مار پويس اي نوان ماستر هئي...

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2014۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڪاڪي آچار وس ڪري ڇڏيا پر سندس ڇوڪرو پپنو ۽ ان جو دوست (عاشق) پڙهڻ کان صفا جواب ڏيو ويٺا هئا، اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن ماسترن جا مٿا ڦاڙي گهر موٽي پيا اچن، گڏ پڙهندڙ شاگردن کي ٺونشا مڪون هڻي اهڙي حالت پيا ڪن جو انهن جا ماءُ پيءُ احتجاج ڪرڻ شروع ٿي ويا ”جيڪڏهن پپنو ۽ عاشق هن اسڪول ۾ پڙهيا ته اسان پنهنجا ٻار هتان ڪڍي ٻئي اسڪول ۾ پڙهائينداسين.. لاچار اسڪول وارن پپنو ۽ عاشق کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو. هڪ اسڪول ٻيو اسڪول، ٽيون اسڪول .... ڏهه اسڪول مٽائڻ کان پوءِ ڪاڪو آچار ٿڪجي پيو، نيٺ هاڻي جهوني دوست جي صلاح تي هليو، ان چيس ”يار هاڻي ماڊرن زمانو اٿئي، ٻار اسڪول ڪونه ايندا آهن، ٿورو پئسو وڌائي ڏي ته پاڻهي ڪو نه ڪو ماستر ٽيوٽر بڻجي تنهنجي ڇوڪري کي گهر پڙهائڻ ايندو“
    ڪاڪي آچار کي صلاح وڻي، ٻئي ڏينهن پهرين فرصت ۾ ٽيوشن ماستر هٿ ڪيائين:
    ٽيوشن ماستر کي ڏسي پپنو چيو، ”تون ڪير آهين، بابو ڪونهي هينئر گهر ۾ .. “
    ٽيوشن ماستر چيو: ”بابا پپنو مان توهان جي بابا جو دوست آهيان، ان کي ملڻ لاءِ خاص سيڙهجي هتي آيو آهيان“
    پپنو چيس: ”چڱو چاچا تون ويهه هتي بابا جو انتظار ڪر، اسان راند ڪري وٺون، هي ته اسان جي راند جو ٽائيم آهي“
    عاشق: ”واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي پپنو، ترس مان گنچا (بلور) کڻي اچان، پوءِ کيڏيون ٿا“
    ماستر چيو ته پپنو توهان ڀلي کيڏو مان ڏسان ته ڪيئن ٿا کيڏو،
    پپنو ۽ عاشق گنچا کڻي شروع ٿي ويا. جڏهن چڱي دير گذري ته عاشق کي اُڃ لڳي ۽ پپنو گنچا ميڙي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لڳو، ماستر کي موقعو چڱو نظر آيو ته ان چيو ”پپنو، تون راند ڪري ورتي؟“ ”نه سائين! اڃان راند جو ٻيو وارو ڪنداسين، عاشق پاڻي پي اچي“
    ماستر: ”ٺيڪ آهي ڀلا پپنو ! اهو ٻڌا تنهنجي هٿ ۾ گهڻا گنچا آهن“
    پپنو: ”سائين مون وٽ هي هڪ ٻه ٽي ڪُل پنج گنچا آهن“
    ماستر: ”ڀلا انهن مان جيڪڏهن ٻه گنچا مان کڻان ته تو وٽ گهڻا بچندا..“
    ايتري ۾ عاشق به پاڻي پيءُ موٽي آيو ۽ پري کان هڪل ڪندي چيائين:
    ”پپنو! نه ٻڌاوين، مار پويس... اي نوان ماستر هئي، تيڪون حسابان والا سبق پيا پڙهائيندائي.“
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 مارچ 2014
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    صفا پڙائي جا دشمن ڪاڪي آچار کي صلح آهي ته ڪنهن مدرسي ۾ داخل ڪرائين ڀت جي لالڇ تي متان پڙهي پون
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ”ادا پپنو ۾ وري به سڌرڻ جا آثار موجود آهن پر اهو سندس دوست عاشق (عاشق سولنگي ) کيس سڌرڻ نه ٿو ڏئي..“
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڏاڍا ڪي حرامي ۽ ضدي ڇورا هئا . اهڙي استاد سان به ڪو نه ٿي پڙهيا . لڳي ٿو ته ڪي چانڊين جا ٻار هئا . ڏسو نه بر صغير ۾ لکين چانڊيا رهن ٿا ، پر اوهان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪي پڙهيل لکيل ، اهي به مون وانگر اڌ پڙهيل ملندا .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ههههههههههههه... سائين سنڌ ۾ تقريبن هر ذات سان اها ويڌن آهي، ان جو سبب اهو آهي جو اسان جي ڳوٺن ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي توجهه نه ٿي ڏني وڃي..

    هڪ مرد پڙهي ٿو ته فقط اهو پاڻ سڌري ٿو،
    هڪ عورت پڙهي ٿي ته سڄو گهر سڌري ٿو..
     
  7. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هههههه ..
    هاڻي جڏهن به حسابن ۾ اٽڪيس ته عاشق کي ئي چوندس.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    ذات تي ڏات ناھي سائين . . .
    اڄ ڪلھ جا ڇوڪرا نوبل آھن. ھتي اسان وٽ يونيورسٽي ۾ به اھو ئي حال آ، ويچارا ماستر پيا پٽيندا اٿن. اصل پڙھڻ کان نابري واري ويٺا آھن.:D
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چاچا ڪريم چانڊين به گهٽ نه ڪئي آ .... راڳي چانڊيا جيئن جلال چانڊيو اوج ماڻيو، وري ڌاڙيل به چانڊيا جيئن پرو چانڊيو اوج ماڻيو ۽ سياست ۾ به چانڊيا ... خاص ڪري جڏهن سچل ڳوٺ جي پروگرامن ۾ اسٽيج سجندي آهي ته سڀ چانڊيا مٿي، مثال طور رياض چانڊيو، حريف چانڊيو، ڪريم چانڊيو ..... اصل اوهان چانڊين گهٽ نه ڪئي سائين
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم علي اڪبر شر ، ڪاڪي آچار کي صلاح پيو ڏي ته ڪنهن مدرسي ۾ داخل ڪرائين ها ، من ڀت جي آسري تي پڙهي پون ها .
    سهڻي شر جي ڪاڪي آچار ۽ سنڌي قوم سان ڪا الائي ڪهڙي دشمني هئي جو ان جي ٻارن کي مدرسي ۾ داخل ڪرڻ جي صلاح ٿي ڏنائين ، ان کان ته اڻپڙهيل ئي بهتر آهن ، اڄوڪي مدرسن مان عالم ٿيڻ بدران دهشت گرد ٿي نڪرندا ۽ جنت جي خوشي ۾ خودڪش حملا ڪري پاڻ سان گڏوگڏ بي گناه ماڻهن کي ماريندا .
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو