي. سائين هوندو اهو انهن جو ذاتي معاملو ليڪن اسان مٿان حڪمراني انهن جو ذاتي عمل ته ڪونهي هو پنهنجي ذاتي بيماري ۾ مٿي جي سُر لاءِ به آمريڪا ۽ برطانيا ويندا هُجن. اوهان کي مونکان بهتر خبر هوندي ته هر وزيرسان هڪ سرڪاري داڪٽر 24 ڪلاڪ موجود هوندو آهي وزيرِ اعظم و صدر سان هر بيماري جو هڪڙو سپيشلسٽ يعني دل جو اسپيشلسٽ سرجيڪل اسپيشلسٽ نيورو سپيشلسٽ وغيره ان جي هر ڪاروان ۾ گڏ هوندا آهن ان کان علاوه جنهن جاءِ تي هي سستيون وينديون آهن اتان جي اٿارٽي ج0و عليحده بندوبست هوندو آهي هنن بيشرمن کان پُڇجي ته اوهان پنهنجي ذاتي زندگي ۾ هي قوم جو سرمايو ڇو لڳايو آهي اوهان غور ته ڪريو آمريڪا جو صدر جنهن ڏينهن چونڊجي ويندو آهي ان ڏينهن کان ويندي حلف کان ويندي ريتائر مينٽ تائين هو گورنمنٽ جي پراپرٽي طور ڄاتو ويندو آهي هي جيڪو اوهان ۽ اسان ڏسنون پيا نه ته ڪنهن جي ذلالت کي پارٽي پاليسي جو نظريو نه چوندي ان جو ذاتي نظريو چئي ڪري انڪار ڪيو ونيدو آهي اهو دنيا جي مهذب قومن ۾ ناهي .۽ هتان جي آرمڊ فورسز جي چيفس سان پڻ سرڪاري ڊاڪٽرز گڏ هوندا آهن.
معزرت سان هي جيڪا اسان زندگي گذاريون پيا دنيا ۾ اسان کي دهشتگرد سڏيو پيو وڃي دنيا ۾ اسنا کي ذلت جي نگاه سان ڏٺو پيو وڃي. اسان جي انساني سماجن مان انساني قدرون ختم ٿي چُڪيون آهن نه هن سماج ۾ عزت نه غييرت نه شرم نه هيا نه ايثار نه ڪا انساني قدر باقي آهي ۽ اسان اڃان ڪنهن عذاب جو انتظار ڪيون پيا هن جهنم مان نڪري ڪنهن ٻي جهنم ۾ ويندا سين اهو چوڻ به ڪجھ دوستن جو آهي.
اڃ هڪ دوست سان گڏ نيوز ۾ ٿر تجي ڏڪار تي پيش ٿيندڙ جڏهن رپورٽ ڏٺي سون پئي ته ان هڪ ڳالھ چئي جيڪا دل کي لڳي ته ڏاڏل تو کي خبر آهي ته انسان تي سڀ کان وڏو عذاب ڪهڙو آهي مون چيو اوهان ئي ٻڌايو ته چوڻ لڳو ڏاڏل جڏهن انسان مان انساني احساس اڏامي وڃن ته اهو الله جو سڀ کان وڏو عذاب آهي انسان مٿان اسان جو سماج جنهن دؤر مان گذري رهيو آهي ان ۾ هي سڀ انساني قدرن جو اقتدار زوال پزير آهي ان لاءِ هي سڀ ڪجھ ٿي رهيو آهي هي جهنم آهي ان کان وڏو ڪو عذاب ناهي جتي ماءُ اولاد کي قتل ڪري جتي مذهب جي نالي تي انساني قتل وغارتگيري ڪئي وڃي جتي بکئي ۽ بدحال جي ڪير سار لهڻ وارو نه هجي ڇو جو اتان ضمير جهڙي دولت لڏي چُڪي هوندي آهي جيئن لطيف سرڪار چيو آهي ر
رب رُسي مَتِ کسي هڻي ڪو نه هٿيار.
وسلام