السلام عليڪم! ايم ايس ورڊ ۾ ڪجهه اسلامي ڪتاب اردو زبان ۾ ڪمپوز ٿيل آهن، جن ۾ سيمبلز وغيره پڻ شامل آهن. مثال طور: (صلي الله عليه وسلم) (رضي الله عنه) وغيره. جڏهن انهن کي پوسٽ اسڪرپٽ بنائي ڪورل ڏانهن آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته “ايرر” پيو اچيم. واضح هجي ته اهو ايرر صرف انهن فائلن ۾ اچي پيو، جن ۾ ان قسم جا سيمبلز آهن. ان سلسلي ۾ ايڪروبيٽ رائيٽر جو 7 ورزن پڻ استعمال ڪيو اٿم، پر ڪاميابي حاصل ناهي ٿي. جن دوستن کي انهي متعلق آگاهي هجي ته رهنمائي ته فرمائين.
وعليڪم السلام سائين . اهو مسئلو مون وٽ به هو، پر پاڪستاني طريقا (جُڳاڙ) ڪري مڙئي ڪم اڳتي ڪيم . توهان ڪهڙو فونٽ استعمال پيا ڪريو ؟ اڪثر فونٽن جو چڪر به هوندو آهي. سيمبول کي ايم بي خورشيد فونٽ تي رکو. هن فونٽ ۾ ايرر گهٽ ايندو آهي. ٻيو حل هي آهي ته توهان جيڪي پيج آهن انهن کي پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪري پو کڻي وڃو . وڌيڪ آئون ڏسان ٿو . ڪو ٻيو حل مليو ته ضرور شيئر ڪندس.
سائين! عرض ته ڪمپوزنگ اردو ۾ آهي، جنهن جو فوٽ “جميلي نوري نستعليق” آهي، جڏهن ته ان ۾ ڪجهه سيمبلز “دارالسلام” جا آهن....! ايڪروبيٽ ۾ ڪنورٽ ڪيا آهن، پر انهن فائلن جي پيڻ پوسٽ اسڪرپٽ يا اِي پي ايس نه پئي ٺهي...! “پاڪستاني جڳاڙ” ته کوڙ آهن، آزمائجن به پيا... پر ڪنهن مناسب “جڳاڙ” جي ڪوشش ۾ آهيان.
توهان ايڊابي ايڪروبيٽ جو ورزن 9 ڪيو ان ۾ ٿي ويندو. پي ڊي ايف مان اي پي ايس ڪرڻ لا ايڊابي ايڪروبيٽ کولي ڪري File > Export > Postscript > Encapsulated Postscript تي وڃو. هاڻي ان فائيل کي جتي سيو ڪريو اها لوڪيشن ڏيو پو اميد ته ايرر نه ايندو.
ادا فاروق مسئلو ٺهڻ جو آهي. مطلب ته جيڪي سيمبولز آهن انهن کي اگر پوسٽ اسڪرپٽ ڪيون ٿا ته ٿي وڃي ٿو پر جڏهن ڪورل ڊرا ۾ کوليون ٿا ته ايرر ظاهر ٿو ٿئي.
سائين ابو واصف صاحب ! توهان وٽ ڪورل ڊرا جو ڪهڙو ورزن ٿيل آهي ؟ اوهان ورزن 12 انسٽال ڪريو اُن ۾ اردو يا سنڌي سپورٽ آهي. ۽ ٻيو ته ڪي مين ذريعي به لکندا آهن ڪورل ڊرا ۾ .. ڪي مين مون ڪڏهن به استعمال ناهي ڪيو، اڄ رات انسٽال ڪري اوهان کي آگاهه ڪندس.
ادا ورزن جو مسئلو ! مونکي ته نٿو لڳي. خيئر . ابو واصف سائين الائي ڪيڏانهن ويو آهي. هاڻي جڏهن اوطاق (سنڌ سلامت) تي اچي ته خبر پوي ته سائين جو مسئلو حل ٿيو يا نه !. ):
دوست فاروق! مون ايڪروبيٽ 9 به استعمال ڪري ڏٺو آهي. ان سان گڏوگڏ ايڪروبيٽ ايڪس پرو به آزمايو آهي. پر انهن مان اي پي ايس ته ٺهي ٿي وڃي، پر اها ڪورل ڊرا ۾ امپورٽ نٿي ٿئي. جڏهن ته سيمبلز کان سوا ٻي هر قسم جي اي پي ايس يا پي ايس فائل امپورٽ ٿئي ٿي...! ڀا عبيدالله! مون ڪورل 9 کان ڪورل ايڪس3 تائين هر ورزن آزمايو آهي. پر انهن ۾ ساڳيو مسئلو درپيش آهي. سائين! رشيد صاحب! “پي ايس ٽل” سافٽ ويئر ۾ پي ايس کان پي ڊي ايف آهي، باقي پي ڊي ايف مان ٻي ڪنهن ايڪسٽينشن ۾ ڪنورٽنگ نظر نه آئي. بس في الحال ته سائين عبيدالله چواڻي: “پاڪستاني جڳاڙ” زندهه آباد.... پر اهو مسئلو پنهنجي جا تي حل ڪرڻ جوڳو آهي...
منهنجي خيال ۾ اهو مسئلو ڀرڳڙي صاحب ۽ ٻين فونٽ ٺاهيندڙن سان ڊسڪس ڪيو وڃي جيڪڏهن اردو فونٽ ۾ اهو مسئلو نه آهي ته پو سنڌي فونٽ ۾ مسئلو ڇو پيو اچي ؟ هن جو مستقل حل هجڻ گهرجي مان سائين عبدالماجد صاحب جي ويب جي ذيعي کين نياپو پڻ اماڻيو آهي پر اڃان تائين ڪا موٽ نه ملي آهي
سائين ابو واصف ! توهان کي جيڪي سيمبول گهرجن اهي توهان انپيج مان آڻي سگهو ٿا. انپيج اردو ۾ سيمبولز صحيح ڪم ڪن پيا مون آزمايو آهي.
ادا اردو يونيڪوڊ فونٽ ۾ اهو مسئلو بالڪل ناهي انپيج مان جيڪڏهن سيمبولز وٺڻا آهن ته پو ڪهڙي فائدو ؟ هڪ وڏي فائل ۾ ڪيترين جڳهين تي خالي جڳهيون پر ڪيبيون ؟ هن مسئلي جو مستقل حل هجڻ گهرجي يقينا اسلامي ادب جي ڪم ۾ ڪافي آساني ٿي ويندي
بلڪل سائين مستقل حل هئڻ گهرجي. پر جيستائين مُستقل حل مِلي تيستائين ڪم اڌ ۾ روڪڻ صحيح ناهي. ڪم کي في الحال اڳتي ڪجي.