جيل جي گيٽ تي جيلر ۽ قيديءَ جي وچ ۾ گفتگو جيلر: سڀ جمع ڪرائي وڃڻو آ، ڪجهه ڀي نه ڇپائي وڃڻو آ! قيدي: ڇا لاءِ ڏئين ٿو هيئن تڙي؟ مون اڳ ئي لاٿي آهه گهڙي، هان صاحب! وقت بيهاري ڇڏ، هان ان جي چاٻي کاري ڇڏ! جيلر: سڀ جمع ڪرائي وڃڻو آ، ڪجهه ڀي نه ڇپائي وڃڻو آ! قيدي: مان ڄاڻان ٿو قانون اهو! انگريز بهادر جو ڌڌڪو اڄ تائين تو ۾ آ صاحب! اي ساڳيءَ ورديءَ جا صاحب! هو گورو هو، تون ڪارو آن، پر اهڙو ئي هتيارو آن! مان اڳ به اندر آيو هان، مان آزاديءَ ۾ ڄايو هان، ۽ آزاديءَ ۾ مرڻو هان، مان تو وٽ ور ور ورڻو هان، زنجير غلاميءَ جا جيسين هن ديس مٿان آهن، تيسين مان تنهنجي در تي ڌرڻو هان، ۽ توکان مور نه ڏرڻو هان، مان توکي خوب سااڻان ٿو، قانون به تنهنجو ڄاڻان ٿو، مون سڀڪجه جمع ڪرايو آ، ۽ توکان ڪجهه نه ڇپايو آ، ها، مون وٽ هڪڙي شيءِ آهي، ۽ مون سا جمع ڪئي ناهي، انگريز ڊنا ها ان شيءِ کان ايڏو ته ڏڪي ٿو، اي صاحب! هر وقت بڪي ٿو، اي صاحب! ڄڻ پنهنجيءَ مالي خوليا ۾، تون ان کي جمع ڪندين ڇا ۾! جا منهنجي سيني ۾ دل آ؟ ماحول ڪئي جا بسمل آ، ۽ جنهن ۾ منهنجيءَ ڌرتيءَ جي، ۽ انساني آزاديءَ جي، ڪا تڙڦ سدائين رهڻي آ، ها، مرندي تائين رهڻي آ! ***شيخ اياز***