عرفان احمد
سينيئر رڪن
عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي عورت
عرفان لُنڊ
دنيا جتي روز ترقي ڪري رهي آهي، اُتي ماڻهو ٽيڪنالاجي جو سهارو وٺي ماڻهن خاص ڪري عورتن
جو استحصال ڪرڻ کان وسان ڪين پيا گهٽائين، موبائيل فون جتي رابطي جو تيز ذريعو بڻيل آهي،
ساڳئي وقت ڪي ماڻهو جن کي شڪاري سڏڻ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ان ئي موبائيل فون جي سهاري
پنهنجي شڪار ڳولڻ ۾ وسان ڪون ٿا گهٽائين،
۽ ڪنهن حد تائين ان ۾ ڪامياب به وڃن ٿا، هو اڌڙوٽ عمر جو هوندي به روزانو شِيو سان گڏ
ڪاٽن جو ڪلف لڳل وڳو مٽائي پنهنجي ڳوٺ کان ڪجهه مفاصلي تي موجود علائقي جي وڏي
درگاهه تي پابندي سان ويندو آهي، پنجن نياڻين ۽ ٻن جوان پُٽن جو پيءُ هوندي به هو اڪثر درگاهه
تي منت سانگي يا اڳواٽ فون تي رابطي سبب آيل ٻهراڙي توڙي شهر جي وچولي عمر جي عورتن جي
تلاش ۾ رهي ٿو، جن کي هُو پنهنجي منفرد ۽ مخصوص شڪارين واري لهجي سبب حوس جي
ڄار ۾ ڦاسائي انهن جو شڪار ڪندو رهي ٿو، ٽن سمن واري فون سان گڏ ٽي بيٽريون هميشه پنهنجي
کيسي ۾ رکندڙ اڌڙوٽ جڏهن سگريٽن جي ڊگهن ڪشن سان گڏ پنهنجي حوس جا قصا مونکي ٻُڌائي رهيو هو ته ، الائي ڇو منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا جن کي هن شايد احساس محرومي سمجهي منهنجي ڪلهي تي زور ڏئي چيائين ته يار گهٻرائين ڇو ٿو، تو کي به مال کارائبو، منهنجو منهن ويتر لهي ويو،
آءُ هن جي ڪچهري مان ڊگهيون ٻرانگهون کڻندي اتان هليو آيس، مون اهو ڏينهن ڪيو وري هن
جي ڪيترائي دفعا سڏ ۽ فون ڪرڻ باوجود هن سان نه مليم، پر هو اڄ به پنهنجي ڪرت ۾ لڳل آهي،
ان ساڳئي ئي علائقي ۾ اڪثر اهو ڌاڙيل خان به ڏسڻ ايندو آهي جيڪو ڪجهه سال اڳ دوکي سان اغوا ڪيل
انهن نوجوان ڇوڪرين جو واپار ڪندو هو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مرداڻي فريب ۾ فاسي پنهنجو گهر ڇڏي اينديون هُيون، ۽ هو انهن جو وڪرو ڪندو هو، وڪرو ڇا ڪندو هو جڏهن به مٿان کيس ڪا نئين
ڇوڪري هن کي ملندي هئي ، صورت آڌار هن جو ريٽ لڳائي تر جي وڏيرن کي هڪ رات لاءِ پهچائي
ايندو هو، جيستائين هن ڇوڪري کي ڪو مستقل خريدار نه ملندو هو هن ويچاري سان اهو حشر هلندو هو،
۽ هُن هڪ وڏو ڪاٺ جو صندل به ٺهرايو هو جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن وڪري جي انتظار ۾ قيد ڪيل ڇوڪرين کي رات جو ننگو ڪري نچائيندو هو، ۽ انهن قيدي عورتن ۾ اڪثريت پنجاب جي ڇوڪرين جي هُوندي هُئي، هڪ دفعي هو پنجاب ويل هو ڪجهه آهڙن ئي ڪمن لاءِ ۽ واپسي ايندي ڪنهن چيڪ پوسٽ
تي همراهه پڪڙجي پيو ، ۽ هن کي لاڪپ ۾ هڪ عورت اي ايس آءِ ڀلي سيکت ڏني ۽ هن ئي عورت
اي ايس آءِ جي فرياد تي عدالت هن کي جيل ڀيڙو ڪيو، ڪاروباري حصيدارن جي ڪوششن سان ڏيڍ سال کانپوءِ
ضمانت تي آزاد ٿي هو پنجاب جي ان ئي شهر ۾ رهي پيو، ۽ اتان جي هڪ ماڻهو جي مدد سان
جيل مان آزادي جي ستاويهين ڏينهن تي رات جي وقت ان عورت اي ايس آءِ جي ور جي غير موجودگي ۾
هي ٻئي ڄڻا گهر ۾ گهڙي ننڊ ۾ ستل ان ليڊيز اي ايس آءِ کي نشو ڏئي اغوا ڪري رات پيٽ ۾ ئي
کڻي آيا ، بعد ۾ ان ويچاري عورت جي جيڪا تذليل ڪئي ويندي هُئي سا بيان نٿي ڪري سگهجي،
هن ڪيترائي دفعا اتان ڀڄي نڪرڻ جي ڪوششن باوجود ڪامياب نه ٿي سگهي هر دفعي پڪڙجي پئي،
