• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجو پاڻ کان شڪايت .

جڏهين ننڍو هوندو هيس ته هڪڙو نغمه ڪمپني نالي ٻه بينڊو ريڊيو ورتو، اهو به نغمه نالي اداڪارا جي عشق ۾ متاثر ٿي ،۽ انهي ئي ريڊيئي منهنجي زندگي تباه ڪئي ، هڪ ته عمر جو اهڙو حصو جنهن ۾ ڪو به ٻار جواني واري انڌ جي گهوڙي تي جڏهين سوا ر ٿيڻ جي لا لانگ ورائي ٿو ، ته نفعي نقصان واري ڳاله کي وساري ٿو ويهي . اميد ته سڀئي دوست سمجهي ويا هوندا .هڪ غربت ، ٻيو ٻهراڙي جو ٻار، جنهن جي ڳوٺ کان چاليه (40) ميل پري ڪاليج ، اچڻ ۽ وڃڻ جي لا سواري يا لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش جي ڪا به سهولت نه هجڻ جي باوجود ،ڪنهن اداڪارا جي عاسق ۾ مبتلا ٿي ان جي نالي وارو ٻه بينڊو ريڊيو وٺي پڙهائي سان گڏوگڏ انهي ئي ريڊئي تا ن فلمي گانا ٻڌڻ سان هڪ غريب ٻار جي زندگي تباه نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو. س
انهي ريڊئي تان ڪو گانو نشر ٿيندو هو جيڪو وڏي شوق سان ٻڌندو به هيس ته چوندو به هيس .
( ڪهان تڪ سنو گي ، ڪهان تڪ سنائون ،)
( هزارون ڪي شڪوي هين ،ڪيا ڪيا سنائون .)
بس انهي ئي ڏاڪي تان پير ٿڙڪيو ، سموري زندگي تباه ٿي ،جنهن عمر ۾ زندگي سنوارڻ جو وقت هوندو آهي ،اهو وڃائڻ سان پو وڏي جاکوڙ ۽ محنت سان ڪو سڌو نه پر وري به اڙانگو رستو ملي ٿو ،جنهن تي هلڻ سان بس اسان وانگر زندگي اڌ وري ، اڌ وري گذ ري ٿي .. ڪنهن شاعر منهنجي زندگي جي بس خوبصورت عڪاسي ڪئي آهي .
اسان بس رهيا سين اڌورا اڌورا . ان ڪهاڻي جي لکڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته اسان جا نوجوان پنهنجي وقت جو قدر ڪن وڃايل وقت وري ڪڏهين به کين هٿ نه ايندن . هاڻي منهنجو وقت رڳو پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي دوست سليمان سان شڪايتون ۽ حڪايتون ڪندي گذري ٿو . پر حرام جو ان جي ڪن تي ڪا جون رينگي ٿي .
 
images

زندگيءَ جو هڪڙو نالو قانون به آهي. جيڪڏهن ڪنهن انسان وٽ هڪ ماني هجي، پاڻ بکيو هجي، ان جي ٻارن کي فاقو هجي، ظاهر آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ پنهنجي ٻارن جي ماني ڪتن کي ڏيڻ جي غلطي نه ڪندو. جيڪڏهن ڪنهن مسافر کي ريگستان پار ڪرڻو هجي ۽ ان وٽ پاڻيءَ جي هڪڙي پخال هجي ته هو پاڻيءَ سان پيرن کي ڪو نه ڌوئيندو، بلڪه پاڻيءَ جو هڪڙو هڪڙو قطرو، پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ محفوظ رکندو. افسوس آهي جوانسان، انهن شين کي استعمال ڪرڻ ته ڄاڻي ٿو پر جڏهن ان جي سامهون خود پنهنجي زندگيءَ جي بي بها شي (وقت) جي استعمال جو سوال ٿو اچي ته پوءِ اهو بلڪل ئي نادان ٿي وڃي ٿو.بشڪريه ڪتاب شاه لطيف جو تصور ڪائنات۔تحرير۔خ ق سومرو
 
ڀا ممتاز علي وگهيا صاحب ! اوهان جي وڏي مهرباني جو سهڻا مثال ڏيئي منهن جي مو قف کي نوجوانن اڳيان رکيو آهي .اميد ته اسان جي غلطين مان سبق پرائي پنهنجي زندگي کي خوبصورت بنائيندا .
 
