chandio
سينيئر رڪن
غزل
ڪامران اڪبر سومرو
ڪيڏو سندر ديس آهي پر، سک جو ڪو پتو ڪونهي ڪو!
گهر گهر ۾ آهي روڄ راڙو، ظلم جو سج لٿو ڪونهي ڪو!
پنهنجي ٿر تي قهر ڪڙڪيو آ، لوڪ سمورو اڃ مري ٿو!
ڪيئي راتيون بک تي آهي، امڙ جو ٻچڙو ستو ڪونهي ڪو!
ڪنهن کي دانهن ڏجي دردن جي، هرڪو هتڙي پنهنجي منهن آ،
ٻارن جون ڪوڪون هوا ۾ ، پوءِ به ڪنهن ٻڌو ڪونهي ڪو!
واريءَ جي هيٺان سونُ وسي ٿو، اڃا به مارو پنهنجا ڏکن ۾،
مايوسيءَ جو ميلو متل آ، قهر جو ڪوٽُ ڊٺو ڪونهي ڪو!