۽ هن پوءِ خودڪشي ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون هڪ دفعي زرعي جيت مار دوا اڃا پيئڻ جي ئي مس ڪيائين ته ان وحشي صفت جي ننڍي ڀاءُ کيس ڏسي ورتو، جنهن اوطاق تي ويٺل پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽ
هن کي گهلي پهچايو، جنهن کيس ڪپڙن کان آجو ڪري پالتو جانور وانگر ڳچي ۾ رسو وجهي هڪ ٿنڀي
سان ٻڌي ڇڏيو بغير پاڻي ۽ ماني جي،
ٻئي ڏينهن صبح جو بيهوشي جي حالت ۾ مليل ان بد نصيب عورت
کي پاڻي جا ڇنڊا هڻي کيس هوش ۾ آندو ويو، اوطاق تي ڪجهه خاص مهمان اچڻا هُئا انڪري ان کي ڪپڙا
پهرائي گهر ڏانهن موڪليو ويو، گهر پهچندي ئي ان ويچاري گهر جي عورتن کي ڪمري مان ڄاري
۾ پيل قران پاڪ کڻي اچي ميڙ ڏنو ته کيس ماريو وڃي، ان وحشي صفت جوابدار جي ڏاڏي کي مٿس
رحم اچي ويو جنهن گاسليٽ جو گيالن ۽ هڪ ماچيس کيس ڏني ،
ان اڌ بيهوش عورت جلدي ۾ گاسليٽ پاڻ مٿان هاري پاڻ کي باهه ڏيئي ڇڏي،
ساڍا ٽه مهينا بدترين غير انساني تشدد برداشت ڪندڙ ان مظلوم عورت جي موت جي خبر ڪنهن به اخبار
۽ انساني حقن جي تنظيمن توڙي ڪنهن به پوليس اسٽيشن ۾ درج نه ٿي،
ان مظلوم ۽ بدنصيب عورت جي رک بڻيل ماس ۽ هڏن کي گهر ٻاهران واري جي دڙن ۾ ٻوري ۾ وجهي
دفنايو ويو، اسانجي سنڌ ۾ آهڙا انساني تاريخ جا ڪيئي بدترين واقعا ٿين ٿا جيڪي اڄ جي تيز ترين
ميڊيا جي دوءر ۾ به رپورٽ نه ٿا ٿين يا خوف سبب دٻايا وڃن ٿا،
اسانجي سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ مرد جي هر چٽي ويچاري عورت ڀريندي آهي،
مون آهڙا کوڙ علائقا گهميا آهن جتي عورت کي ته انسان ئي نه سمجهيو ويندو آهي،گهر جي ڪم کان وٺي
ٻني جو ڪم وٺڻ باوجود روزانو مٿس تشدد به ڪيو ويندو آهي،
اتر سنڌ ۾ ته اڄ به نوجوان ڌيئرن جي وڪري جي رسم هلي ٿي، رڳو وڪرو ئي نه پر ڄمندي ئي
نياڻين جا مڱڻا ڪرايا ٿا وڃن، ۽ نڪاح مهل زوري انهن جو ڪنڌ لوڏرائي کين ها ڪرائي وڃي ٿي،
بي جوڙ شادين جي نتيجي ۾ جيڪي الميا جنم وٺن ٿا انهن جي ڀوڳنائُن جي مرض اسانجي
معاشري کي اُپاهج بڻائي ڇڏيو آهي، اين جي او کان ويندي نام نهاد دانشورن تائين سڀني مسئلن
جي حل ڳولڻ بنا مسئلن کي ئي روزي روٽي بڻائي ڇڏيو آهي،
سنڌ ۾ قومپرستن کان ويندي پاڻ کي روشن خيال سڏرائيندڙ ڪيترائي آهڙا اڳواڻ آهن ،جيڪي
معاشري جي فرسودهه ريتن رسمن مان پاڻ کي اڃا تائين نه ڪڍي سگهيا آهن،
اسين آهڙي سماج ۾ رهون ٿا جتي انڪار جي قيمت زندگي تان هٿ کڻڻ جي صورت ۾ اوڳاڙي
ويندي آهي،
سنڌ جي اصل وارث هندو برادري جا وري عورتن جي حوالي سان الميا ئي الڳ آهن،
لکين رپين جي ڏاج جي گهرجن کان علاوهه اوچ نيچ جي فرسودهه فرق ڪرڻ جي نتيجي ۾
ڪيتريون ئي معصوم ڇوڪريون بي راهه روي کان ويندي مذهبي ٺيڪيدارن جي ور چڙهيو وڃن
جتي مذهب مٽرائڻ بعد سندن ساهراڻي گهر ۾ جنهن پيڙا کي منهن ڏيڻو پوين ٿو اها انتهائي ذلت
ڀري زندگي هجي ٿي، ڪڏهن ڪڏهن تشدد کان علاوهه سندن هٿ جو تيار ڪيل کاڌو به نٿو کاڌو وڃي،
ان کان علاوهه سندن اولاد کي مهڻا ڏنا ويندا آهن ته هي ته غير مسلم مائي جي اولاد آ،
اڄ 8 مارچ کي دنيا عورتن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائي رهي آهي، ۽ اتي اسانجي
هن سماج ۾ عورت انتهائي مظلوميت جي درجي ۾ ڀوڳي رهي آهي ،