هاهاهاها .... ڦري گهري ڳالهه شڪايت تي ختم ٿي .... بس چاچا ڪريم ڪو ته آهي جنهن کي اوهان پنهنجون شڪايتون ٻڌايو ٿا يا سمجهو ٿا ته اتان ڪو حل نڪرندو ... مان اوهان لاء ڪجهه ڪري ته نه ٿو سگهان پر قيمتي وقت ڏيان ٿو ڇا اهو گهٽ آهي؟

اوهان کي رب خوش رکي ... سدا سلامت هجو
 
پيارا سليمان !
جڏهين کان اوهان شاه ڀتائي جو اهو بيت پڙهي ٻڌايو ۽ هدايت ڪري فيصلي ڪرڻ جو اختيار منهنجي حوالي ڪيو ، يقين ڪر ته ان ڏينهن کان وٺي پنهنجن پيارن کان هاڻي رسڻ ڇڏي ڏنو آهي .
( رتي رس م تن کان ، جي ري سري نه ساه ، )
( هو جهيڙين ،تون جهڪو ٿي پاند ڳچي م پا ، )
( پاڻ وڃي پرچا ،متان رٺو ئي رهجي وڃي . )
 
اصل ڳوٺ نبي بخش چانِڊيو ديه وارياسو تعلڪو قمبر آهي پر 1973 ع کان پو ان سان تعلق ٽٽي ويو آهي . سبب . مون ان سماج ۾ ڦٽ ٿي نه ٿو سگهان . ايتريقدر جو منهنجي گهر جي هر نشاني مٽجي ۽ ميسارجي ويئي آهي . اٽڪل چئن ايڪڙن تي گهر جو پلاٽ ،جنهن ۾ باغيچو به هيو ان مان ڳوٺاڻن مٽي ڪڍي پنهنجا گهر جوڙيا آهن . جيڪو هن وقت کڏن ۽ کوٻن جي حالت ۾ موجود آهي .اتي بابا جي پوکيل کجين مان ڪي ٿڏا نشاني طور موجود آهن . مون پنهنجي علاقي جي مظلوم ماڻهن لا ڪجه به نه ڪري سگهيس . تنهن ڪري انهن جي موٽ به مون لا اهڙي ئي آهي .
هن وقت سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ پنهنجي فيملي سان گڏ رهان ٿو ،جتي دوستن جو هڪ پيارو حلقو موجود آهي . جن سان ڏک سور ونڊبا آهن .
 
چاچا اوهان جن کي وقت جي قدر جي تلقين ڪيو ٿا تِن جي وقت جو پاڻ به خيال ڪريو. جيئن هتي مُختصر ڳالهه ۾ پنهنجو مؤقف پيش ڪريو ٿا تيئن سليمان وساڻ جو به خيال ڪندي ڳالهه ٿوري ۾ کُٽائيندا ڪريو. ڇو ته اڄڪلهه وقت گهٽ آهي. هر ڪو تڪڙو آهي پنهنجي ماڳ طرف. ڪو گهڙي سَوا بيهي ٿو اوهان کي ٻُڌڻ لاءِ ته اوهان کي ايترو وقت نه ملندو جو کيس پهريان تمهيد ۾ ئي ڀڄايو. تمهيد ۾ ئي دلچسپي پئدا ڪرڻي پوندي جو هو ڳالهه ٻُڌڻ بنا نه وڃي.
 
جڏهين ننڍو هوندو هيس ته هڪڙو نغمه ڪمپني نالي ٻه بينڊو ريڊيو ورتو، اهو به نغمه نالي اداڪارا جي عشق ۾ متاثر ٿي ،۽ انهي ئي ريڊيئي منهنجي زندگي تباه ڪئي ، هڪ ته عمر جو اهڙو حصو جنهن ۾ ڪو به ٻار جواني واري انڌ جي گهوڙي تي جڏهين سوا ر ٿيڻ جي لا لانگ ورائي ٿو ، ته نفعي نقصان واري ڳاله کي وساري ٿو ويهي . اميد ته سڀئي دوست سمجهي ويا هوندا .هڪ غربت ، ٻيو ٻهراڙي جو ٻار، جنهن جي ڳوٺ کان چاليه (40) ميل پري ڪاليج ، اچڻ ۽ وڃڻ جي لا سواري يا لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش جي ڪا به سهولت نه هجڻ جي باوجود ،ڪنهن اداڪارا جي عاسق ۾ مبتلا ٿي ان جي نالي وارو ٻه بينڊو ريڊيو وٺي پڙهائي سان گڏوگڏ انهي ئي ريڊئي تا ن فلمي گانا ٻڌڻ سان هڪ غريب ٻار جي زندگي تباه نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو. س
انهي ريڊئي تان ڪو گانو نشر ٿيندو هو جيڪو وڏي شوق سان ٻڌندو به هيس ته چوندو به هيس .
( ڪهان تڪ سنو گي ، ڪهان تڪ سنائون ،)
( هزارون ڪي شڪوي هين ،ڪيا ڪيا سنائون .)
بس انهي ئي ڏاڪي تان پير ٿڙڪيو ، سموري زندگي تباه ٿي ،جنهن عمر ۾ زندگي سنوارڻ جو وقت هوندو آهي ،اهو وڃائڻ سان پو وڏي جاکوڙ ۽ محنت سان ڪو سڌو نه پر وري به اڙانگو رستو ملي ٿو ،جنهن تي هلڻ سان بس اسان وانگر زندگي اڌ وري ، اڌ وري گذ ري ٿي .. ڪنهن شاعر منهنجي زندگي جي بس خوبصورت عڪاسي ڪئي آهي .
اسان بس رهيا سين اڌورا اڌورا . ان ڪهاڻي جي لکڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته اسان جا نوجوان پنهنجي وقت جو قدر ڪن وڃايل وقت وري ڪڏهين به کين هٿ نه ايندن . هاڻي منهنجو وقت رڳو پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي دوست سليمان سان شڪايتون ۽ حڪايتون ڪندي گذري ٿو . پر حرام جو ان جي ڪن تي ڪا جون رينگي ٿي .


ها سائين زندگي جا اهي ٻه حصا به عجيب هوندا آهن جڏهن ڪو سمجهائيندو آهي ته سمجھ ناهي ايندي جڏهن پاڻ ان مصيبت ۾ لوڙهي چُڪا هوندا آهيون ۽ انهي عذاب ۾ ڪنهن کي لهندو ڏسندا آهيون ته انسان جي فطرت ۾ موجود ايثار اُڀري ايندو آهي جڏهن ان ايثار جي جذبي تحت انسان ڪنهن کي ان غلطي کان روڪيندو آهي ته ڪير ٻُڌندو ڪونهي. ان جي وجه انسان جي فطرت ۾ موجود تجسس آهي انسان جيسيتائين ڪري نه ٿو ان کي اهو احساس ناهي .
سو ادا سائين الله ڏيندو هدايت سائين سليمان کي باقي اسان ته پنهنجي جهڙي تهڙي گذاري ويا آهيون .
 
اصل ڳوٺ نبي بخش چانِڊيو ديه وارياسو تعلڪو قمبر آهي پر 1973 ع کان پو ان سان تعلق ٽٽي ويو آهي . سبب . مون ان سماج ۾ ڦٽ ٿي نه ٿو سگهان . ايتريقدر جو منهنجي گهر جي هر نشاني مٽجي ۽ ميسارجي ويئي آهي . اٽڪل چئن ايڪڙن تي گهر جو پلاٽ ،جنهن ۾ باغيچو به هيو ان مان ڳوٺاڻن مٽي ڪڍي پنهنجا گهر جوڙيا آهن . جيڪو هن وقت کڏن ۽ کوٻن جي حالت ۾ موجود آهي .اتي بابا جي پوکيل کجين مان ڪي ٿڏا نشاني طور موجود آهن . مون پنهنجي علاقي جي مظلوم ماڻهن لا ڪجه به نه ڪري سگهيس . تنهن ڪري انهن جي موٽ به مون لا اهڙي ئي آهي .
هن وقت سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ پنهنجي فيملي سان گڏ رهان ٿو ،جتي دوستن جو هڪ پيارو حلقو موجود آهي . جن سان ڏک سور ونڊبا آهن .
مهربانيون چاچا ، مون سمجهيو هيو ته اوهان شايد وارھ جا آهيو
 
سائين حفيظ صاحب ! دوست ته تقرير ڪرڻ جي لا اسٽيج جي ويجهوئي اچڻ نه ٿا ڏين ، پر ڊپ کان پنڊال کان ئي ٻاهر روڪيو ڇڏين ، شڪايت ته هڪڙي دلبر کان سوا ڪنهن سان نه ٿو ڪري سگهان . پر اهو ڀي ڪنن ۾ ڪپه وجهي ڇڏيندو آهي . رسڻ جي اڳيئي عادت ڇڏي ڏني آهي . پو فيس بوڪ تي ويهي ٿو ڀڙا س ماريان ،جي ٻئي ڪنهن جو نالو وٺي تنقيد ڪندس يا کلائڻ جي ڪوشش ڪندس ، ته سڀ اچي ڪاوڙبا ، پرچائڻ ته پاڻ کي به ڪو نه ايندو آهي .تنهن ڪري جيڪي ڪجه زماني ۾ ڏسان ٿو ، پسان ٿو، يا ٻڌان ٿو تڏهين ڪجه پنهنجو پاڻ ۽ ويچاري پنهنجي مظلوم گهر واري کي مثال ( نشانو ) بنائي وتايو فقير ٿيڻ ڪوشش ڪريان ٿو . پر ڏکارا ماڻهو ته کلن ئي ڪو نه ٿا . اسان کي کلائڻ به ٿو اچي .
اسان بس رهياسين اڌورا اڌورا .
 
Back
Top