• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

السلام عليڪم

سمير عبدالله

سينيئر رڪن
السلام عليڪم آئون آهيان سمير عبدالله حيدرآباد کان . آئون سائنس جي سيڪنڊ يئر جو شاگرد آهيان ۽ پڙهائي کان علاوه ڪجهه به ناهيان ڪندو يعني واندو ماڻهو. :)
سنڌ سلامت تي اچي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. سنڌ سلامت جي تعريف منهنجي دوستن عبيدالله عبيد ٿهيم ۽ عبدالصبور قادري جي واتان ڏاڍي ٻُڌي . سوچيم جنهن جي واهواه ٿئي پئي ان ويبسائيٽ تي وڃي ڏسان مَن ڪو سڄڻ ساٿي پوي.
 
ڀاء سمير عبدالله کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ....

اميد ته ڀيرو ڀري سنڌ سلامت جي خزاني ۾ سمايل لکڻين مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪندا. سدا خوش هجو

jBK2KRkqa7ERV.jpg
 
سليمان وساڻ صاحب لک قرب
سائين عبدالغني لوهار صاحب مهربانيون.
صوفي عبيد مهرباني، ادا عبيد مونکي اڊاب ڦوٽوشاپ جون ڪجهه ڳالهيون سمجهه ۾ نٿيون اچن. واندڪائي ملئي ته فون ڪجان آئون هليو ايندس.
 
ادا 13 مهيني جي 32 تاريخ تي واندو هوندس، بي اونو ٿي اچجان :) :) :) مذاق ٿو ڪريان.
جڏهن واندو ٿيس ته توهان کي ميسيج ڪندس.
 
Back
Top