ظلم جي ساٿ ڏيڻ تي نقصان انهي خلاف بيهڻ جي نقصان کان ڏهه دفعا وڌيڪ آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2014۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جڏهن انساني سماج مان انساني قدر تنزلي جو شڪار هُجن ته اهي سماج وحشي سماجن کان به بدتر ٿي ويندا آهن.
    جنهن سماج ۾ انساني قدر نه هجن اهي سماج مذهبي سماج نه ٿا ٿي سگهن. مذهبي سماج انساني قدرن جي ترقي جو اڳيون ڏاڪو هوندا آهن. يعني مذهبي سماجن لاءِ ضروري آهي ته پهريان اهي سماج انساني سماج هجن. انفرادي نظر سان هڪ مذهب پرست لاءِ ضروري آهي ته پهريان هو انسان هجي اهڙي ريت مذهب لاءِ پهريان انسان هجڻ ضروري آهي. انسان اهو آهي جنهن ۾ ضمير زنده هجي ورنه هو جانور کان بدتر آهي.
    انساني سماج ۾ ضمير جي حڪمراني هوندي آهي جتي ضمير جي حڪمراني ناهي هوندي آهي اتي انسان نما حيوانن جي آزارن جي ڪا حد ناهي هوندي. ياد رهي انساني شڪل واري حيوان جا سور انتهائي تڪليف ده هوندا آهن. ان جي بد اعتدالي جا اثر الله جي هر مخلوق تي پوندا آهن.ان کان جانور وڻ ٽڻ پکي پُکڻ وغيره سڀ متاثر ٿيندا آهن. ائين نه ٿو چئي سگهجي ته ان جي متاثرين ۾ فقط ڪوهڪ انساني سماج هوندو آهي. جڏهن هي وحشت پڻي جو مظاهرو ڪندو آهي ته ان جا اثرات اوهان ڪائنات جي هر مخلوق تي يقينن محسوس ڪندؤ.
    اڄ اسان جنهن سماج جو حصو آهيون اهو سماج تباهه و برباد سماج آهي. يعني ان سماج جي ظلم کان درنده به پناه گهرن ٿا. اسان جي سماج جي هن ظلمت ۾ هر هڪ برابر جو شريڪ آهي.
    ظلم ان لاءِ وڌندو پيو وڃي جو ڪو به انهي جي خلاف اٿڻ لاءِ تيار ناهي اهو ئي سبب آهي ته جيڪو اڄ ظالم کي پسند نه ٿو ڪري اهو ان ڪري ان جي ناپسنديدگي جو اظهار ڪري رهيو آهي جو ان ظلم تي ان جو وس نه ٿو پُڄي. پر اهو ئي ماڻهو جڏهن بااختيار ٿو ٿئي ته ان جي روش به ساڳي آهي جي سوال ڪيو ته جواب اهو اهي ته ٻين ڪيو پئي اڄ جي مان ڪريان ٿو ته ڇا مسئلو آهي منهنجي روش به اها ئي آهي جيڪا پهرين جي هئي. يعني ظلم تي روئڻ ان لاءِ ناهي ته اهو ظلم آهي پر ان لاءِ آهي ته ظلم تي اختيار ناهي . ظلم تي روئيندڙ جڏهن صاحبِ اقتدار ٿيندا ته ساڳيو ڪم ڪندا جنهن کي هو پهريان ناپسند ڪن پيا.
    ظالم ان لاءِ مسلسل سرڪشي ڪري رهيو آهي جو ظلم جي خلاف قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته تاريخ شاهد رهي آهي ته,
    ظلم جو ساٿ ان جي دشمني کان وڌيڪ نقصان ڪار هوندوآهي انسان جيترو نقصان ظلم جي ساٿ ڏيڻ ۾ کڻندو آهي جي ظلم جي دشمني تي اٿي ها ته ان جو ڏ
    هون حصو به پنهنجو نقصان نه ڪري ها.

    اڄ اسان پنهنجي جنهن سماج جي حالت ڏسي رهيا آهيون ته هتي نه عزت محفوظ آهي نه غيرت محفوظ آهي نه جان نه مال ، ادارا تباهه آهن عدل و انصاف ظالم جو ڀرجهلو آهي. هتي عزت جو قاتل آزاد آهي ۽ پنهنجي حق لاءِ مجبور و لاچار پنهنجي پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ٿو. هر روز نيون بيماريون جنم وٺي رهيون آهن. گهر کان نڪرندڙ بدامني جي ڪري پنهنجي ٻچن کي گهران نڪرندي حسرت ۽ آس سان ڏسي نڪري ٿو ته وري الائي واپس ٻچن سان ملاقت ٿيندي الائي نه . نياڻين کي اسڪول موڪلڻ لاءِ دل مطمئن ناهي ان جي ۽ جڳ ته انهن جي عزتن کي خطرو آهي هن ملڪ ۾ ڏڪار بيماريون مٿي تي چڙهي چُڪيون آهن ان جو سبب ظلم جي معاشرتي تابعداري آهي. هنن ظلام حڪمرانن کان ڪير پُڇڻ وارو ناهي اڄ ماضي جي گندگي تي جيترو زور ڏنو ٿو وڃي جي ان جي بدلي ۾ ماضي جي زلالتن کي نگاه ۾ رکندي موجوده ظلمتن تي نگاهه رکي وڃي ها ته ايتري قتل و غارت نه ٿئي هي عزتون ائين پامال نه ٿين ها ڏڪار سبب مانهون نه مرن ها . اهو ئي سبب آهي ته پنهنجي پنهنجي اختيار مطابق هرڪو ظلم جو بادشاھ بڻيو ويٺو آهي.
    ياد رهي جيسيتائين ظلم کي ظلم چوڻ جي جرئت پيدا نه ٿي ٿئي تيسيتائين هن ظلم کي ظلم کان روڪڻ لاءِ نه فرشتا نازل ٿيندا نه ڪا غيبي مدد ايندي ها جي ڪو هن ظلم خلاف اٿي ته الاهي غيبي مدد به ايندي ته يقينن فرشتن زريعي سان به الله مدد ڪندو.
    وسلام
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بيشڪ سائين ڪنهن مرحلي تي هڪ وڏي قرباني گهُرجي ٿي جڏهن روايتن جي پاسداري ڪندي مزو وٺڻ بجاءِ تنقيد سهي ڏاڍ سان منهن ڏيئي قرباني ڏيڻي پوندي. اڄ جي دؤر ۾ بلڪل ايئن آهي ته هڪ فرد سڄو ڏينهن گورنمنٽ ۾ موجود حڪمرانن کي گاريون ڏئي ٿو پر جڏهن کيس سيٽ ٿي ملي ۽ ساڳيا ڪم ڪري ذاتي فائدن کي عمومي مفادن تي ترجيح ڏي ٿو ته سڀ پنهنجا ويجها ئي بيوقوف ٿا سڏينس.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام ڪارائتي لکڻي ... بلڪل سچيون ڳالهيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    اڄ منهنجي هڪ ڊاڪٽر سان ملاقات ٿي مون ان کان هڪ سوال ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب ڇا مغربي دنيا ۾ بارن م پيدائشي طور تي معذوري جو انگ اسان کان وڌيڪ آهي يا گهٽ؟ ته ڊاڪٽر صاحب مسڪرائيندي چيو ڏاڏل ميان مسلمان ملڪن ۾ ان بيماري جو انگ غير اسلامي ملڪن جي بنسبت 99 ڀيرا وڌيڪ آهي.
    مون چيو ائين ڇو آهي ته ان ڊاڪٽر جو صرف هڪڙو جواب هو ته انهن وٽ مذهب آهي الائي نه پر هڪ ڳالھ ضرور آهي ته انهن وٽ انسانيت آهي بيشڪ اها عالمگير ناهي پر انهن جي پنهنجي سماج لاءِ ڪافي آهي هو پنهنجي سماج سان سچا آهن .
    آءُ ڪافي دير تائين ان جواب تي سوچيندو رهيس ته ڇا واقعي ائين آهي مونکي سمجھ ڪُجھ نه آيو بس مولوي صاحب جي هڪ ڳالھ ياد آئي ته مولوي صاحب چيو هو جيڪو مسلمان ناهي ان ۾ انسانيت ناهي. مون ۾ ايتري جرئت ان وقت نه هئي ته مولوي صاحب کان سوال ڪريان ته جتي انسانيت ناهي ڇا اتي اسلام آهي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    اسان مسلمانن مان اجتماعيت ختم ٿي وئي آ ، ھاڻي اسان صرف انفرادي سوچ تي وڃي بيٺا آھيون. . . دنيا ۾ اڌ کان وڌيڪ مسلمان ملڪ آھن، ۽ وري انهن مان اڌ کان وڌيڪ امير ترين ملڪ . . . پر ان جي باوجود مسلمان ملڪن جا ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رھيا آھن :( ۽ امير مسلمان ملڪن جا امير حڪمران عياشين ۾ غرق. . . :mad:
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جڏهن اسان جا حڪمران عياش اهن ته پوءِ هي حال ته ٿيڻا آهن.
    حڪمرانن جي خرابي جي ڪري سڄو سماج تباه ٿي چڪو آهي اسان عذاب اڃان ڪو ايندو کي سمجهون ويٺا جڏهن ته اسان جو سماج عذاب مان گذري ريهو آهي .
    جاڏي پير تاڏي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    دوستن جي پسند ڪرڻ جون مهربانيون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو