پنهنجي وڍي جوڪو دا رون نه ويڄ ! مون به عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي مظلوم عورتن تي ڪيل ظلمن وارين تقريرن کان متاثر ٿي ، پنهنجي گهر واري ( زندگي جي ساٿي ) کي ان جي جائز حقن ڏيڻ جو سوچي کڻي ان کي احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته تون مون سان برابري وارو درجو رکين ٿي وغيره وغيره . جڏهين هن جي دل مان منهنجي برتري وارو احساس ختم ٿيو ته برابري واري مليل رتي کي وساري کڻي ڏنڊو هٿ کنيون اٿس ، اهڙو ته روپ مٽايو اٿس جو جيڪا ڏيڏري کان ڊڄندي هئي ،سا منهن جهڙي شينهن مڙس کڻي ڪوئو بنايو اٿس . مون کي گهر ۾ ويهاري اڄ پاڻ ويئي آهي عورتن جي عالمي ڏينهن تي ميمڻ ڳوٺ جي عورتن کي ليڪچر ڏيڻ . لڳي ٿو ته جيڪي به عورتون ان ليچر ۾ شريڪ ٿينديون اهي منهنجي گهر واري کان مون تي استعمال ڪيل نسخا سکي ، پنهنجن شير جهڙن مڙسن کي به نه ڪوئي جهڙو بنائين . شايد ان ڪري مرد ڊڄن ٿا ته عورتن کي سر تي نه چاڙهيو ،متان برابري واريون حدون اورانگهي نه وجهن .
سائين اهو معاملو ته ملڪ گير آهي ڪالھ بابا سان ڳالھ ٿي بابا چيو جي بربري جو معاملي تي ڳالھ ٺهي ٿي ته ڀلي آهي مون چيو بابا اهو ڪيئن چيائين ته مون پنهنجي پڙ ڏاڏي جو دؤر ڏٺو آهي ، ڏاڏي جو دؤر ڏٺو آهي پنهنجو دؤر ڏٺو آهي منهنجا پڙ ڏاڏا پاڻ ۾ چار بائر هيا، ڏاڏي وارا ڇھ ڀائر هيا، بابي وارا ٻه ڀائر هيا، توهان ٽي ڀائر آهيو. توهان کين وينيدي يعني بابي وارن کي ڏيڏي وارن کي پڙ ڏاڏي وارن کي هڪٻئي کان جدا انهن ماين ئي ڪيو آهي. ٿوري دير کان پوءِ بابا چيو ته هي اسان جيڪي هيتري قومن ۾ ونڊجي ويا آهيون اهو به لڳي ٿو ته اسان جي ذاتن جا نالا به اسان جي انهن ماين جي جهيڙي جي ڪري پيا آهن . مغرب وارن جي خبر مشرق وارن کي نه هئي مشرق وارن جي مغرب وارن کي خبر نه هئي اهو به لڳي ٿو ته ماين جي ڪري مرد وايچارا ايترا پري ويا هليا جو الائي ڪيترين صدين کان پوءِ هڪ ٻئي کي ڳولي لڌو اٿن. هاڻي وري اسان جي ماين جو ڏٺي آهي مغربي ماين جي آزادي سو اچي يپون آهن ان آزادي جي پٺيان جڏهن ته اسان هن کي پهريان ئي ايتري عزت ڏيون ويٺا آهيون. دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ماڻهون پنهنجي پنهنجي فڪر سان عبادت ڪن ٿا ڇا جي لاءِ ته جنت نصيب ٿئي اسان ته هن کي ايتري عزت ڏني آهي جو اسان ان جنت کي ماءُ جي قدمن هيٺان ڏئي ڇڏيو آهي. ڏاڏل ڏس ڪعبو عزت وارو مقام آهي اسان ان کي غلاف ڇاڙهيندا آهيون، قرآن اسان وٽ مقدس ڪتاب آهي ان کي اسان غلاف ۾ رکندا آهيون، هي عورت به اسان لاءِ عزت واري آهي ان لاءِ ته هن کي به پردي ۾ رکندا آهيون. پر هي الائي ڪهڙي ناڇ گاني واري زندگي گذارڻ کي پنهنجي آزادي سمجهي ٿي. ڏاڏل تو ته ڏٺو آهي جيڪي ذهني مريض اسان سماج ۾ آهن انهن جي اڪثريت عورتن جي آهي يا مردن جي، مون چيو مردن جي ته بابا چيو پُٽ ڏس برابري جو حق ته تڏهن ٿئي هي جو جيترا اسان مرد چريا آهيون ايتريون عورتون به چريون هُجن سو سائين چانڊيا صاحب هرون ڀروان اوهان جهڙا بزرگ به هن آزاد طبعيت ڏاڏي کي کڻي اهري ڳالھ ڪَيَوَ اصل ۾ اها آزادي جي لٺ نه هئي پر اسان جي ڏاڏي اوهان کي چيو اتيري عمر گذري وئي ٿئي اڃان تو کي خبر ناهي پئي. وسلام پيا سور سلبا بابا
چاچي ڪريم جي مهرباني جو پهريون دفعو ان ڏوهه جو ذميوار مان ناهيان ..... باقي يار عورتن جي عالمي ڏينهن تي ڇا لکجي، اوهان کي ته عالمي مردانگيء جو ڏينهن ملهائڻ گهرجي