بابا مونکي ماريندو هو ته امان مونکي بچائيندي هئي. هڪ ڏينهن مون سوچيو جي امان ماريندي ته ڏسان با با ڇا ٿو ڪري اهو ڏسڻ لاءِ مون هڪ ڏينهن امان جو چوڻ نه مڃڻ جو سوچيو. امان چيو وڃ بازار مان وڃي ڌنؤرو وٺي اچ ته مان نه ويس، ڀاڄي گهٽ ڏني ته مون وڌيڪ گهري، امڙ چيو ته ماني منجي تي ويهي کاءُ ته مون رِلي وڇائي ماني کائڻ شروع ڪئي، مون ڪپڙا ميرا ڪري ڇڏيا لهجو به گستاخي وارو شروع ڪيو ،هاڻي مون کي پڪ هئي ته هاڻي ضرور مار پوندي. پر امڙ مونکي سيني سان لڳائي چيو منهنجا لال ماءُ صدقي تنهنجي طبعيت ته خراب ناهي؟ تون بيمار ته ناهين ٿيو.؟ ان ڏينهن اکين جا ڳوڙها جو رڪجن ئي نه پيا. مرزا اديب جي ڪتاب ٽي ڪا ديا تان ورتل اقتباس. وسلام