منهنجو ذاتي طور هڪ پيغام توهان دوستن لاءِ دوستو ٻه نمبر سم جاري ڪرڻ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن جي خلاف آهي ان ڳالهه ۾ سڀ کان سخت ڪمپني ٽيلي نار آهي پر سيل آفيسر ڪميشن حاصل ڪرڻ لاءِ فرنچائزز سان گڏجي ٻه نمبر سمون جاري ڪن ٿا. پي ٽي اي تمام گهڻي سختي ڪئي آهي پر پاڪستان ۾ ٻه نمبر سمون جاري ٿيڻ رڪيون ڪون آهي جاري ٿي رهيون آهن. هاڻ ائين آهي ته ڪا به سم توهان جي نالي ته جاري ٿئي ٿي ته توهان وٽ توهانجي نالي تي هلندڙ سم تي ميسج اچي وڃي ٿو ته ڦيلاڻي سم توهانجي هن شناختي ڪارڊ نمبر تي جاري ٿي آهي ان ڪري توهان اها سم بند ڪرائڻ لاءِ فورن ڪال سينٽر تي ڪال ڪري بند ڪرائي وٺو ٿا. ان لاءِ ٻه نمبر سم جاري ڪرڻ وارن اهيو حل لڌو آهي هاڻ جيڪا به ٻه نمبر سم جاري ڪئي ويندي اها عورتن جي نالن تي ڇو جو 100 مان صرف ڪنهن هڪ عورت جي نالي تي پهرين سم جاري ٿيل آهي. ان ڪري هاڻ جيڪي به پوري پاڪستان ۾ ٻه نمبر سمون جاري ٿي رهيو آهن اهي عورتن جي شناختي ڪارڊ تي جاري ڪيون پيون وڃن. جئين اهي سمون بلاڪ نه ٿين ۽ ڪمپلنز نه ٿين پوءِ هاڻ سب کي هوشيار ٿين کپي