• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل ڪروم کي پاڻمرادو اپڊيٽ ڪرڻ کان روڪيو

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
j3783fJ0L21lo.jpg

سنڌ سلامت سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ ۽ ان جو درست ڏيکاء ڏيڻ لاءِ جتن ڪري رهي آهي ان سلسلي ۾ ڪجهه وقت اڳ سنڌ سلامت ريڊ نالي ايڪسٽينشن رليز ڪيو ويو جنهن ذريعي سوشل نيٽورڪس تي نه صرف سنڌي لکائي کي درست طور ڏسڻ جو اهتمام ٿي سگهيو ... پر ان سان اردو لکائي کي درست ڏيکاء ملي سگهيو...

jkZqj85Oh6vot.png

پر ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سلامت جي ساٿي محترم ڪليم کهڙو هڪ موضوع موڪلي گوگل ڪروم ۾ فيس بوڪ جي هڪ پريشاني پيش ڪئي هئي... جنهن تحت سنڌي ته ايڪسٽينشن انسٽال ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ته درست نظر آئي ٿي پر اردو لکائي پڙهڻ جي قابل نه هئي...

1799871_822990297726742_803947115_o.jpg

ساڳي قسم جي پريشاني ادا سليمان وساڻ پڻ پيش ڪئي هئي...
jbukRAcB8hBVPd.jpg

ٻنهي مسئلن ۾ جيڪا مشترڪه ڳالهه هئي سا هئي گوگل ڪروم جو ليٽيسٽ ورجن 33 جنهن جو تجرباتي ۽ ڊيولپمينٽ ورجن پنهنجي اپڊيٽس ته آڻي رهيو آهي پر اڃان تائين ان جو اسٽيبل ورجن رليز نه ٿيو آهي.. جنهن ڪري ڪافي ڪروم ايڪيسٽينشن ڪم نه ڪري رهيا آهن...
jbyn0KvbEEpQrb.png

سنڌ سلامت ريڊ ايڪسٽينشن جنهن وقت رليز ڪيو ويو هو ته ان کي گوگل جي پراڻن ۽ ان وقت جي جديد ورجن 28 تائين ڪاميابي سان آزمائي چيڪ ڪيو ويو هو پر گوگل طرفان ڪروم برائوزر بار بار اپڊيٽ اچڻ ڪري جتي نوان فيچرس ملي رهيا آهن اتي پراڻا فيچرس متاثر پڻ ٿي رهيا آهن.. اهو ئي سبب آهي جو ڪروم يوزرس اهڙن اپڊيٽس کي واڌو نظر سان نه پيا ڏسن...
مون وٽ گوگل ڪروم جو آخري اسٽيبل ورجن 32 آهي جنهن ۾ هي ايڪسٽينشن درست ڪم ڪري رهيو آهي..​
jKPjdL4bJqMpG.png

ڪجهه دوستن نئين ورجن کي ڊيليٽ ڪري پراڻو ورجن ڪيو ته سهي پر کين شڪايت رهي ته گوگل وارا پاڻمرادو سندن پراڻي ورجن کي اپڊيٽ ڪندي نئين ورجن ۾ آڻيو ڇڏين.. پر جيڪڏهن توهان چاهيو ته اهڙي اپڊيٽ کي روڪي سگهو ٿا .. جيئن مٿي ڏسيل 32 ورجن جي اسڪرين شاٽ ۾ ورجن جي هيٺان اپڊيٽ کي روڪڻ بابت ٻڌايو ويو آهي.. گوگل ڪروم کي اپڊيٽ کان روڪڻ لاءِ هوئن ته ٻيا به طريقا آهن پر سڀ کان آسان طريقو پيش ڪجي ٿو...
ان لاءِ سڀ کا پهريان هتي ڪلڪ ڪري ڪروم برائوزر جو 32 نمبر اسٽيبل ورجن ڊائونلوڊ ڪريو، پهرين ورجن کي ان انسٽال ڪريو ۽ ڊائونلوڊ ڪيل 32 ورجن کي انسٽال ڪريو .. هاڻي گوگل ڪروم ايڊريس بار ۾ chrome://plugins لکي انٽر پريس ڪريو...

chrome-plugins_thumb.jpg


جتي Google Update نالي پلگ ان ڳولي ان کي غير فعال (Disable) ڪريو...

jbJjba6089q1y.png


اميد ته الجهائيندڙ مسئلو سلجهي ويندو...
 
Back
Top