ميرپور ڍاڪا ۾ ٿيندڙ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ سريلنڪا با آساني ڀارت جي ٽيم کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ٽاس کٽي سريلنڪا پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.![]()
ورات ڪوهلي شاندار بيٽنگ ڪئي پر ٻئي اينڊ تان بيٽسمين ڪو به ٻوٽو ٻاري ڪونه سگهيا. جڏهن ته آخري پنجن اوورن ۾ ڀارت صرف 19 رنسون ڪري سگهيو. ملنگا، ميٿيوز، هيراٿ شاندار بالنگ ڪئي. ڪوهلي 77 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڀارت مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 130 رنسون ڪيون.
جواب ۾ سنگارا جي شاندار بيٽنگ سبب سريلنڪا آساني سان 18 هين اوور ۾ ڪاميابي حاصل ڪري پهريون دفعو ٽي 20 جو فائنل کٽيو. ياد رهي ته ان کان اڳ به ٻه دفعا سريلنڪا فائنل ۾ پهتي هئي پر کيس شڪست ملي هئي. سنگاڪارا 52 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن ته جي ورڌني 24 رنسون ٺاهيون. مهيلا جي ورڌني ۽ ڪمار سنگاڪارا جي آخري ٽي 20 ميچ هئي.
ورات ڪوهلي کي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر جڏهن ته سنگاڪارا کي ميچ جو بهترين رانديگر نامزد ڪيو ويو.
مڪمل اسڪور بورڊ لاء هت ڪلڪ ڪيو.

ادا سليمان انڊياجي بيٽنگ 15 اوور کانپوء راند سمٍجهه ۾ ن آئي...... مان سري لنڪا جي راند جي ساراهه ڪندس
ٽي ٽوئينٽي ورلڊ ڪپ جي باري ۾ ڪجهه ماهر بنڊتن جي پيشن گوئي اها آهي ته پاڪستان رائونڊ ميچن مان ٻاهر ٿي ويندو..
جڏهن ته هندستان سيمي فائنل ۾ شڪست کائيندو..
۽ ورلڊ ڪپ جو اعزاز سريلنڪا کي ملندو..
اها اڳڪٿي ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ ڪئي ويئي آهي...