سنڌيءَ سميت 13 ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي ڪاميٽي پاران ٺهراءُ منظور
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي جي سڌ سماءَ ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي متفقه طور تي سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي سوڌو 13 مادري زبانن کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ ۽ ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪرڻ ۽ پاليسي جوڙڻ لاءِ لئنگويجز ڪميشن جي قيام جي حق ۾ قرارداد منظور ڪري ورتي آهي، ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ ڄاڻايل ڪاميٽي جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌي، سرائيڪي، پشتو، پنجابي، بلوچي، ڪشميري، هندڪو، براهوي شينا، پهاڙي، بلتي، بروشڪي، خاور ٻولين جي ماهرن، اديبن، پروفيسرن پنهنجي پنهنجي ٻولي بابت بريفنگ ڏيندي انهن ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ ۽ انهن جي ترقي لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن بعد ڪاميٽي جي چيئرپرسن اجلاس ۾ 10 نقاطي قرارداد پيش ڪئي، جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو، منظور ٿيل قراراد ۾ چيو ويو آهي ته هي ڪاميٽي سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، پشتو، بلتي، بروشڪي، براهوي، هندڪو، خاور، ڪشميري، پهاڙي ۽ شينا زبانن جي اهميت کي تسليم ڪري ٿي ۽ چوي ٿي ته انهن زبانن کي ختم ٿيڻ نه ڏنو ويندو، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ مادري زبانون پاڪستان جون ٻوليون آهن، اهي علائقائي ٻوليون نه آهن، هي ڪاميٽي تسليم ڪري ٿي ته انهن کي قومي ٻولين جو درجو ملڻ گهرجي، انهن زبانن کي قومي ٻولين جو درجو ملڻ سان ملڪ اندر احساس محرومي، تعصب جو ماحول ختم ٿيندو، بين الصوبائي هم آهنگي پيدا ٿيندي، ڪاميٽي اهو به تسليم ڪري ٿي ته اهي ٻوليون پاڪستان جو اثاثو آهي،، انهن کي قومي ٻولي جو درجو ملڻ سان تعليم، سکيا ۽ پيداواري هدفن ۾ اضافو ٿيندو ۽ انهن کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ قومي ترقي لاءِ انتهائي ضروري آهي، هي اجلاس قومي ٻولين لاءِ ڪميشن جي قيام جي حمايت ڪري ٿو، جيڪا ڪميشن دنيا ۾ مروج طريقي موجب فيصلو ڪندي ته ڪهڙين ٻولين کي پاڪستان ۾ قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي، اها ڪميشن سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪري ٻولين جي ترقي بابت پاليسي مرتب ڪندي ۽ رٿابندي ڪندي، هي ڪاميٽي پاڪستان ٺهڻ کان مادري ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪندڙن جي ڪم کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي ان جي تعريف ڪري ٿي ۽ عهد ڪري ٿي ته ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جلد کان جلد موجوده اسيمبلي جي دور ۾ ئي بل آندو ويندو، ڪاميٽي عهد ڪري ٿي ته ملڪ اندر خطري هيٺ ٻولين جو تحفظ ڪيو ويندو، هي قرارداد قومي اسيمبلي سوڌو قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري ڪاميٽي ڏي به اماڻڻ جو ڪاميٽي فيصلو ڪري ٿي جيئن ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ واري بل تي هن قرارداد جي روشني ۾ غور ڪيو وڃي، ماروي ميمڻ چيو ته وزيراعظم جي ٿورائتي آهيان، جنهن منشور ۾ ٻولين لاءِ ڪميشن جي قيام جو مامرو شامل ڪيو، ان کان اڳ اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ملاح چيو ته سنڌ اسيمبلي 1972ع ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري زبان جو درجو ڏيڻ لاءِ بل منظور ڪيو، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشاق ڦل چيو ته سنڌي سوڌو سڀ ٻوليون خوبصورت آهن، سنڌي سوڌو ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان کي ملڪ خلاف تصور ڪيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ نجي اسڪولن مان سنڌي کي خارج ڪيو ويو آهي، هاڻي ٻارڙن کي سنڌي پڙهائڻ جو رستو نه ملي رهيو آهي، هن اجلاس جي ڪارروائي ڏسي لڳي ٿو ته سنڌي سوڌو ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ وارو خواب پورو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته خدا ڪري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ وارو بل قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ نه وڃي، سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر نذر محمد ڳاهي چيو ته پاڪستان ٺهڻ بعد 4 لک سنڌي هندو ڀارت ويا، سنڌي ٻولي کي اتي قومي ٻولي جو درجو مليل آهي، انگريزن 1853ع ۾ سنڌي کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو، سنڌي 1959ع تائين صوبي جي سرڪاري زبان رهي، ايوب خان 1959ع ۾ هڪ آرڊر ذريعي سنڌي جو اهو مقام کسي ورتو، جنهن بعد 1972ع ۾ ذوالفقار ڀٽو جي دور ۾ سنڌ اسيمبلي 1972ع ۾ بل منظور ڪري سنڌي کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو، بنگالين جي ٻولي کي تسليم نه ڪرڻ غلطي هئي، بنگالين ڪري 21 فيبروري تي دنيا ۾ ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، شاهه عبداللطيف چيئر جي ڊائريڪٽر پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته ملڪ جي چئني صوبن اندر سنڌي کي ئي اعزاز حاصل آهي، جنهن کي سرڪاري ٻولي جو درجو مليل آهي، سنڌي ڳالهائيندڙ 4 ڪروڙ ماڻهو ملڪ ۾ رهن ٿا، 30 لک سنڌي ڳالهائيندڙ ملڪ کان ٻاهر رهن ٿا، سنڌي ٻولي ۾ روزانو 30 اخبارون نڪري رهيون آهن، روينيو قانون انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانه جا 8 واليم به شايع ٿيل آهن، هن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد کانسواءِ سنڌ اندر قائم مڙني ٿاڻن تي سنڌي ۾ رپورٽون داخل ٿين ٿيون، روينيو رڪارڊ به سنڌي ۾ ملندو آهي، 1960ع تائين اسٽيٽ بئنڪ جا فارم انگريزي سان گڏ سنڌي ۾ به شايع ٿيندا هئا، سڌ سماءَ ۽ قومي ورثي بابت ڪاميٽي جي ميمبر سيد امير علي شاهه ڄاموٽ چيو ته سنڌي سوڌو ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ گذريل اسيمبلي دوران بل پيش ڪيو جيڪو منظور نه ٿي سگهيو، هن چيو ته جيڪو ٻولي جي ڳالهه ڪري ٿو ان کي غدار تصور ڪيو وڃي ٿو، اسان اردو خلاف نه آهيون پر ٻين زبانن جو به قتل نه ڪيو وڃي، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي ڳالهه ڪرڻ تي غدار نه سڏڻ گهرجي،عمران ظفر لغاري چيو ته علائقائي زبانن کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ جلد کان جلد ڪم مڪمل ٿيڻ گهرجي، ڪاميٽي ميمبر نعيم ڪشور چيو ته پرائمري تعليم مادري ٻولي ۾ پڙهائڻ گهرجي پر ان حوالي سان سنڌ کانسواءِ باقي ڪنهن به صوبي ۾ پيشرفت نه ٿي آهي، گجرات يونيورسٽي جي ڊاڪٽر نظام الدين چيو ته پنجابي ٻولي سان زيادتي پاڻ پنجابين ڪئي آهي، پنجابي نه ٻولي ڳالهائين ٿا نه ٻولي ۾ تحرير ڪن ٿا، پنجابي ٻولي ۾ شاعري ۽ ادب جو حوالو چار سئو سال پراڻن لکيل ڪتابن جو ڏيڻو پوي ٿو، پنجابي ٻولي کي پوئتي ڪرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏوهه پنجابين جو آهي، اردو جي ترقي ۾ پنجابين ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڪاوش رپورٽ