• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سمارٽ فون استعمال ڪرڻ وارن لاءِ خوشخبري

ALI AKBAR SHAR

سينيئر رڪن
2jepbu8.png



بارسلونا؛ سمارٽ فون استعمال ڪرڻ وارا خوش ٿي وڃن ڇوجو سام سنگ ڪمپني جي طرف کان گيلڪسي ايس پنج فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. انهي نئين موبائيل جي رونمائي اسپين جي شهر بارسلونا ۾ موبائيل ورلڊ ڪانفرنس ۾ ٿي. هن فون کي پاڻي ۽ مٽي پروف بڻايو ويو آهي ۽ اسڪرين جي سائز 5.1 انچ آهي جيڪا ايس چار کان ٿوري وڏي آهي. جڏهن ته 16 ميگا پڪسل جو ڪيمرو لڳايو ويو آهي جيڪو ايپل ۽ نوڪيا جي مقابلي ڪرڻ لاءِ لڳايل آهي. گليڪسي ايس چار ۾ 13 ميگا پڪسل ڪيمرا هو. انهي فون سڀ خصوصيت هي آهي ته گيلڪسي ايس پنج جي پويان سينسر تي پنهنجي آڱر رکڻ سان پنهنجي دل جي ڌڙڪڻ معلوم ڪري سگهجي ٿي.

انهي فون ۾ بيٽري بچائڻ لاءِ خاص آپشن رکيل آهي جيڪڏهن توهان ڪنهن سفر ۾ هجو چارجنگ ڪرڻ مشڪل هجي ته انهي صورت ۾ بيٽري سيونگ موڊ ڪري سگهجي ٿي. جنهن سان موبائيل ڪارو ۽ اڇو ٿي ويندو ۽ کوڙ سارا اپشن به بند ٿي ويندا ۽ صرف 6 اپشن استعمال ٿي سگهندا.

Samsung_Galaxy_S5_render__handset_expected_to_arrive_in_January_2014_01.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top