فيس بڪ هڪ وڏي مارڪيٽ

'فيس بوڪ' فورم ۾ ALI AKBAR SHAR طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2014۔

  1. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    فيس بڪ هڪ وڏي مارڪيٽ علي اڪبر شر

    اسان پهرين به ڪيترا دفعا پڙهي چڪا آهيون ته انٽرنيٽ جي ذريعي پئسه ڪمائي سگهجن ٿا پر ان لاءِ اسان کي هڪ بهترين ويب سائيٽ ٺاهڻ جي ضرورت هوندي هوئي جنهن ۾ هر طرح جي چيز موجود هجي ۽ سڀ کان وڌيڪ ته اها گوگل ايڊسنس جي معيار ۽ ان جي شراعط وضوابط مطابق هجي جيڪا ڪمپيوٽر جي روز مراح جي استعمال ۾ ڪم ايندي هجي جنهن کي استعمال ڪندڙ ڳولين ته انن کي اسان جي ويب سائيٽ سامهون اچي ۽ هو ان کي هٽ ڪرن انهي کي پسند ڪن. گوگل ايڊسنس جي مدد سان انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اسان ڪجهه پئسه ڪمائي سگهون. پر هاڻ اهيو ڪم تمام آسان ٿي چڪو آهي مان پنهنجي سنڌي دوستن کي ڪجهه معلوماتي ٽپس ڏيڻ چاهيان ٿو جنهن جي ذريعي هو انٽرنيٽ مان فائدو به حاصل ڪري سگهن ٿا.
    اڃ جي دور ۾ فيس بڪ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سڀ کان وڏي مارڪيٽ بڻجي چڪو آهي ۽ ان سان کوڙ سارن هونهار دوست کي روزگار ملي رهيو آهي اهيو روزگار هنن ڪهڙي ناموني حاصل ڪيو آهي ۽ هو ڪئين ڪم ڪري رهيا آهن انن جو راض ڪهڙو آهي. اڪثر جڏهن پاڻ بس ۾ سفر ڪندا آهيون ته بس ۾ پنهنجا پروڊڪيٽ وڪڻدڙ اسان کي دلچسپ ڳالهيو ٻڌائي پنهنجي طرف ديان ڏيڻ لاءِ آگاهه ڪندو آهي ۽ پوءِ هو پنهنجي پروڊڪيٽ جا فائدا ٻڌائندو آهي جنهن ماڻهون کي ان چيز جي ضرورت هوندي آهي اهيو ضرور خريد ڪندو آهي.
    انٽرنيٽ جي دنيا ۾ به ائين ٿي رهيو آهي.
    گوگل ايڊسنس جي معيار مطابق اسان کي جيڪڏهن ويب سائيٽ ٺاهڻي آهي اها گوگل جي شرطن مطابق هجي ۽ ۾ ايڇ ٽي ايم ايل معيار مطابق استعمال ٿيل هجي ۽ اها پريميئر هجي جيڪا اسان جي لاءِ ممڪن ڪون آهي.
    پر اسان هڪ بلوگ ٺاهي سگهون ٿا جنهن ۾ ڪا چيڙچاڙ ڪرڻ بجائي ان کي اپڊيٽ ڪندا رهون.
    گوگل ايڊسنس جي شرطن مطابق بلوگ انگلش ۾ هجي ته بهتر آهي.
    هر روز 3 کان 5 نيو پوسٽ ڪيون ۽ ان پوسٽ جي لسٽ اهڙي ناموني سان فيس بڪ تي ونڊڪيون جنهن ۾ لوڻ ۽ مرچان مڪس هجن ڏسڻ وارن کي پنهنجي طرف اچڻ لاءِ مجبور ڪري هو ان کي ڪلڪ ڪري وڌيڪ ڏسڻ يه پڙهڻ چاهي ان لنڪ جي مدد سان هو توهان جي بلوگ جي طرف هليو اچي هڪ انگ جو توهان لاءِ اضافو ٿئي.
    ائين توهان بلوگ کي گهٽ ۾ گهٽ 6 ميهنن تائين لڳتار اپڊيٽ ڪري گوگل ايڊسنس جو وڏو اڪائوٽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي حاصل ڪري سگهو ٿا هڪ بلوگ جي مدد سان.
    هاڻ توهان ان سوچ ۾ پئجي ويا هوندا ته بلوگ ۾ اسان اپڊيٽ ڇا ڪيون منهنجا دوستو اسان کي ڪو هڪ دلچسپ وڊيو پنهنجي بلوگ تي رکڻو آهي ان کي ٿورو بهترين ناموني سان لکي دوستن جي اگيان ونڊ ڪرڻو آهي يه وري ڪا خبر ڪو سافٽويئر ڪو ٽي وي پروگرام. ان لاءِ اسان کي ڪا وڏي محنت ڪون ڪرڻي پوندي ٽي وي وارا پنهنجا ٽاڪ شوز انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪري ڇڏين ٿا انن کي پنهنجي بلوگ تي رکي ٻه ٽي اکر لکي دوستن جي اڳيان ونڊ ڪري ڇڏيو. مان توهان کي ڪجهه اهم مثال پيش ڪيان ٿو.
    ڇو جو توهان به اهڙي قسم جون لنڪ ضرور ڏسندا هوندا
    [​IMG]
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان وٽ هڪ ته وقت جي گهٽتائي آهي ۽ ٻيو وري سڀ بلاگ سنڌي ۾ آهن، تنهنڪري اسان مارڪيٽ مان ڪو خاص فائدو حاصل ڪري ڪونه سگهيا آهيون. ڪنهن زماني ۾ مست ان تي ڪم ڪيو هو، پوء شايد ان کي به ڪو خاص فائدو ڪونه مليو هو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    واقعي ۾ سائين توهان جي ڳالهه صحيح آهي. وقت تمام گهٽ آهي جيڪڏهن وقت آهي ته بجلي غائب آهي. مون پاڻ ٻه سال ڪم ڪيو پر ايترو فائدو حاصل ڪون ٿيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مون ڪنهن وقت ۾ ان تي ڏاڍو ڪم ڪيو هو، پر حاصل مطلب اهو ئي مليو ته بابا روزي ڪرڻي آهي ته ڀڄ ڍڪ ڪيو، ٽڪ ٽڪ (ڪلڪ) نه ڪريو.. هههههه
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    سائين جيڪڏهن ڪم شروع ڪجي ته پروپر ناموني هڪڙي آفيس ٺاهجي پوءِ بسم الله ڪري ويهي رهجي پوءِ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جستجو ۽ لاڳيتو ورڪ ڪرڻ سان اها شئي ممڪن آهي بلڪل ان ۾ فائدو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو