انٽرنيٽ نه فيس بڪ هلائڻو آهي

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ALI AKBAR SHAR طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2014۔

  1. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    سائين موبائيل وٺ هن ۾ فيس بڪ جي آئي ڊي ۽ سيٽنگ ڪري ڏئي.

    مونکي ڏيو مان چيڪ ڪيان ٿو. ٿوري دير بعد چيڪ ڪرڻ کان پوءِ چيو مانس ته مون انٽرنيٽ جي سيٽنگ ڪري ڇڏي آهي هن بيلنس ويجهرائي اچ انٽرنيٽ پيڪيج ڪري ڏيان ٿو.

    چيائين مونکي انٽرنيٽ نه صرف فيس بڪ هلائڻو آهي.....................
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا فيسبوڪ جو هڪ خاص پيڪج آهي جيڪو سڀني موبائل نيٽورڪس تي ٿي سگهي ٿو، ان جي لاءِ ڪا چارجنگ نه هوندي آهي، ڪنهن دوست کي معلوم هجي ته ونڊ ڪري
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توڙي جو هاڻي ڪافي ماڻهن کي خبر پئجي چڪي آهي ته انٽرنيٽ ڇا هي ٿيندي پر اڃان به ڪي آهي جيڪي انٽرنيٽ کي رڳو کاٻي اک سان ڏسندا آهن.. ;)
    همراه جي جواب مان اندازو ٿيو ته فيس بوڪ جي مشهوري انٽرنيٽ کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي .. ;)
    خير همراه جو جواب هڪ حساب سان سهي به آهي ته ڪجهه نيٽ ورڪ جهڙوڪ ٽيلينار ڪجهه ڏينهن کان رڳو فيس بوڪ هلائڻ لاءِ ڪا به چارجز نه ٿو وٺي .. پر ياد رکڻ گهرجي ته سمارٽ فون وارن لاءِ اهو مٿي ۾ سور پوءِ به موجود آهي ته ٽيلينار تي فيس بوڪ ته مفت ۾ هلائجي پر بيڪ اينڊ تي هلندڙ باقي سروسز کي ڪيئن ختم ڪجي.. اهو ئي سبب آهي جو ٽيلينار فيس بوڪ کي مفت ڪري يوزرس کان ٻيڻ تي چارجز بيڪ اينڊ تي هلندڙ سروسز مان ئي ڪڍيو وڃي..

    باقي جي مست جي سوال تي غور ڪجي ته اهڙا انٽرنيٽ تي فورمز موجود آهي جيڪي مختلف جڳاڙي سيٽنگز ٻڌائيندا رهندا آهن جن ذريعي فيس بوڪ سميت انٽرنيٽ مفت ۾ هلائي سگهجي ٿي.. ۽ جيڪڏهن مهينو ٻه مهينا انتظار ڪجي ته ٿري جي ۽ فورجي اچڻ کان پوءِ اهڙيون سيٽنگس روز بروز لِيڪ ٿينديون رهنديون..;)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو