السلام عليڪم دوستو!
اڪثر توهان ڏٺو هوندو ته ڪنهن ويبسائيٽ تي اکر (ٽيڪسٽ) حرڪت ۾ هوندو آهي، جيئن سنڌ ٽي وي وارن جي ويبسائيٽ ۾ خبرون هلنديون رهنديون آهن، کاٻي پاسي کان شروع ٿينديون آهن ۽ ساڄي پاسي تائين ختم ٿي وينديون آهن.
ٽيڪسٽ کي حرڪت ڏيارڻ لا جيڪا ڪوڊنگ استعمال ڪندا آهيون اُن کي مرڪيو MARQUEE چوندا آهن.
توهان مان اڪثر دوستن کي ايڇ ٽي ايم ايل ڪوڊنگ ايندي هوندي ۽ ڪجهه دوست اهڙا به آهن جن کي اچي به نٿي ته پڇڻ کان گهٻرائيندا آهن.. خيئر ڪم جي ڳالهه ڪريان ٿو.
ته اڄ نوٽ پيڊ جي ذريعي ايڇ ٽي ايم ايل ۾ مرڪيو لڳائڻ جو طريقي ڪار اوهان کي سيکاريندس،
سڀ کان پهرين توهان نوٽ پيڊ کوليو يا پنهنجي ويبسائيٽ جو ايڇ ٽي ايم ايل پيج کوليو. مون نوٽ پيڊ کوليو آهي.
هاڻي تصوير ڏانهن غور ڪريو ۽ پو تصوير جي هيٺ ڏنل هدايتن تي عمل ڪريو.
1: ٽيگ شروع ڪريو ۽ اُن ۾ مرڪيو لکو.
2: مرڪيو جي ڊاريڪشن (ترتيب) ڏيو ، مون ڊاريڪشن رائٽ تي رکيو آهي هاڻي منهنجي پيج ۾ اکر ساڄي کان شروع ٿيندا.
3: فونٽ جو ٽيگ استعمال ڪندي فونٽ جي سائيز رکو : (ياد رهي فونٽ جي سائيز 1 کان 7 تائين آهي ).
4: فون واري ٽيگ ۾ اکرن کي ڪلر (رنگ) پنهنجي مرضي مطابق ڏيو ، جيئن مون ڪلر بليو رکيو آهي ۽ پو فونٽ جي ٽيگ کي بند ڪريو .
5: هن حصي ۾ توهان اهو لکو جيڪو توهان پنهنجي ويبسائيٽ متحرڪ ڏيڻ چاهيو. جيئن مٿي ڏنل سنڌ ٽي وي جي ويبسائيٽ ۾ خبرون آهن.
6: هاڻي مرڪيو جي ٽيگ کي بند ڪريو .
انشا الله مرڪيو جي باري ۾ وڌيڪ معلومات اوهان کي سُڀاڻي رات موڪليندس، هيئنر رات ڪافي ٿي چڪي آهي. اکيون ٿڪجي پيون آهن.
اميد ته ٽپ پسند ايندي ، اگر سمجهه ۾ نه اچي ته گهٻرايو نه ٻُڌائڻ لا حاضر آهيان.