ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
جڏهن انساني سماج مان انساني قدر تنزلي جو شڪار هُجن ته اهي سماج وحشي سماجن کان به بدتر ٿي ويندا آهن.
جنهن سماج ۾ انساني قدر نه هجن اهي سماج مذهبي سماج نه ٿا ٿي سگهن. مذهبي سماج انساني قدرن جي ترقي جو اڳيون ڏاڪو هوندا آهن. يعني مذهبي سماجن لاءِ ضروري آهي ته پهريان اهي سماج انساني سماج هجن. انفرادي نظر سان هڪ مذهب پرست لاءِ ضروري آهي ته پهريان هو انسان هجي اهڙي ريت مذهب لاءِ پهريان انسان هجڻ ضروري آهي. انسان اهو آهي جنهن ۾ ضمير زنده هجي ورنه هو جانور کان بدتر آهي.
انساني سماج ۾ ضمير جي حڪمراني هوندي آهي جتي ضمير جي حڪمراني ناهي هوندي آهي اتي انسان نما حيوانن جي آزارن جي ڪا حد ناهي هوندي. ياد رهي انساني شڪل واري حيوان جا سور انتهائي تڪليف ده هوندا آهن. ان جي بد اعتدالي جا اثر الله جي هر مخلوق تي پوندا آهن.ان کان جانور وڻ ٽڻ پکي پُکڻ وغيره سڀ متاثر ٿيندا آهن. ائين نه ٿو چئي سگهجي ته ان جي متاثرين ۾ فقط ڪوهڪ انساني سماج هوندو آهي. جڏهن هي وحشت پڻي جو مظاهرو ڪندو آهي ته ان جا اثرات اوهان ڪائنات جي هر مخلوق تي يقينن محسوس ڪندؤ.
اڄ اسان جنهن سماج جو حصو آهيون اهو سماج تباهه و برباد سماج آهي. يعني ان سماج جي ظلم کان درنده به پناه گهرن ٿا. اسان جي سماج جي هن ظلمت ۾ هر هڪ برابر جو شريڪ آهي.
ظلم ان لاءِ وڌندو پيو وڃي جو ڪو به انهي جي خلاف اٿڻ لاءِ تيار ناهي اهو ئي سبب آهي ته جيڪو اڄ ظالم کي پسند نه ٿو ڪري اهو ان ڪري ان جي ناپسنديدگي جو اظهار ڪري رهيو آهي جو ان ظلم تي ان جو وس نه ٿو پُڄي. پر اهو ئي ماڻهو جڏهن بااختيار ٿو ٿئي ته ان جي روش به ساڳي آهي جي سوال ڪيو ته جواب اهو اهي ته ٻين ڪيو پئي اڄ جي مان ڪريان ٿو ته ڇا مسئلو آهي منهنجي روش به اها ئي آهي جيڪا پهرين جي هئي. يعني ظلم تي روئڻ ان لاءِ ناهي ته اهو ظلم آهي پر ان لاءِ آهي ته ظلم تي اختيار ناهي . ظلم تي روئيندڙ جڏهن صاحبِ اقتدار ٿيندا ته ساڳيو ڪم ڪندا جنهن کي هو پهريان ناپسند ڪن پيا.
ظالم ان لاءِ مسلسل سرڪشي ڪري رهيو آهي جو ظلم جي خلاف قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته تاريخ شاهد رهي آهي ته,
ظلم جو ساٿ ان جي دشمني کان وڌيڪ نقصان ڪار هوندوآهي انسان جيترو نقصان ظلم جي ساٿ ڏيڻ ۾ کڻندو آهي جي ظلم جي دشمني تي اٿي ها ته ان جو ڏهون حصو به پنهنجو نقصان نه ڪري ها.
اڄ اسان پنهنجي جنهن سماج جي حالت ڏسي رهيا آهيون ته هتي نه عزت محفوظ آهي نه غيرت محفوظ آهي نه جان نه مال ، ادارا تباهه آهن عدل و انصاف ظالم جو ڀرجهلو آهي. هتي عزت جو قاتل آزاد آهي ۽ پنهنجي حق لاءِ مجبور و لاچار پنهنجي پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ٿو. هر روز نيون بيماريون جنم وٺي رهيون آهن. گهر کان نڪرندڙ بدامني جي ڪري پنهنجي ٻچن کي گهران نڪرندي حسرت ۽ آس سان ڏسي نڪري ٿو ته وري الائي واپس ٻچن سان ملاقت ٿيندي الائي نه . نياڻين کي اسڪول موڪلڻ لاءِ دل مطمئن ناهي ان جي ۽ جڳ ته انهن جي عزتن کي خطرو آهي هن ملڪ ۾ ڏڪار بيماريون مٿي تي چڙهي چُڪيون آهن ان جو سبب ظلم جي معاشرتي تابعداري آهي. هنن ظلام حڪمرانن کان ڪير پُڇڻ وارو ناهي اڄ ماضي جي گندگي تي جيترو زور ڏنو ٿو وڃي جي ان جي بدلي ۾ ماضي جي زلالتن کي نگاه ۾ رکندي موجوده ظلمتن تي نگاهه رکي وڃي ها ته ايتري قتل و غارت نه ٿئي هي عزتون ائين پامال نه ٿين ها ڏڪار سبب مانهون نه مرن ها . اهو ئي سبب آهي ته پنهنجي پنهنجي اختيار مطابق هرڪو ظلم جو بادشاھ بڻيو ويٺو آهي.
ياد رهي جيسيتائين ظلم کي ظلم چوڻ جي جرئت پيدا نه ٿي ٿئي تيسيتائين هن ظلم کي ظلم کان روڪڻ لاءِ نه فرشتا نازل ٿيندا نه ڪا غيبي مدد ايندي ها جي ڪو هن ظلم خلاف اٿي ته الاهي غيبي مدد به ايندي ته يقينن فرشتن زريعي سان به الله مدد ڪندو.
وسلام