هر طرف خاموشيءَ جي چادر ڇانيل ، پکي پکڻ به خاموش، انسان به خاموش ۽ خاموش دليون ماڻهن جون، . ڪنهن کي به سوچ نه آئي ته آشا جي گھر جي پرگھور لهي اچي، ڪنهن کي به !؟، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته آشا ڪير آهي ؟ هوءَ آشا جنهن جو وَر ورهين اڳ ويندو رهيو ، پُٽ کي پَر سال گولين سان پروڻ ٿيندي ڏٺائين ۽ پاڻ رهي خاموش ! خاموش ڪيئن نه رهي ها ! ڪنهن شاعر جي چواڻي ته : جي تون ڪُڇندين ماريو ويندين” ته هوءَ به ڪونه ڪُڇي ، لُڇڻ تڙپڻ سان هِن بي حس سماج ۾ ڪجهه ورڻو آهي ئي ڪونه، سو رَهي خاموش.. آشا جي پُٽ کي پَر سال پوليس ڌاڙيل قرار ڏيندي ماري ڇڏيو. آشا جو وَر لاڙ کان اُتر ڏانهن ڏُڪار ۾ روانو ٿيو هو. ڏُڪار !! ڏُڪار هاڻ به آيو آهي. اڳئين ڏُڪار ۾ آشا وٽ مال ملڪيت نه هئي پر هوءَ گھڻي اُداس نه هئي ، وٽس هڪ جوان پُٽ پرويز هو، جنهن جا ڪُلها پنهنجي ماءَ جو بار کڻڻ لاءِ مضبوط هئا. گذريل سال انهن مضبوط ڪلهن ۾ لوهه جون گرم گوليون لاٿيون ويون، آشا خاموش رهي! ....
(منهنجي اڌوري ڪهاڻي مان ورتل سٽون.)
دوستو دعا ڪريو ته مُڪمل ڪري وٺان.
(منهنجي اڌوري ڪهاڻي مان ورتل سٽون.)
دوستو دعا ڪريو ته مُڪمل ڪري وٺان.