اسان جي سوچ پاڳلپڻي جو شڪار آهي،
اسان ڪنن مخصوص آوازَ
پائي رکيا آهن،
هونءَ ٻوڙا آهيون،
اسان پنهنجي زبان کان
ڳالهائڻ جو گهٽ،
ڏنگڻ جو ڪم وڌيڪ وٺندا آهيون،
اسان جي سوچ پاڳلپڻي جو شڪار آهي،
اسان اُٺ ڪتابن جا پڙهيان آهيون
پر اسان جي ساڃاهه ۽ سمجهه
کوهه ۾ پيل ڏيڏر جهڙي آهي.