پاڪستان ۾ پهرين ڪارڊ ليس اي ٽي ايم سروس بينڪ اسلامي پاڪستان لميٽڊ ملڪ جي تاريخ ۾ پهرين ڪارڊ ليس اي ٽي ايم سروس متعارف ڪرائي ڇڏي آهي جنهن سان مالياتي شعبي جي ترقي ۾ نمايان مدد ملندي بائيو ميٽرڪ اي ٽي ايم جي سهولت انتهائي اعتماد واري آهي ۽ هي شهري توڙي ٻاهراڙي جي علائقن ۾ برابر جي فائدي مند آهي. آنگوٺي جي نشان سان هلڻ واري اي ٽي ايم فراڊ يه ڌوڪي ۾ استعمال ڪون ٿي سگهندي ۽ ان سان صارفين جو سهولت ۾ اضافو ٿيندو. بينڪ اسلامي پوري ملڪ جي 77 شهرن ۾ پنهنجي 201 برانچن ۾ ڪارڊ ليس اي ٽي ايم مشين جي سهولت ڏيڻ جو سوچي رهي آهي.
ڳالهه ته ڀلي پر جتي رتي سون لاءِ نياڻين جي ڪن وڍڻ جا واقعا ٿيندا هُجن اُتي ماڻهن جي آڱر وڍيندي به دير نه ڪندا جيڪڏهن مزاحمت ٿي. الله سلامتي ۾ رکي سڀني کي.