• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ورلڊ وائڊ ويب جا گذريل 25 سال ڪئين هئا.

ALI AKBAR SHAR

سينيئر رڪن
پهرين انٽرنيٽ جو آئڊيو 1950 ۾ امريڪي فوج پيش ڪيو هو پر عوامي جي اڳيان ورلڊ وائڊ ويب 25 سال پهرين يورپي سائنسدان کڻي آيو ورلڊ وائڊ ويب جي تاريخ تي هڪ نظر.
5o7bs6.gif


12 مارچ 1989ع ۾ برطانوي ڪمپيوٽر سائنسدان ٽم برنرز لي يورپي طبعياتي تجربه گاهه ۽ تنظيم سيرن ۾ معلوماتي منيجمنٽ جي هڪ تجويز پيش ڪئي ان سان ورلڊ وائڊ ويب جي بناد رکي وئي


سن 1993 ۾ موزيق نامي انٽرنيٽ برائوزر مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرايو ويو. موزيق هڪ سال بعد نيٽس ڪيپ ڪمپني پهريون ڪمرشل برائوزر بڻيو.

1994ع ۾ چين کي پهريون انٽرنيٽ ڪنيڪشن مليو پر تمام مواد فلٽر ڪري پيش ڪيو ويو. ان ساڳي سال وائٽ هائوس پنهنجي ويب سائيٽ

www.whitehouse.gov

متعارف ڪرائي

1995ع ۾ مائڪرو سافٽ جي طرف کان انٽرنيٽ ايڪسپلورر ريليز ڪيو ويو جنهن کان بعد نيٽ ڪيپ ۽ مائڪروسافٽ جي درميان برائوزر جنگ جو آغاز ٿيو پر ڪميابي مائڪروسافٽ کي ملي.

انهي سال واپار جي آن لائين ويب اي بي لانچ ڪئي وئي.

1996ع ۾ فن ليڊ جي ڪمپني نوڪيا انٽرنيٽ سان گڏ پهريون موبائيل فون مارڪيٽ ۾ گهڻي آئي.
oig8xi.gif

1998ع ۾ گوگل ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي هن ڳولڻ واري ويب جي شمار دنيا جي بهترين ويب سائٽس ۾ ٿيڻ لڳو. انهي سال امريڪي حڪومت انٽرنيٽ ڪارپوريشن ويب ڊومين جي نظام جو ڪنٽرول پنهنجي هٿن ۾ جهلي ورتو.

2000ع ۾ انٽرنيٽ وائرس آئي لو يو پوري دنيا ۾ لکن ڪمپيوٽرن کي متاثر ڪيو جنهن ۾ ڪيترائي ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. انهي واقعي کان پوءِ آن لائين سڪيورٽي مسئلو بڻجي سامهون آئي.

2005ع ۾ پوري دنيا ۾ انٽرنيٽ سان لڳياپيل ماڻهن جو تعداد هڪ ملين کان مٿي ٿي ويو.
9toinp.gif

2012ع ۾ انٽرنيٽ تي هڪ ٽريلين ڊالر جي خريد فروخت ڪئي وئي جيڪو هڪ ريڪارڊ هوئي. انهي سال سوشل نيٽ ورک فيس بڪ استعمال ڪرڻ وارن جو تعداد هڪ ارب تائين پوچي ويو. انهي ساک 89 رڪن ملڪن جي طرف کان هڪ عالمي ٽيلي ڪام معائدي تي صحيح ٿي. ان اجلاس ۾ امريڪا تي انٽرنيٽ ڪنٽرول ڪرڻ جو الزام سامهون آيو. امريڪا ۽ ٻين 55 ملڪن هن معائدي تي صحيح ڪون ڪئي.
 
Back
Top