ادا انهيءَ لاءِ اوهان کي سنڌي ڪي بورڊ جو ايم بي سنڌي لي آئوٽ پرنٽ ڪري مشق ڪرڻي پوندي تائپنگ جي. جيئن ته انگريزي جي 26 اکرن جي حساب سان ٺهيل ڪي بورڊ تي سنڌي جا 52 اکر سمائڻ ٿورو ڏُکيو ته آهي. وري به جيڪڏهن آسان سان وٺو ته ايترو مُشڪل به ناهي.
مثال طور ڪي بورڊ جي
پهرين لائين ۾:
ق لاءِ Q، ر لاءِ R، ت لاءِ T، و لاءِ O ۽ پ لاءِ P . . . . .اهي سَڀ اُهي اکر آهن جيڪي ساڳي آواز وارا آهن ۽ ياد ڪرڻ سؤلا آهن.
ايئن ئي ٻي لائين ۾ آهي:
الف لاءِ A، س لاءِ S، د لاءِ D، ف لاءِ f، گ لاءِ G، هه لاءِ H، ج لاءِ J، ڪ لاءِ K، ل لاءِ L
۽ ٽين لائين ۾:
ز لاءِ Z، ب لاء B، ن لاءِ N، م لاءِ M.
هاڻي انهن کان علاوه باقي اکر ڪُجهه اهڙن انگريزي اکرن سان آهن جن جو آواز سنڌي اکرن سان نه ٿو ملي مثال طور
ص لاءِ W، ٿ لاءِY، ع لاءِ U، ڳ لاءِI، خ لاءِ X، ط لاءِ C، ڀ لاءِ V. يا وري نشانين سان ايندڙ اکر
مثال طور: ڇ لاءِ ]، چ لاءِ.
پر اهي سڀ ياد ڪرڻ کان سُٺو آهي ته ٻه ٽي ڏينهن لکو. ڀلي منٽ ۾ ڏهه صحيح ڪيز لڳن ته به کوڙ. ڪُجهه ئي ڏينهن ۾ اوهان جي سنڌي جي اسپيڊ انگلش جي برابر هوندي