ملايشيا مسافر جهاز سمنڊ ۾ ڪري پيو يه وري هائي جيڪ ڪيو ويو. پر هن ٽائيم تائين ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو. جهاز ۾ سوار مسافرن جي فون تي ڪال وڃي رهي آهي پر ڪوئي ڪال ريسيو نه ٿي رهي آهي. آج نيوز جي مطابق ملايشين جهاز ايم ايڇ 370 سومر جي ڏينهن ڪولالمپور کان بيجنگ لاءِ اُڏار ڪئي. پر بيجنگ پوچڻ جو وقت سوير ساڊا ڇهه هو ۽ جهاز کان رابطو 1.30 تي ڪٽجي ويو. جهاز جي حوالي پهرين معلومات فراهام ڪئي پئي وئي ته جهاز سمنڊ ۾ ڪري پيو آهي جڏهن ته هي به خدشو ظآهر ڪيو وڃي ته هائي جيڪ به ٿي سگهي ٿو. جهاز ۾ سوار مسافرن جي مائٽن جڏهن پنهنجي پيارن کي فون کال ڪيون ته فون نمبرن تي رنگون وڃي رهيون هون پر ڪوئي ڪال ڪون گهڻي رهيو هو. متاثر خاندانن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس ان جي عزيزن جي صحيح پوزيشن ٻڌائي سگهي ٿي. متاثرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جهاز سمنڊ ۾ ڪري پيو آهي ته فون ڪال ڪئين وڃي رهيون آهن. اڃ ويٽنام جي قريب لاپتا ٿيڻ واري جهاز کي ڳولڻ وارو ڪم تيزي سان جاري آهي. جنهن ۾ ست ملڪن جا هوائي جهاز ۽ 40 کان وڌيڪ بهري جهاز شامل آهن. پر اڃان تائين جهاز جي حوالي سان ڪوئي پڪي خبر نه ملي سگهي آهي. جهاز ۾ 239 ماڻهن چهڙيل هوا. ٻئي طرف ڪولوراڊو ۾ قائيم سيٽلائيٽ تصاوير سان متعلق اداري ڊجيٽل گلوب چيو آهي انهي ٽوم نوڊ نامي پنهنجي انٽرنيٽ پليٽ فارم کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. جئين ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تائين رسائي رکڻ وارا ماڻهو ملايشيا جي لاپتا مسافرن جي تلاش ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. وائس آف آمريڪا جي مطابق ڪمپني جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ جي غير معمولي ٽريفڪ کي نظر ۾ رکندي اداري فيصلو ڪيو آهي ته انهي مقام جي تصاوير هڪ نئين ڪليڪشن پيش ڪندا جتي هي جهاز لاپتا ٿيو آهي. ڊجيٽل گلوب تمام ماڻهن کي جيڪي وقت ڪڍي سگهن ٿا ۽ اسڪين ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. هنن انن کي اپيل ڪئي آهي ته هو ڪنهن سراغ تائين پهڇڻ لاءِ سمنڊ جي سطح جي تصويرن تي نگاه رکن. گذريل اچر تي ڊجيٽل گلوب ٻين سيٽلائٽن ٿهائي ليڊ جي خليج ۾ تقريبن 2003 مربع ڪلوميٽر جي علائقي جون تصويرون بڻايون جنهن جو رزولوشن عام ڪمپيوٽر اسڪرين کان 20 سيني ميٽر وڏيو آهي. هي تصويرون اداري جي پليٽ فارم دستياب آهن Tomnod.com ڊجيٽل گلوب گذريل سالن جي دوران قدرتي ۽ انساني آفات جي وقت ٿيڻ واري تلاشي ۽ بچڻ واري ڪم ۾ شريڪ رهيو آهي. خصوصي طور تي پوئين سال ٿيڻ واري هائيان نامي سمنڊي طوفان جي دوران فلپينز جي ڪيترائي حصا تباهه ٿي ويا هئا. نجي ملڪيت تي هلڻ واري ڪمپني سيٽلائيٽ چلائيندي آهي. ۽ سرڪاري ۽ نجي صارفين جي هڪ وڏي تعداد کي سهولت فراهام ڪندي آهي جنهن ۾ ناسا ۽ گوگل به شامل آهن
ويت نام جي هوائي جهازن پنهنجي مشين کي فلحال روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ڳولا ڪندڙ ريسڪيو ادارن کي هڪ لاش پڻ ملي آهي جيڪا لائف جيڪٽ پهريل آهي.. ڏينهن وڌندا ٿا وڃن پر ٽيڪنالوجي تي زعم رکندڙ دنيا کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ايڏو سارو جهاز ۽ ان جا مسافر ڪاڏي ويا. ظاهري ڳالهه آهي ته اهو جهاز سمنڊ ۾ نه ڪريو آهي نه ته مسافرن جا فون نه وڃن ها، يا وري انهيءَ جهاز جي ڪنهن شئي جو آثار سمنڊ ۾ ملي وڃي ها... الله هر نفس کي پنهنجي پناهه ۾ رکي، انهن مسافرن جي مائٽن کي شل ڪا سٺي خبر ملي
سچ پچو ته هي وڏو حادثو آهي ٽيڪنلوجي جيڪا شرعات کان پڙهي رهيا آهيون ته ٽيڪنلوجي پوري جهان تي نظر رکي رهي آهي پر هڪ جهاز جو غائب ٿيڻ ۽ ايترا ڏينهن گذرڻ باوجود پتو نه لڳائي سگهڻ وڏي ڳالهه آهي. http://sindhsalamat.com/threads/35822/
ترقي يافته دور جو هي واقعو نهايت عجب ۾ وجهندڙ آهي..!! 239 ماڻهن سميت هڪ جديد دور جو مسافر جهاز غائب ٿي چڪو آهي ۽ ڳولها باوجود سندس ڪا به خبر نه ملي سگهي آهي..!! ملائيشيا جي جهاز کي آسمان کائي ويو ، زمين يا سمنڊ.؟ ڪنهن کي ڪا خبر ئي ناهي...!! هن واقعي کي ڏسندي مونکي گهڻو وقت اڳ برموده ٽرا اينگل سان جڙيل واقعا ياد اچي ويا آهن... بيشڪ دنيا ۾ اهڙا به ڪجهه هنڌ آهن جن بابت اڄ جي ترقي يافته دور ۾ به ڪا گهڻي تفصيلي ڄاڻ حاصل نه ٿي سگهي آهي... انهن جاين تان جيڪو به جهاز (هوائي يا سامونڊي جهاز ) گذرندو آهي ته ماڻهن سوڌو غائب ٿي ويندو آهي ۽ پو ان جو ڪو ڏس پتو به ناهي ملندو...دنيا جي تاريخ انهن عجيب غريب واقعن سان ڀري پئي آهي. پر... ملائيشيا جو هي جهاز ان زون مان به ناهي گذريو پر خبر ناهي ڇو اڃا تائين ڳولهجي ناهي سگهيو...
دنيا ڪيتري به ترقي ڪري ليڪن قدرت سان مقابلو نه ٿي ڪري سگهي. باقي ايڏو وڏي جهاز اگر سمنڊ ۾ ڪري ها ته هاڻ تائين اگر ٻي ڪا شئي ظاهر ٿئي نه ٿئي مگر تيل ضرور ٿورو گهڻو ئي ضرور پاڻي جي سطح تي اچي ها جو تيل پاڻي کان هلڪوٿيندو آهي. باقي برمودا ٽڪنڊي وارا حادثا اڄ به دنيا جي ترقي يافته قومن سائنسدانن لا معمو بڻيل آهن.دنيا اڄ به حيران آهي، تمام گهڻي تحقيق جي باوجود به بي اها تحقيق هڪ سيڪڙو به به نه چُري سگهي آهي. برمودا ۾ ٿيندڙ واقعن تي اڪثر پردو ئي وڌو ويندو آهي جو اهي ان نام نهاد ترقي يافته ادارن ۽ قومن لا اڃان تائين معمو ۽ سوال آهن.
ڪجھ ڏينهن اڳ انهي جهاز جي ٻن مسافرن فون ڪري اطلاع ڏنو هيو ته الحمد لله اسين سلامت آهيون! ڇوجو اسانجا پاسپورٽ چوري ٿي ويا هئا جنهنجي رپورٽ پڻ درج ٿيل آهي
ملائيشيا جي وزير اعظم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جهاز جي سيٽيلائٽ نظام کي خراب ڪري ان کي ڪنهن پائلٽ يا وري ڪنهن ماهر هائيجيڪر اڳوا ڪيو آهي ۽ ڪنهن نامعلوم مقام تي رکيو آهي. جهاز ۾ موجود ٻارڻ ايترو آهي جو ان کي 1600 ڪلوميٽرن تائين اڏائي سگهي ٿو. هوڏانهن آمريڪي ميڊيا اهو شوشو ڇڏيو آهي ته جهاز کي ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان طرف اغوا ڪيو ويو هجي.
ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن جن کي عام ماڻهن کان لڪايو پيو وڃي... جهاز جو رخ ڦيرائڻ ڪنهن عام ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي، هر پيراميٽر جو خيال رکڻو پوي ٿو...
چيو پيو وڃي ته هي جهاز آسٽريليا جي شهر پرٿ کان 2500 ڪلوميٽر پري بحرِ هند ۾ تباهه ٿيو آهي پر اڃان به ثابتي لاء جهاز موڪليا ويا آهن جيڪي موسمي خرابي سبب اتي پهچي ناهن سگهيا. ملائيشيا جي وزير اعظم جهاز جي سمنڊ ۾ تباهه ٿيڻ ۽ سڀني مسافرن جي مري وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ملائيشيا جي گم ٿيل جهاز جي حوالي سان هڪ برطانوي ليکڪ دعويٰ ڪئي آهي ته ملائيشين جهاز کي آمريڪي ۽ ٿائي لينڊ جي مشقن دوران ڪيرايو ويو آهي. گم ٿيل ملائيشين جهاز بابت برطانوي ليکڪ ۽ صحافي نائيجل ڪيٿرون پنهنجي ڪتاب Flight MH370: The Mystery ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪولالمپور کان اڏام ڀريندڙ مسافر جهاز کي آمريڪي ۽ ٿائي گڏيل مشقن دوران غلطي سان تباهه ڪيو ويو. ياد رهي ته ڪولالمپور کان بيجنگ ويندڙ هي مسافر جهاز اٺ مارچ تي گم ٿي ويو هو ۽ ان ۾ 239 ماڻهو سوار هئا، جن مان گهڻا چين جا شهري هئا. سيٽلائيٽ معلومات جي بنياد تي عملدارن جو خيال آهي ته مسافر جهاز پنهنجي رستي کان هٽي گهڻو پري هندي سمنڊ جي ڏاکڻي حصي ۾ ڪري پيو هو. برطانوي ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته واقعو ڏکڻ چين ۾ پيش آيو ۽ جهاز جي هندي سمنڊ ۾ ڳولا ڪئي وئي. اصل جڳهه تي سرچ آپريشن روڪرائڻ لاءِ آسٽريلوي سمنڊ ۾ هڪ ٻيو بليڪ باڪس اڇلايو ويو ته جيئن جاچ ٽيم جو ڌيان هٽائي سگهجي.