هڪ صلاح

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    محترم دوست رشيد صاحب
    حق موجود؛
    سهڻا سائين، ڪيترن ڏينهن کان هڪ خيال ذهن ۾ ڊوڙي رهيو آهي، سوچيم ته ڇونه اوهانجي آڏو رکجي، من ڪو حل نڪري اچي ...

    سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تي هڪ ڪتابن جي لائبريريءَ جو ڪو ڪمرو هجي ته جيئن علمي، ادبي، مذهبي، تحقيقي ۽ ڪيمياوي ڪتاب جي سنڌيءَ ۾ ڊجيٽلائيز ٿيل آهن، انهنکي آڻي رکجي ۽ اهي دوست جي مختلف ڪتاب ڳولهيندا وتن انهنکي هن اڱڻ تي پڻ لائبريري ميسر ٿي وڃي ...

    مثلن؛ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دوست زراعت بابت سنڌي ڊڪشنريءَ جي پڇا ڪئي ته ادي اسد ميرجت عرف مست، دوست جي خواهش پوري ڪندي سنڌي ڊڪشنري ڏني ۽ جڏهن آءُ ان سائيٽ تي ويس ته ڪجهه قيمتي سنڌي ڪتاب پڻ نظر آيا جي پڙهڻ جي قابل آهن، انهن مان هڪ ڪتاب امام غزاليءَ جو ڪيمياء سعادت هو ...

    مطلب چوڻ جو ته اسان دوستن کي جي ڪي اهڙا قيمتي ڪتاب هٿ اچن ۽ اهي هن اڱڻ جي لائبريريءَ ۾ آڻي دوستن کي پڙهائجن ته هوند ڪيترو نه ڀلي جو ڪم ٿيندو ...

    انڪري منهنجو عرض آهي ته سنڌي ادب واري حال (سيڪشن) ۾ سنڌي ڪتاب يا لائبريريءَ جي نالي ڪو ڌاڳو هجي ته سنڌ سلامت جي اڱڻ کي چار چنڊ لڳن ... بيشڪ (چيڪ ۽ بيلنس) جو ڪو طريقو هجي ته هروڀرو ڪو غير معياري ڪتاب نه اچي سگهي ۔۔۔

    وڌيڪ جيئن دوستن جي صلاح

    sindhsalamatsaathsal
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: هڪ صلاح

    هي هڪ تمام سُٺي صلاح آهي ، ڪتابن سان گڏ اُهي ليکڪ جيڪي پنهنجي پي ڊي ايف ورجن ۾ يا ان پيج ۾ يا ڊوڪومينٽ ۾ لکيل لکڻيون شيئر ڪن ته اُن جو به ڊائون لوڊ ڪرڻ جو آپشن هُجي. ته اڃا به بهتر ٿيندو. 
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ صلاح

    سائين نثار ابڙو صاحب۔۔۔ اوهان لَکن جي ڳالهه ڪئي آهي ۔۔۔ اهو بلڪل وقتائتو قدم ٿيندو۔۔۔ توهان جنهن سائيٽ جي ڳالهه پيا ڪيو اها منهنجي تيار ڪيل آهي ۽ ان ۾ ڪيمياءِ سعادت ڪتاب مان انٽرنيٽ تان ئي هٿ ڪري رکيو هو۔۔۔
    بحرحال اهڙا ڪتاب جيڪي ڪاپي رائيٽ جي حساب سان ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ جي ترويج لاءِ مفت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جو اديب جي طرفان حق مليل هجي ، اهي ئي گڏ ڪري سگهجن ٿا۔۔
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: هڪ صلاح

    سائين اوهان جي صلاح سر اکين تي ۔۔۔۔۔ پر ادا رشيد سمون صاحب اڃان تائين انهي ته ڪو غور ويچار نه ڪريو آهي۔۔۔ لڳي ٿو ته ادا جن جون مصروفتيون وڌيون ويون آهن۔۔۔ وس ڌڻي آهر۔۔۔۔ جيئن سائين جن جي مرضي۔۔۔۔۔

    وڌيڪ سڄي سنگت جي صلاح۔۔۔ سا اسان جي صلاح۔۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ صلاح

    يار زاهد، ڀلي ڪري آئين، ايتريون جدايون جو وڃي ٿيا خئير ۔۔۔ پر يار دير آيد درست آيد ۔۔۔ ڀلا ڏيو حال احوال ۔۔۔ هر طرف خئير ۽ معاملا بخوبي سرانجام پيا ٿين؟

    باقي ادو رشيد، سر جو سائين ۽ اسانجون فرمائشون پوريون ڪندو رهندو آهي ۔۔۔ صبر جو ڦل مٺو هوندو آهي ۔۔۔
    shal judy hujeen
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هڪ صلاح

    ادا ابڙا صاحب مان هڪ سنڌي ڪتاب لائبريري جي عنوان سان ڪجهه ڪتاب سنڌ سلامت تي الڳ سان ڏيان ٿو،
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ صلاح

    سهڻا دوست ! در اصل مون به انهن ڪتابن کي هڪ هنڌ ڪٺي ڪرڻ لئه، ادي رشيد کي عرض ڪيو هو ته ڪو اهڙو ڌاڳو هجي جو جڏهن ڪو نئون دوست هن اوطاق تي اچي ته کيس هڪ سهڻي لائبريري پڻ سينگاريل نظر اچي ۔۔۔ هاڻ جيئن اوهان هي ڪتاب هت لڳايا آهن ۔۔۔ ڪم ته انتهائي سٺو ڪيو اٿوَ پر ڪنهن هڪ اڌ دوست کي فائدو ٿيندو ۽ جيڪي نوان دوست ايندا شايد هن ڌاڳي تي توجهه نه ڏين ۔۔۔ دوست رشيد کي عرض آهي ته هو قيمتي ڪتاب يا سنڌي لائبريري جي نالي سان هڪ ڪٻٽ سجائي ۽ هي سڀ قيمتي ڪتاب ان ۾ سنواري رکي ته هوند ڀلو ٿي پوي ۔۔

    اوهانجا لک ٿورا جو اوهان هن اوطاق تي ايترا قيمتي ڪتاب ونڊ ڪيا آهن ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔۔
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هڪ صلاح

    ادا ابڙا صاحب اهي ساڳيا ڪتاب مون سنڌي ڪتاب لائبريري نالي سان اڄ سنڌ سلامت تي الڳ سان رکيا آهن توهان اهي ڏسي سگهو ٿا۔ الڳ ان لاء ته هر نئين دوست کي خبر پوي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو